بلاگ

ڊاڪٽر عرساڻي بحيثيت نثر نويس ۽ ھڪ نقاد

ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي جي پنجين ورسيءَ جي مناسبت سان

جڏهن کان دنيا وجود ورتو آهي، تڏهن کان هر زندگي پنهنجو ڪردار ادا ڪري هن کيل منجهان غائب ٿي ويندي آهي. ڪن ڪردارن جو حصو ڀرپور هوندو آهي ته ڪي وري مهمان اداڪار جي حيثيت سان پنهنجو وارو وٺي ويندا آهن، پر اهي ڪردار امر ٿي ويندا آهن، جن پنهنجي زندگيءَ جو هرهڪ پل اسٽيج تي رهي گذاريو هوندو آهي. هر ڏينهن اهڙين شخصيتن سان ڀريو پيو آهي، جن جو عمل هن دنيا جي سڃاڻپ ٿي اڀريو آهي.  اسين اڪثر پنھنجي ڪچھرين ۽ محفلن ۾ شخصيتن جي عمل ۽ ڪردار تي نظر وجھندا آھيون. اھڙن فردن جي ھميشه ولوڙ رھندي آھي، جيڪي شخص ڳولھا ڦولا ۽ دريافت جا گھرجائو ھوندا آھن. اڄ به اھڙي شخصيت جو ڏينھن آھي، جنھن جي ڪم ۽ ڪردار تي ڳالھائڻ پنھنجو فرض سمجھون ٿا. ڇاڪاڻ ته زندہ قومون ھميشه پنھنجي محسنن کي نه صرف ياد رکنديون آھن، پر انھن جي ڏاھپ، حڪمت ۽ ڪارج تي تحقيق ڪري ان جي مختلف پھلوئن کي ايندڙ نسل جي سامھون آڻينديون آھن. جيئن انھن ئي شخصيتن مان اتساھه حاصل ڪري پنھنجي سماج کي اڳيان وڌڻ ۽ سوچڻ جي ترغيب عطا ڪري سگھون. اڄ سنڌي ٻوليءَ جي عظيم نقاد ۽ تعليمدان ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي جو ڏينھن آھي، اڄ اسين سندس پنجين ورسي ملھائي رھيا آھيون. اڄوڪي ڏينھن جي مناسبت سان مون ضروري سمجھيو ته سائين جي ڪم تي ڪجھ تحرير ڪري پنھنجي پڙھندڙن سامھون آڻيان. مون ڪجھ سال اڳ ھڪ محفل ۾ سائين عرساڻي جي ڪم تي ڪجھ لفظَ پڙھيا ھئا، انھن ئي لفظَن کي تحريري شڪل ۾ آڻي سائين کي ڀيٽا پيش ڪريان ٿو. اميد ته پڙھندڙن کي ڊاڪٽر عرساڻي جي ڏاھپ، حڪمت ۽ سندس ڪيل قلمي پورھئي جي ڀليءَ ڀت ڄاڻ پوندي.

ڊاڪٽر عرساڻيءَ جي شخصيت تي ڳالھائڻ جي شروعات آئون ٻن شاعرن کان ڪندس، هڪڙو عمر خيام ۽ ٻيو ڀٽائي، مقصد ٻنهي جو ساڳيو هو، عمر خيام چيو آھي: ”مقدمي ۾ تنهنجي ڪچهري ٻڌڻ ئي منهنجي لاءِ سڀ ڪجھه آهي، توسان مخاطب ٿيڻ منهنجي لاءِ ڪافي آهي، جڏهن ته آئون مسيت ۾ وڃان ۽ تنهنجو منهن ڏسڻ کان محروم رهان“ ٻئي ھنڌ چيو آھي ته، ”او ابتدا ۽ انتها جا سائين، هن ڪل ڪائنات جي سڀني مخلوقات ۾ اهو تون ئي آهين جيڪو منهنجي اندر ۾ خوشي عطا ڪري ٿو.“ ڀٽائي انهيءَ مقصد ۾ چيو آھي: ”صحبت سپيريان ٻي ڪا وڏي حاج… قضــا ڪــر نمـاز، وقت ورائي ويجھڙو.“ ڊاڪٽر عرساڻيءَ جي اسان کي صحبت ملي ۽ اسان ان صحبت کي ايئن ئي محسوس ڪيو، جيئن عمر خيام ۽ ڀٽائي جي شاعري ۾ بيان ٿيل آھي. ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي جي زندگي تمام ڀرپور ۽ جامع گذري آھي، سائين جي زندگيءَ تي نظر وجھجي ته ويھن کان وڌيڪ ڪتاب، ٽي ڊراما، ھڪ ھزار کان وڌيڪ آرٽيڪل، ھڪ ڊزن کان وڌيڪ تعليمي ادارا ۽ ادبي ۽ تعليمي ميدان ۾ اڻ ڳڻيون خدمتون! سندس زندگيءَ جي مختلف پھلوئن تي لکڻ ويھجي ته ڪتاب لکجي وڃن، پر آئون سندس ورسيءَ جي مناسبت سان سندس صرف ٻن پھلوئن تي ڪجھ لکندس ھڪ ”نثر“ ۽ ٻي ”تنقيد“

عرساڻي صاحب جڏھن نثر لکي ٿو ته اھو اسان کي شاعراڻو يا مصوراڻو نثر لڳي ٿو، انگريزي ادب ۾ ھڪڙي شاعري آھي، جنھن کي اسين چاسر جي شاعري چوندا آھيون. ان شاعري ۾ پورو سماج جو عڪس چٽيو ويندو آھي يعني زندگي ۽ سماج جو ڊجيٽل عڪس. ڊاڪٽر عرساڻي پنھنجي نثر ۾ زندگي ڪيئن ٿي گذري اھو لفظن ۾ لاھڻ ۽ لفظن کي زندگي عطا ڪرڻ وارو فن خوب ڄاڻي ٿو. سماج ٽرانسفارم ڪيئن ٿو ٿئي، معاشرو ھڪ شڪل کان ٻي شڪل ۾ تبديل ڪيئن ٿو ٿئي، ڊاڪٽر عرساڻي اھڙي خوبصورت نثري انداز ۾ لکي ٿو ته اھو اسان کي شاعراڻو ۽ مصوراڻو نثر محسوس ٿئي ٿو. اھا خوبصورتي صرف عرساڻي صاحب جي آھي. جيڪا شايد ئي ڪنھن ليکڪ اندر ڏسڻ ۾ ايندي.

سندس ڪتاب ”دل جي ڳالهه“ ۾ ڏاڍا خوبصورت مضمون آهن، هن ڪتاب ۾ سائين لائيٽ ايسيز تحرير ڪيا آھن. انھن کي چئبو ته لائيٽ ايسيز آھي، پر ان کي ھر عام ماڻهو لکي ناهي سگهندو، سَڌَ سڀ ڪو ڪري سگهي ٿو ته اھو مان به لکي سگهان ٿو، پر جڏهن پين کڻندو آهي ته ان جي به پين بيهو وڃي، ان جو سبب اهو آهي ته ان ۾ ڪورو عرق شامل هوندو آھي. جيڪو هن زندگي ڀر حاصل ڪيو آهي يا پنهنجي زندگي جو نچوڙ جيڪو هوندو آهي اهو ان هڪ مضمون جي صورت ۾ ڏيندو آهي. مثال سائين جو هڪ مضمون آهي ”گهر“، سائين عرساڻي صاحب جڏھن ان گهر جي ڳالهه ڪئي آھي تہ اهو واقعي فقط ئي فقط ائين نج خالص صرف لفظن جو ڍير محسوس نٿو ٿئي، پر ان ۾ ادبي ڍڪ به رکيل آهي، خوبصورتي به رکيل آهي ۽ ساڳي جڳهه تي اهو ڊجيٽل عڪس آھي جيڪو گذريل وقت جو گهر هو ۽ هن وقت جو به گهر آهي، عرساڻي صاحب چوي ٿو ته:

”اڄوڪا گهر ڪنوار وانگر حجاب جو پردو رکن ٿا، اڳين گهرن ۾ بيٺڪون ۽ ڪمرا هڪ سمان هوندا هئا جن ۾ سڀئي فرد گڏجي اٿند ويهندا هئا، اونهاري ۾ اڱڻ ۽ سياري ۾ صُفا سڀني تائين جي سمهڻ لاءِ هوندا هئا، پر هاڻوڪن گهرن ۾ هر مشغولي جا مخصوص ڪمرا ٿين، اڳوڻن گهرن جو ساهه پساهه اڱڻ هوندا هئا، جن سان آسون اميدون جاڳنديون هيون، جن کي سنڌي ثقافت ۾ لاڏا هوندا هئا ته اهي اڱڻ منهنجي لاڏل جا وسندا!“

اها آهي مصوري يعني پينٽ جنهن ۾ اسان کي محسوس ٿو ٿئي ته ڪلچر ڪيئن تبديل ٿيندو پيو وڃي مان ان کي چوندو آهيان ته هي مصوراڻو نثر آهي، هي شاعراڻو نثر آهي، جنهن  ۾ شاعري جو چس به ايندو ته ساڳي جڳهه تي اسان کي سماج جو عڪس به ملندو!

سائين عرساڻيءَ جي ڪتاب ”دل جي ڳالھ“ ۾ حيدرآباد تي خاص ڪري ٻه موضوع مليا، هڪڙو ”ڦليلي“ ۽ ٻيو ”گنجو گام“ دراصل ”ڦليلي ۽ گنجو گام“ ٻنهي تي گڏيل مضمون آهي. اصل ۾ اها ڦليلي ڪاليج تي تقرير آهي، جنهن کي ڊاڪٽر عرساڻي ڪاليج جي گولڊن جوبلي جي موقعي تي تحرير ڪيو ھو. هن وقت ڦليلي ڪاليج ڪاري موري سڏيو ٿو وڃي. سرڪاري فائلن ۾ خبر ناهي ڪهڙي نالي سان سڏجي ٿو، پر سائين اسان کي ان جي ٽن نالن کان شناسا ڪيو آھي. هڪڙو شروع ۾ جيڪو نالو ٻڌايو آهي اهو ”سنڌ نيشنل گورنمينٽ ڪاليج“، آھي. ان بعد ان ڪاليج جو نالو ”گورنمينٽ ڊي جي ڪاليج“ رکيو ويو تنھن کانپوءِ صرف ”گورنمينٽ ڪاليج“ نالو رکيو ويو. اهي تاريخ جا سڀ خوبصورت لمحا اسان کي عرساڻي صاحب جي لکيل مضمونن ۾ پڙهڻ لاءِ ملن ٿا. ڇو جو سائين عمر جو ڪافي عرصو انهيءَ ڪاليج کي ڏنو، بهرحال سائين جي جيڪا خواهش هئي اها آڏو رکجي ٿي ته ڦليلي ڪاليج صرف ئي صرف ڦليلي جي نظاري لاءِ رکيو ويو، جيئن استاد ۽ شاگرد ذهني سڪون ۽ بهتر ماحول ۾ علم ۽ آگاهي کان واقف ٿي سگهن، هي ڪاليج 1917ع ۾ قائم ڪيو ويو هو ان جي ٿوري عرصي کانپوءِ اداري کي جوڙيندڙن وڏي ڇنڊ ڇاڻ کانپوءِ ان کي لب ڦليلي تي قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. تڏهن وڃي استادن ۽ شاگردن کي قلب جو سڪون حاصل ٿيو. هنن کي سکيا لاءِ اهڙو گوشو ملي ويو جنهن جي فطرت سان قربت هئي ۽ هو شهر کي به نزديڪ هو، ٻيو ته هتي قدرت جي حسن ۽ نکار سان ڀرپور باغ به هئا، پاڻيءَ جو روان دوان وهڪرو به اتي جو اتي هو، بس قدرتي طور اهڙو ماحول هو جتي شاگرد دلچسپيءَ سان علم جي وسعتن ۾ گم ٿي ويا.

ڀٽائي چوندو آهي ته لانگڙيا هر دور جا حساس ماڻهو هوندا آهن. اهي هر دور جي تبديل ٿيندڙ حالتن تي اسٽيٽ ٿي رهندا آهن، جيئن ڀٽائي چوي ٿو ته: ”هاڻي وڃي جي وهر وراڪا ڏئي“، انگريزي زبان جو تمام وڏو شاعر گولڊ سمٿ هو جيڪو پنج پائونڊ، هڪ بانسري ۽ هڪ ايڪسٽرا شرٽ کڻي يورپ ۾ پنڌ ئي پنڌ گهمندو رهيو ان کانپوءِ جڏهن هو موٽيو هو ته هن شعر لکيو پنھنجي پياري ڳوٺ ”آبرن“(Auburn)  تي جنھن جو عنوان آھيThe Descried Village  (ويران ٿيل ڳوٺ) اها ساڳي ڳالهه ڪارل به ڪئي آهي ته هي ڳوٺ تباهه ٿئي ٿو، اها اسان کي ٽالسٽاءِ وٽان به ملي ٿي، اها ساڳي ڳالهه اسان کي مهاتما گانڌي وٽان به ملي ٿي، روسو وٽان به ملي ٿي جنهن جو نعرو ئي هوBack to Nature  يعني فطرت جو واپس ٿيڻ، جنهن مان رومانس ڦٽي نڪتو جنهن کي اسين رومانيت چئون ٿا. اهو ساڳيو ئي احساس عرساڻي صاحب جو به آهي بس رڳو فرق ايترو آهي جو اسان سياسي طور ايترا سگهارا نه آهيون يا طبعي طور ان ليول تي نه پهچي سگهيا آهيون جو اسان پنهنجي اهڙين حالتن کي دنيا سان ڀيٽي سگهون. نه ته اسان عرساڻي صاحب ۽ ساڳي جڳهه تي ان سان گڏ سائين حيدر علي لغاري صاحب کي بيھاري سگھون ٿا جيڪي قدرت جو هڪ ڪرشمو آهن. اهي اسان جي لاءِ انتهائي وڏا عظيم اڪابر ۽ نقاد آهن.

تنقيد جي حوالي سان ٻه زاويه آهن، سائين عرساڻي صاحب جي تنقيد لفظي ساختيت تي وڃي ٿي، ساختيات جو نظريو تمام وڏو نظريو آهي، ان کانپوءِ  اسٽڪچرلزم ۽ پوسٽ اسٽڪچرلزم آھي، اھي سڀ فريز آهن، مگر سائين پنهنجي مضمونن ۾ فلسفي جو ذڪر ناهي ڪيو، شايد اھو ان ڪري ته ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي ھميشه تحقيق، ٻولي جي ساختيت، ٻولي جي ٻاهرين بناوتي معنيٰ ۽ لفظ جي اندرين فطري معنيٰ تائين رسائي جي ڪوشش ڪئي آهي. هرهڪ لفظ جون ڪيتريون ئي معنائون هونديون آهن. اندريون معنائون هزارين هونديون آهن، جنھن کي هر ڪو ماڻهو پنهنجي نظر سان سمجهندو آهي. باقي ٻاهرين معنيٰ لفظ جي ساختيت هوندي آهي، پڙهندڙ اها سمجهندو آهي جيڪا هن کي سوال ۾ ملندي آهي، جيڪو هن جو خاندان هوندو آهي يا جيڪو هن جو استاد هوندو آهي يعني ٻاهرين معنيٰ هو پاڻ سمجهندو آهي. جيئن اسين گلاس کي گلاس چئون ٿا، پر ان جي اندرين معنيٰ ڇا آهي اها هڪ مفڪر ۽ فلاسافر ئي سمجهي سگهي ٿو يا ان فطرت جي معنيٰ هرهڪ پڙهندڙ يا ٻڌندڙ پنھنجي قوت استعداد موجب پنهنجي پنهنجي معنيٰ سمجهندو.

ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي جي ڪتاب ”دل جي ڳالهه“ جو هڪ مضمون آهي جنھن کي اسٽينڊرڊ آف لٽريچر يعني ادب جو معيار چئجي ته غلط نه ٿيندو. ادب ڇا آهي؟ ادب تي علامه آءِ آءِ قاضي ۽ سائين حيدر علي لغاري جا مضمون به آهن، ساڳي جڳهه تي سائين جو جيڪو شاهڪار مضمون شاعر تي به آهي ته شاعر ڇا آهي؟ هاڻ جڏهن سائين عرساڻي شاعر جا اسٽينڊرڊ ڏئي ٿو ته اهي شاعر جي فطري حوالي سان لفظن جي اندرين بناوٽ جي مناسبت سان بيان ڪري ٿو ۽ جڏهن سائين عرساڻي لکي ٿو ته سڄو ادب هڪ ”دل جي ڳالهه“ آهي، جيڪو اسين خوبصورت انداز ۾ بيان ڪندا آهيون ته سائين عرساڻي جي اها ڳالهه ايستائين ڪافي ناهي، پر منهنجي سمجهه ۾ اسان جو فڪري ۽ ابتدائي ليول ان سطح تي پهتو آهي ته اسان لفظ جي ٻاهرين معنيٰ ۽ دل جي ڳالهه ڪرڻ مناسب ته سمجهون، ڇو ته علامه آءِ آءِ قاضي به اها ڳالهه چئي آهي ته اسان کي فڪري اوسر اڃان تمام گهڻي کپي ٿي، اهي سڀ رستا اسان کي اڳتي وٺي ويندا آهن ته اسان ڪو چڱو ڪم يا چڱو ادب يا ماڻهن جو احساس، فڪر، شاعري يا وندر يا ان سچ تي رسائي حاصل ڪري سگهون جيڪو سچ بڻائي ۽ اسان جي قوم کي شعور ڏيڻ ۾ وڌيڪ ڪارآمد ٿئي. سائين شمس الدين عرساڻي تحرير جي حوالي سان ان ليول تي پهتل آهي ته ماڻهن کي ٻڌائجي ته ادب ڇا آهي، انهن کي ٻڌائجي ته فن ڇا آهي، فن جي تاريخ ٻڌائجي ۽ فن جا جيڪي معيار يا قدر آهن، اهي ڇا آهن، اهي سائين عرساڻي اسان کي انهن لفظن جي حوالي سان آگاهي ڏيندو رهيو.

اسان جي سماج جو 3 سئو سال پراڻو بلڪه صدين کان جيڪو مضمون آهي، اهو آهي ڀروسو، واعدي وفائي ۽ سچائي، مون تمام گھٽ انسان هن ڌرتي تي ڏٺا آهن، جيڪي ڪمٽمينٽ ۽ سچائي سان هجن، انهن ۾ مون هي ٻه ماڻهو ڏٺا آهن سائين حيدر علي لغاري ٻيو سائين شمس الدين عرساڻي، جن جي سچائي، ڪمٽمينٽ، قول ۽ فعل ۾ ڪوبه فرق ڪونه هو.  انهن سڄي زندگي ايئن گذاري، نه ته 12 ادارا، 20 ڪتاب، هزارين مضمون هن مختصر زندگيءَ ۾ ايئن ممڪن ناهي. اھو ڪمٽمينٽ ۽ سچائي جو نتيجو آهي ته مان سمجهان ٿو ته هي ماڻهو ايترو عظيم هو جنهن سچائي سان اسان جي اکين آڏو هي هيترو علم جو وڌاءُ ۽ ٻولي جي نواڻ قوم کي تحفي طور عطا ڪئي. آئون سائين جي سچائي ۽ ڪمٽمينٽ لاءِ جيڪو ٽربيوٽ پيش ڪندس اهو اهو آهي ته:

”ڪوڙو تون ڪفر سين، ڪافر مَ ڪوٺاءِ،

هندو هڏ نه آهين جڙيون تون نه جڳاءِ

تلڪ تنين کي لاءِ، سچا جي شرڪ سان.“

***