بلاگنئون

شڪاگو ۾ مزدور جدوجھد، اڄ جو پورهيت ۽ اسان جون يونينون!!

آمريڪي گهرو ويڙهه کانپوءِ شڪاگو هڪ صنعتي شھر طور اڀري رهيو هو. ٻين ملڪن جا ماڻهو به روزگار جي تلاش ۾ هتي اچي رهيا هئا. پر، ان دور ۾ مزدورن جون حالتون ۽ ڪم جا ڪلاڪ ڏاڍا سخت هئا. مزدورن کي ڏينھن ۾ سورنهن ڪلاڪ ڪم ڪرڻو پوندو هو ۽ انهن کي صرف هڪ يا اڍائي ڊالر روزانو ڏنا ويندا هئا. ان کان علاوه جيڪڏهن ڪو مزدور بيمار ٿي پوي يا مري وڃي ته ان کي ڪوبه معاوضو يا طبي سھولتون فراهم نه ڪيون وينديون هيون، البرٽ پارسن، هڪ انقلابي سوشلسٽ، مزدورن کي منظم ڪرڻ لاءِ “اسپيڪٽر” نالي هڪ اخبار شروع ڪئي. جنھن ۾ هن مزدورن جي ترجماني ڪندي مطالبو ڪيو ته “مزدور کان اٺ ڪلاڪ مزدوري ڪرائي وڃي”، ان مطالبي جي روشني ۾ ٻيون به ڪيتريون ئي تنظيمون ٺھيون، جن مان هڪ “نائٽس آف ليبر” هئي، جيڪا 1869ع ۾ ٺھي ۽ ان وقت ان پارٽي جا فقط نَوَ (9) ميمبر هئا. جڏهن ته 1884ع ۾ ان جا ميمبر هڪ هزار ٿي ويا. صرف ٻن سالن ۾ يعني 1886ع ۾ ان جا ست لک ميمبر ٿي ويا. مزدورن سمجهي ورتو ته جيڪڏهن هو پنهنجا مطالبا پورا ڪرائڻ چاهين ٿا ته انھن کي جدوجھد ڪرڻي پوندي. 1871ع ۾ پيرس ڪميون، جنهن ۾ مزدورن ٻن مهينن تائين پيرس تي قبضو ڪري پنهنجي حڪومت قائم ڪئي هئي. اهو به مزدورن جو جوش هو، جنھن جا اثر پوڻ تي 1884ع ۾ “فيڊريشن آف آرگنائيزڊ ٽريڊ اينڊ ليبر يونين” جو ڪنوينشن ٿيو، جنهن ۾ ٺهراءُ پاس ڪيو ويو ته پهرين مئي 1886ع تي مزدور سڄي ملڪ ۾ عام هڙتال ڪندا ۽ 8 ڪلاڪ ڪم ڪرڻ جو مطالبو ڪندا. 1 مئي 1886ع تي سڄي ملڪ ۾ 190,000 مزدورن هڙتال ڪئي. شڪاگو ۾ 80,000 مزدورن هڙتال ڪئي. نيويارڪ ۾ ڏهه هزار، ڊيٽرائيٽ ۾ 11 هزار مزدورن جي متحد ٿيڻ ۽ هڙتال کان اڳ ڏيڍ لک مزدورن جا مطالبا مڃيا ويا. شڪاگو ۾ 45 کان 50 هزار پيڪنگ هائوس مزدورن پنھنجا مطالبا مڃرايا ۽ انهن جي ڪم ڪرڻ جا ڪلاڪ گهٽ ڪيا ويا. ان جدوجھد دوران 3 مئي تي 3,000 مزدورن تي پوليس جي فائرنگ سبب سوين مزدور فوت ٿي ويا، ڪيترائي زخمي ٿيا. جنھن واقعي بعد مزدورن فيصلو ڪيو ته هو ان ظلم خلاف احتجاج ڪندا. ٻئي طرف مزدورن جي جدوجھد کان خوفزده ٿيل سرمائيدارن قانون جو سھارو وٺندي هڪ درخواست ججن ڏانھن رواني ڪئي، جن سرمائيدارن جو طرف کڻندي انصاف جي تقاضائن کي نظر انداز ڪندي 7 جوابدارن کي موت جي سزا ۽ هڪ کي 15 سال قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي. ان خون خرابي ۽ ناانصافي کانپوءِ 1889ع ۾ پيرس ۾ سوشلسٽ انٽرنيشنل ڪانفرنس کي شھيدن جي يادگار ڪانفرنس ٿي ان ڪانفرنس ۾ ٺھراءُ پاس ڪيو ويو ته هر سال مزدورن جو عالمي ڏينهن ملھايو ويندو. ان ٺھراءَ کي 135 سال يعني هڪ صدي 35 سال ٿيا آهن. ان وقت کان اڄ تائين هر سال باقاعدگيءَ سان پھرين مئي جي ڏھاڙي تي مزدورن جي حقن، انهن جي مسئلن ۽ انهن مسئلن جي حل، مزدورن جي قانونن تي عملدرآمد، مزدورن جي معاشي تحفظ وغيره تي سيمينار، ڪانفرنسون وغيره منعقد ڪيون وينديون آهن. پھرين مئي تي اين جي اوز، سماجي حقن جون تنظيمون، حڪومتي اڳواڻ ۽ مزدور تنظيمن جا اڳواڻ ننڊ مان جاڳندا آهن ۽ مزدورن جي حقن لاءِ جاڳرتا جا نعرا هڻي انهن جي خراب حالت جو هڪ دل ڏاريندڙ روپ بڻجي ويندا آهن. پھرين مئي تي هن ظلم جي ڇڏيل زخمن تي مرهم رکڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آهي. غريبن جي معاشي بدحالي تي اکين مان لڙڪ وهي اچن ٿا. پھرين مئي تي مزدورن جو ڏهاڙو ضرور ملھايو ويندو آهي پر، نه حڪومت نه ئي مزدور يونين مزدورن سان انصاف ڪري رهيا آهن. ان جو نتيجو اهو آهي ته مزدورن جي حالت ڏينھون ڏينھن خراب ٿيندي پئي وڃي. بجلي ۽ گيس جي لوڊشيڊنگ ڳرن بلن جي عذاب عام ماڻهن سميت پورهيتن جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي. مزدور پاليسيون ٺاهيون ويون مزدورن جي حالت سڌارڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. جنھن سلسلي ۾ پاڪستان جي قيام کانپوءِ منھنجي مطالعي مطابق هن وقت تائين 6 مزدور پاليسيون ٺھي چڪيون آهن. پھرين ليبر پاليسي 1955ع ۾، ٻي 1959ع ۾، ٽين 1969ع ۾، چوٿين 1972ع ۾، پنجين 2002ع ۾ ۽ ڇهين 2010ع ۾ ٺاهي وئي. اهي پاليسيون رڳو ڪاغذي ڪارروائيون ثابت ٿيون. مثال طور: 1972ع جي ليبر پاليسي جيڪا ذوالفقار علي ڀٽي جي دور ۾ مرتب ڪئي وئي هئي، ان عرصي دوران مزدورن جي حالت ڪجهه بھتر ٿي، مزدورن کي انتظاميا ۾ 20 سيڪڙو تائين نمائندگي ڏني وئي. ليبر ڪورٽون قائم ڪيون ويون، جن تحت انصاف جي فراهمي جي نظام کي بھتر بڻائڻ لاءِ اڳڀرائي ڪئي وئي. اهڙي طرح مزدورن جي بھتري ۽ رهائش لاءِ ورڪرز ويلفيئر فنڊ قائم ڪيو ويو. هن دور جي وڏي ڪاميابي بزرگن جي مالي مدد لاءِ هڪ اداري جو قيام آهي. EOBI،‏ جنهن کي ايمپلائيز، اولڊ ايج بينيفٽس انسٽيٽيوشن جي نالي سان پڻ سڃاتو وڃي ٿو، جيڪو ادارو 1 اپريل 1976 تي قائم ڪيو ويو. ڀٽو حڪومت کانپوءِ مرحوم ضياءُالحق جي حڪومت ۽ مارشلا آئين کي معطل ڪيو. لڳ ڀڳ 3 ڏهاڪن بعد 2002ع جي مشرف دور ۾ مزدور پاليسي ٺاهي وئي ۽ 2010ع کانپوءِ آخري ليبر پاليسي پيپلزپارٽي جي حڪومت دوران ٺاهي وئي پر، اڄ جي صورتحال اوهان جي سامھون آهي ته مزدور جي ڀلائي جو نعرو ضرور لڳايو ويندو رهيو آهي پر، عملي طور تي مزدورن جي حالت ايتري ته خراب آهي جو مزدور بک مرڻ، خودڪشيون ڪرڻ ۽ ٻار وڪڻڻ تي مجبور آهن. سرمائيداري ڏينھون ڏينھن پنھنجا اثر وڌائيندي پئي وڃي، سياستدان يا حاڪم جيڪي مزدورن جي حقن جا ضامن بڻايا وڃن ٿا، سي خود سرمائيدار بڻيا ويٺا آهن، انصاف ڏياريندو ته ڪير ڏياريندو؟
سرڪاري ادارن ۾ احتساب جي عمل جي غير فعال هجڻ، سفارش، رشوت خوري ۽ ذاتي پسند ۽ ناپسند قانون جي بالادستي کي ڪمزور ڪري ڇڏيو آهي. جمهوريت جي آڙ ۾ آمريت مسلط ڪئي پئي وڃي. جيستائين قانون جي حڪمراني قائم نه ٿيندي تيستائين ڪابه قوم، ملڪ يا سلطنت سک نه ماڻي سگهندي ۽ ياد رکو جڏهن قانون جو قائم ڪرڻ ڪمزور ٿي وڃي ٿو ته پوءِ اهڙيون حالتون پيدا ٿيڻ هڪ فطري عمل آهي، جنهن کان هن وقت اسين سڀ واقف آهيون. مزدورن جي ڀلائي ۾ جيڪڏهن حڪومت، مزدور تنظيمون، اين جي اوز، واقعي مخلص آهن ته پوءِ عملي بنيادن تي انهن قانونن تي عمل ڪرڻ گهرجي جيڪي مزدور پاليسين ۾ شامل آهن. قانون جو روح ان جو نافذ ڪرڻ آهي. ٻي صورت ۾ قانون هڪ بي جان جسم وانگر آهي جيستائين ان تي عمل نه ٿيندو!!