گذريل ڏينهن نامياري ڪيميادان ۽ دانشور پرويز هودڀائي جو بيان سامهون آيو جنهن ۾ هن چيو ته عمران خان ۽ اسٽيبلشمينٽ جي سوچ ۾ ڪو فرق ناهي. عمران خان کي فوج کان ڪا شڪايت نه هئي ته سندن وڏا وڏا ڪاروبار آهن، هن ڪڏهن ان تي ڪجهه نه چيو. جيڪو مذهبي جنون عمران خان ڀڙڪايو، اهو ائين ئي آهي جيئن فوج چاهيو ۽ هاڻي وزيراعظم شهباز شريف به اهوئي چاهي ٿو. هن ذاڪر نائڪ جهڙن ماڻهن کي گهرايو جنهن مختلف علائقن ۾ ٻه چار تقريرون ڪيون ۽ ماڻهن کي پاڻ طرف متوجهه ڪرڻ ۽ حڪومت سان عوام سان گڏجي هلڻ تي اتفاق ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. ذاڪر نائڪ جو ڪردار پرڏيهه ۾ ڪهڙو به هجي، پر اسان جي ديس هو متنازع شخصيت طور رهيو، پر شهباز حڪومت کي الائي ڪنهن اها صلاح ڏني ته ذاڪر نائڪ گهرائڻ سان ملڪي سلامتي رهندي. قومي نصاب کي جيڪو عملي جامو هن حڪومت پارايو آهي اهو به ڪنهن کان ڳجهو ناهي. ڇا عمران خان کي اينٽي اسٽيبلشمينٽ چئي سگهجي ٿو؟ طالبان کي ڪڏهن عمران خان خراب ناهي چيو، ياد هئڻ گهرجي ته سوات ۾ قتل عام تي عمران خان ٽي ٽي پي سان گڏ هو. ٽي ٽي پي جيڪا نه رڳو هن ملڪ جي جاني دشمن آهي، پر پوري دنيا ۾ انهن جو ڪردار نهايت خطرناڪ رهيو آهي، پر هن کين دعوت ڏني ته اچو اسان جي شهر ۾ پنهنجا دفتر کوليو ۽ پنهنجي مرضيءَ سان جنهن کي وڻي تنهن تي وار ڪريو. جڏهن طالبان جي فتح ٿي ته هنن چيو ته هاڻي غلامي جون زنجيرون ٽٽي ويون آهن. اڄ به هو عمران خان کي طالبان خان چوندا آهن جيڪو بلڪل سچ چوندا آهن.