اسڪاٽلينڊ يارڊ پاران الطاف حسين جي گرفتاري تي ڪراچي ۾ خاموشي

ڪالهه لنڊن ۾ پوليس پاران الطاف حسين کي گرفتار ڪرڻ جي خبر اچڻ بعد ڪراچي سميت حيدرآباد ۾ ماٺ رهي. واضح رهي ته الطاف حسين کي نفرت پکيڙيندڙ تقرير جي الزام هيٺ گرفتار ڪيو ويو آهي. ياد رهي ته 2014 ۾ به الطاف حسين کي لنڊن ۾ پوليس پاران مني لانڊرنگ جي الزام ۾ گرفتار ڪيو ويو هو ۽ ان وقت گرفتاري بعد رد عمل جي صورت ۾ ڪراچي جي ٽريفڪ رستن تان غائب ٿي وئي هئي. اسٽاڪ مارڪيٽ ڪري پئي هئي ۽ ٻه ڪروڙ آبادي واري شهر جون گهٽيون خالي ٿي ويون هيون. جڏهن ته ڪالهه اهڙي ڪابه صورتحال پيش نه ٿي هئي. ڪراچي حيدرآباد ۽ ميرپورخاص جتي اردو ڳالهائيندڙ ۽ ايم ڪيو ايم جا حامي رهن ٿا ٽنهي شهرن ۾ خاموشي رهي.  

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *