اهي خيام جي ملڪ جا اونداها ڏينهن هئا- ڇا اها صبح هئي جنهن کي مشرق ۾ اچڻو هو؟ اصفهان کان وٺي قزوين تائين، شيراز کان همدان تائين لکين ماڻهن جي واتان اهوئي نعرو انڌاڌنڌ لڳي رهيو هو: “مرگ! مرگ!” هاڻي آزادي، جمهوريت ۽ انصاف جهڙن لفظن جو نالو وٺڻ لاءِ ماڻهو کي ڪنهن عمارت ۾ لڪڻو ٿي پيو- مستقبل هڪ جهل جهڙي خواب کان وڌيڪ نٿي لڳو ۽ “دستورين” جو هر گهٽيءَ ۾ پيڇو ڪيو ٿي ويو، “ابناءِ آدم” جا جلسا گاهه ويران ٿي چڪا هئا ۽ انهن جا ڪتاب گڏ ڪري ساڙيا ٿي ويا- تشدد جي نفرت جهڙي پکيڙ سڄي ايران ۾ ڪٿي به قابوءَ ۾ نٿي آئي-
ڪٿي به نه سواءِ تبريز جي ۽ جڏهن تختو اونڌو ڪرڻ جو اڻ کٽ ڏينهن آخرڪار پنهنجي انتها تي پهتو، جانباز شهر جي قابل ذڪر ٽيهن پاڙن مان صرف هڪ جي مدافعت ڪري رهيو هو- “امير خيز” جو پاڙو جيڪو بازار جي صفا اتر مغرب ۾ هو- انهيءَ رات ڪجهه حمايتين داخل ٿيڻ واري رستي جي چوڪيداريءَ ۾ واري واري سان حصو ٿي ورتو، جڏهن ته فاضل “انجمن ۾ ويٺي هڪ گهنجيل نقشي تي ڏاڍي اعتماد سان تير ڇڪي رهيو هو-
اسان درجن کن ماڻهو هن جي پينسل جي معمولي نشان کي، جنهن کي ميڻ بتيءَ جي جهومندڙ روشني ۽ ٻيون روشنيون نمايان ڪري رهيون هيون، ڏاڍي اشتياق سان ڏسي رهيا هئاسين- نائب هڪدم اڀو ٿي بيهي رهيو-
“دشمن اسان جي پهچايل نقصان جي صدمي ۾ هو- انهن کي گمان هو ته اسان پنهنجي حقيقي تعداد ۾ تمام گهڻا آهيون- انهن وٽ توپ هڪڙي به ڪونه هئي ۽ کين اها به خبر ڪونه هئي ته اسان وٽ ڪيتريون آهن- اسان کي پنهنجي علائقي جي وڌيڪ قبضي جي لاءِ بنا ڪنهن دير جي ان شيءِ جو فائدو وٺڻو هو- شاهه کي فوج موڪلڻ ۾ دير ڪونه لڳندي ۽ هو ڪجهه هفتن ۾ اتي پهچي ويندو- ان وقت تائين اسان سڄي شهر کي آزاد ڪرائي چڪا هونداسين- اسان اڄ رات ئي حملا آور ٿينداسين-”
هو ٿورو جهڪيو ۽ ان سان گڏ اتي بيٺل هر ماڻهوءَ جو مٿو به- جنهن جي مٿي تي ڪُلاهه هئي يا نه هئي-
“اسان اوچتو ئي درياءَ پار ڪنداسين،” هن وضاحت ڪئي “قلعي جي پاسي وڃي تيزيءَ سان اڳتي وڌي هن تي ٻنهي طرفن کان حملو ڪنداسين، يعني بازار ۽ قبرستان جي پاسي کان- شام کان اڳ هو اسان جي تحويل ۾ هوندو-
قلعو ايندڙ ڏهن ڏينهن تائين قبضي ۾ نه آيو- گذرگاهن تي تيز حملا جاري هئا مزاحمت ڪندڙ اڳتي وڌي رهيا هئا ۽ سڀئي جهڙپون انهن جي فائدي ۾ ئي ختم ٿي رهيون هيون- ڪجهه “ابناءِ آدم” ڇنڇر جي ڏينهن “انڊو يورپين ٽيليگراف” جي آفيس تي قبضو ڪري ورتو هو، جنهن سبب تهران، لنڊن ۽ ممبئي سان رابطو ڪٽجي چڪو هو- ساڳئي ڏينهن هڪ پوليس چوڪي به انهن جي قبضي ۾ اچي وئي هئي، ۽ اهي پاڻ سان گڏ ڄڻ ڏاج طور “ميڪسم” مشين گن ۽ گولو بارود ٽيهن پيتين ۾ کڻي آيا- انهن ڪاميابين آباديءَ کي اعتماد واپس موٽائي ڏنو- ڇا جوان ڇا پوڙها سڀني همت ڪئي ۽ سوَن جي تعداد ۾ هڪٻئي جي پٺيان آزاد ٿيل پاڙن ۾ وڃي پهتا، ڪجهه وٽ ته هٿيار به هئا- ڪجهه هفتن جي اندر ئي انهن دشمن کي شهر جي ٻاهرين پاسن ڌڪي ڪڍي ڇڏيو- اهو جيڪڏهن ڪٿي همت سان بيٺو هو ته بس شهر جي اتر اوڀر جي هڪ گهٽ آباديءَ واري علائقي ۾ جيڪو “محلاءِ شتربان” کان “صاحبِ ديوان” لشڪرگاهه تائين ٿي لڳو-
جولاءِ وچ تائين لڳ ڀڳ هڪ بي ضابطا فوج تيار ٿي وئي، گڏوگڏ هڪ عارضي تنظيم به جڙي وئي جنهن جو اڳواڻ هاورڊ کي بڻايو ويو- هن پنهنجو سڄو وقت بازار جي چڪرن ڪاٽڻ ۾ ۽ کاڌي پيتي جي شين جي ذخيره اندوزي جي فهرست ٺاهڻ ۾ ٿي لڳايو دڪاندارن تعاون ڪرڻ ۾ معمول کان وڌيڪ جوش ۽ جذبو ڏيکاريو- ۽ هن وزن ۽ ماپ تور جي ايراني نظام کي به آسانيءَ سان سمجهي ورتو-
“ليٽر، ڪلو، آئونسز ۽ پائنٽ، توکي انهن سڀني مان جان ڇڏائڻي پوندي،” هن مون کي ٻڌايو-
“هتي ماڻهو ‘جو’ ‘مثقال،’ ‘سير’ ۽ ‘خروار’، جيڪا هڪ گڏهه جي لڏ آهي، استعمال ڪندا آهن-”
بنيادي ايڪو ‘جو’ آهي، جيڪو هڪ درمياني جسامت رکڻ وارو اناج جو داڻو آهي، جنهن جو تُهه چنبڙيل هجي پر ان جي ٻنهي پاسن جون مُڇون ڪٽيون ويون هجن-”
“اها ته ڏاڍي ڏکي ڳالهه آهي-” مون ٽهڪ ڏيئي چيو-
منهنجي استاد پنهنجي شاگرد تي رعبدار نظر وڌي- ازالي طور مون ان ۾ بهتري سمجهي ته سبق ياد ڪيان ته جيئن ثبوت ڏئي سگهان ته مون ڌيان سان ياد ڪيو آهي-
“ته ‘جو’ وزن جو سڀ کان ننڍو ايڪو آهي-”
“هرگز نه،” هاورڊ ناراضگيءَ مان چيو-
هن ڏاڍي اطمينان سان پنهنجين يادگيرين ڏانهن رجوع ڪيو:
“‘جو’ جي هڪ ڌاڻي جو وزن ‘سنوه’ (سرنهن) جي ستر ڌاڻن جي برابر هوندو آهي، يا جيڪڏهن تون چاهين ته، هڪ ٽٽو جي پڇ مان ڇهن وارن جي برابر-”
منهنجو وظيفو مقابلي ۾ هلڪو هو! مقامي ٻوليءَ کان مڪمل طور ناواقفيت سبب، منهنجو واحد ڪم پرڏيهين سان رابطي ۾ رهڻ هو ته جيئن انهن کي فاضل جي ارادن بابت اطمينان ڏياريان ۽ سندن حفاظت جو خيال رکان-
اهو ٻڌائي ڇڏڻ کپي ته تبريز، ويهه سال اڳ “ٽرانس- ڪاڪيشن ريلوي” جي تعمير تائين ايران ۾ داخل ٿيڻ جو رستو هو، جتان کان سڀ مسافر سامان ۽ فڪر ملڪ اندر آڻيندا هئا- ڪيترين ئي يورپي سنگتن جون شاخون هتي هيون، جيئن جرمن ڪمپني “ايم ايم او موسگ اينڊ شونيمان،” يا “ايسٽرن ٽريڊنگ ڪمپني،” جيڪا آسٽريا جي هڪ اهم فرم هئي- ان کان علاوه هتي قونصل خانا به هئا، “آمريڪي پريس بٽيرين مشن” ۽ ٻيا مختلف ادارا ۽ مان خوشيءَ سان اهو چئي سگهان ٿو ته جن مهينن ۾ هتي گهيراءُ هو ان ۾ پرڏيهي ماڻهو بلڪل به نشانو نه بڻيا-
نه صرف ايترو ته اهي خطري ۾ ڪونه هئا، انهن سان ته ڏاڍي فراخدليءَ سان ڀائپي ٿي رهي هئي- مون کي باسڪر ويل جي ذڪر جي خواهش ناهي، نه پنهنجي ۽ نه پانوف جي ڪنهن ذڪر جي، جيڪو پوءِ جلد ئي تحريڪ ۾ شامل ٿي ويو، پر مان ٻين ماڻهن کي خراج عقيدت ضرور پيش ڪرڻ جو خواهشمند آهيان، جيئن مانچسيٽر گارجين جو خبر نويس مسٽر مور جنهن فاضل جي ڀرسان پيل هٿيار ۾ هٿ وجهڻ ۾ دير نه ڪئي ۽ زخمي ٿي پيو، يا ڪئپٽن انجينيوور جنهن فوجي نقل حرڪت جي بندوبست متعلق ڪيترن ئي مسئلن کي حل ڪرڻ ۾ اسان جي رهنمائي ڪئي ۽ هن لي زي فرانسز ۾ پنهنجي مضمونن ذريعي، پئرس ۽ سڄي دنيا ۾ اسان جي لاءِ ڀائيچاري وارو ماحول پيدا ڪيو، ۽ تبريز کي جنهن هولناڪ انجام جو خطرو هو ان کان محفوظ رکيو- شهر جي ڪجهه مذهبي ماڻهن جي ويجهو پرڏيهي ماڻهن جي متحرڪ موجودگي، ۽ مان انهن جا لفظ ورجايان ٿو، “يورپين، آرمينين، بابين ۽ هر قسم جي ڪافرن جو هڪ رنگا رنگ هجوم” هو- پر اتان جي آبادي ان پروپيگنڊا کي ڪا گهڻي اهميت جوڳو نه سمجهيو ۽ اسان مٿان پنهنجون مهربانيون برقرار رکيون- اسان جي لاءِ هر مرد ڀاءُ وانگر هو ۽ هر عورت ماءُ يا ڀيڻ وانگر-
شايد اهو ٻڌائڻ جي ضرورت ناهي ته پاڻ ايرانين پهرين ڏينهن کان ئي مزاحمت کي انتها درجي جي هٿي ڏني- هتي پهرين تبريز جا آزاد شهري هئا ان کانپوءِ وري اهي مهاجر جن کي پنهنجن عقيدن جي ڪري پنهنجن ڳوٺن ۽ پاڙن کان ڀڄڻو پيو ۽ “دستور” جي ان آخري قلعي ۾ پناهه وٺڻي پئي- ساڳيو ئي حال انهن سوين “ابناءِ آدم” جو هو جيڪي سلطنت جي چپي چپي کان ڀڄندي ٿي آيا ۽ ان کان وڌيڪ ٻيو ڪجهه نٿي گهريو ته کين اسلحو کڻڻ جي اجازت ڏني وڃي- ساڳيو ئي معاملو ڪيترن نوابن، وزيرن ۽ تهراني صحافين جو به هو جيڪي ڪرنل لياخوف جي پکيڙيل ڄار مان ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان پنهنجي جان بچائي فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا هئا ۽ انهن مان ڪيترائي ننڍن ننڍن ٽولن ۾ ٿڪل تمام خراب حالن ۾ ۽ پنهنجا هوش حواس وڃائي ٿي پهتا-
بهرحال ان ۾ چئي سگهجي ٿو ته سڀ کان وڌيڪ اهم رڪن جيڪو ڀرتي ٿيو هو اها شيرين هئي- هن ڪرفيو جي خلاف ورزي ڪئي ۽ گاديءَ واري هنڌ کان ڪار وسيلي نڪري پئي ۽ قذاق کيس روڪڻ جي ست نه ساري- عوام سندس ننڍڙي “لينڊو” گاڏيءَ جو ڏاڍو گرم جوشيءَ سان آڌرڀاءُ ڪيو ۽ ان کان وڌيڪ اها ڳالهه ته سندس ڊرائيور بنيادي طور تي تبريزي هو ۽ ان قسم جي گاڏي هلائڻ وارو ناياب ايراني-
شهزادي هڪ ڇڏيل محل ۾ پنهنجي رهائش اختيار ڪئي جيڪو سندس ڏاڏي تعمير ڪرايو هو، گذريل شاهه جنهن کي قتل ڪيو ويو هو- هن هتي سال ۾ هڪ مهينو ترسڻ جو تصور ڪيو هو، پر قيام جي پهرين رات کانپوءِ، جيئن ته ڪهاڻي ۾ بيان ٿيل آهي ته کيس چڪر اچڻ لڳا ۽ سندس نجومن کيس مشورو ڏنو ته آئنده ڪنهن به اهڙي نڀاڳي جڳهه تي قدم نه رکي- ٽيهن سالن کان ان ۾ ڪنهن به شخص رهائش اختيار نه ڪئي هئي- ان کي گهڻو ڪري، “قصرِ خالي” سڏيو ٿي ويو-
شيرين ان بدبختيءَ کي چئلينج ڪرڻ لاءِ دير نه ڪئي ۽ سندس قيام گاهه شهر جو مرڪز بڻجي وئي- مزاحمت ڪرڻ وارا سربراهه ان جي وڏن ويڪرن باغن ۾ جمع ٿيڻ پسند ڪرڻ لڳا، جيڪو گرمين جي ان ۾ ساڙيندڙ راتين ۾ ڪجهه ڀنل نخلستان بڻجي ٿي ويو، ۽ مان گهڻو ڪري انهن سان گڏ هوندو هئس-
شهزادي هميشه مون سان ملي خوش ٿيندي هئي- خط و ڪتابت سبب اسان جي وچ ۾ هڪ تعلق جڙي چڪو هو جنهن کان ڪوبه واقف نه هو- ظاهر آهي ته اسان ڪڏهن به تنها نه هوندا هئاسين، اسان جڏهن به ملياسين ٿي يا ماني ٿي کاڌي ته ڪيترائي ٻيا ماڻهو موجود هوندا هئا- اسان اڻ کٽ بحث ٿي ڪيا يا ڪيترائي دفعا مذاق به، پر ڪڏهن به حد نٿي اورانگهي- حد کان وڌيڪ بي تڪلفي ايران ۾ برداشت نٿي ڪئي وئي ۽ مرد لاءِ شائستگيءَ جو هجڻ بس لازمي ۽ ضروري آهي- ايران ۾ گهڻو ڪري ان ماڻهوءَ سان جنهن سان گفتگو ڪئي پئي وڃي “مان عظمتن جو غلام آهيان” چوڻ جو رجحان گهڻو هو ۽ خاص طور تي جڏهن اعليٰ مرتبي تي فائز خواتين جو معاملو هجي ته جيڪڏهن اهو ماڻهو عملي طور تي جيڪڏهن زمين بوسيءَ کان ابتدا نه به ڪري ته گهٽ ۾ گهٽ اهڙن پرتڪلف جملن جو استعمال ضرور ڪندو آهي جنهن جو مقصد اهو ئي هوندو آهي-
پوءِ خميس جي اها پريشان ڪندڙ شام آئي- صحيح معنيٰ ۾ 17 سيپٽمبر جي شام- مان ان کي ڀلا ڪيئن ٿو وساري سگهان؟
سوين مختلف سببن تحت اسان جا سڀ ساٿي محل کان وڃي چڪا هئا ۽ وڃڻ وارن مان باقي مان ئي رهجي ويو هئس- جڏهن مان ان ايراضيءَ کي ڦاٽڪ کان نڪري ويو هئس ته مون کي احساس ٿيو ته پٺيان ڪرسيءَ جي ڀر ۾ پنهنجو بريف ڪيس وساري آيو آهيان جنهن ۾ منهنجا ڪجهه اهم دستاويز رکيل هئا- ان ڪري ابتي پيرن ورڻو پيو، پر شهزاديءَ کي ڏسڻ جي نيت بلڪل نه هئي، منهنجو خيال اهو هو ته هو پنهنجي آخري ملاقاتين کان موڪلائي سمهڻ لاءِ هلي وئي هوندي-
ايئن ڪونه هو- هوءَ ويهن ڪرسين جي وچ ۾ اڪيلي ويٺي هئي- فڪرمند ۽ وڃايل نظر اچي رهي هئي- مٿس پيل نگاهه کي هٽائڻ کان بنا مان بريف ڪيس کي جيترو آهستگيءَ سان ٿي سگهيو کڻي ورتو- شيرين اڃان تائين منهنجي پاسي منهن ڪيو ويٺي هئي، بي حس و حرڪت، منهنجي موجودگيءَ کان بي خبر- مان جو خاموشيءَ جي عالم ۾ ٻڏل ويهي رهيس ۽ کيس ڏسندو رهيس- مون ٻارنهن سال پهرين به تصور ڪيو، ٻنهي کي قسطنطنيه ۾ جمال الدين جي بيٺڪ واري ڪمري ۾ ڏسي ٿي سگهيس- ان وقت به هوءَ بلڪل اڄ جهڙي ئي نظر ٿي آئي هوءَ کاٻي پاسي منهن ڪري ويٺي هئي، نيري رنگ جو اسڪاف وارن تي ڍڪيل هئس ۽ ڪرسيءَ جي پيرن تائين ڪريل هو- سندس عمر ڪيتري هوندي؟ 17؟ 18؟ اڄ 30 سالن جي عمر ۾ هوءَ بالغ، ۽ شاهي شان سان پرسڪون عورت نظر ٿي آئي اوتري ئي نازڪ جيتري پهرين ڏينهن- صاف ظاهر نظر اچي رهيو هو ته هوءَ پنهنجي ڪلاس جي ٻين عورتن جي مقابلي ۾ سُست رهڻ، گهڻو کائڻ پيئڻ ۽ ڪنهن نرم هنڌ جي مٿان آرام سان سڄي عمر گذارڻ جي ترغيب مٿان غالب ٿي نظر آئي- ڇا هن شادي ڪري ڇڏي هئي؟ ڇا کيس طلاق ٿي وئي هئي يا بيواهه؟ اسان ڪڏهن به ان باري ۾ ڪا ڳالهه نه ڪئي هئي-
مان ڊنل آواز ۾ چوڻ ٿي چاهيو: “مان توکي پسند ٿو ڪيان، قسطنطنيه واري ڏينهن کان-” منهنجا چپ ڏڪڻ لڳا ۽ ڇڪجي ويا، پر معمولي آواز به نه نڪري سگهيو-
ان سڀ جي باوجود، شيرين ڏاڍي پاٻوهه مان مون طرف ڏٺو- بغير ڪنهن تعجب جي مون کي ڏٺو ڄڻ ته مان ويو ئي نه هجان ۽ نه ئي واپس آيو آهيان- سندس نگاهه ۾ جنبش محسوس ٿي ۽ هن مون کي بي تڪلفيءَ سان چيو:
“ڇا پيو سوچين؟”
منهنجن چپن مان بي اختيار جواب نڪتو:
“توهان جي باري ۾، قسطنطنيه کان تبريز تائين-”
هڪ مرڪ، جيڪا شايد پيار سان ڀريل هئي جيڪا يقينن اهو نه پئي چاهي ته رڪاوٽ بڻجي وڃي، جيڪا سندس چهري تي پکڙجي وئي- باقي رهيس مان، ته بس ايترو ئي ڪري سگهيس ٿي جو سندس چيل جملو دهرايان جيڪو هاڻي اسان جي وچ هڪ لڪل اشارو بڻجي ويو هو:
“اهو منهنجي بستري جي پاسي واري خاني واري ميز ۾ هميشه رکيل هوندو آهي- مان ان کي پڙهندي ڪڏهن به ناهيان ٿڪجندي- مون کي ربائيون ۽ حاشين تي لکيل واقعا برزبان ياد ٿي ويا آهن-”
“مان ان ڪتاب سان هڪ رات بسر ڪرڻ لاءِ پنهنجي زندگيءَ جا ڏهه سال خوشيءَ سان ڏيئي سگهان ٿو-”
هڪ لمحي ۾ مان شيرين جي چهري جي مٿان جهڪي چڪو هئس، اسان جون اکيون بند هيون ۽ اسان جا چپ هڪ طويل، شوق کان ٿڪل چميءَ سان ڳنڍيل هئا جيڪا سالن جي رڪاوٽن کي ٽوڙي ان کان پار وڃي چڪي هئي، جيڪڏهن اسان جي ارد گرد ڪنهن شيءِ جو وجود هو ته اهو صرف انهن تڏن جهڙو ڪو آواز هو جيڪو اسان جي ٿڪل دماغن ۾ تيز تر ٿيندو ٿي ويو-
ائين نه ٿئي ته ٻيا ملاقاتي يا نوڪر اچي وڃن، اسان اٿياسين ۽ آئون اندرئين راهداريءَ مان سندس پٺيان پٺيان هلڻ لڳس- اسان هڪ ننڍڙي خفيه دروازي کان لنگهي هڪ پراڻي چاڙهي تان لنگهندي گذريل شاهه جي رهائش گاهه ۾ آياسين جتي هاڻي سندس پوٽيءَ جي رهائش هئي- شيرين ٻه ڳرا در بند ڪري ڪنڊي لڳائي ڇڏي ۽ اسان اڪيلا هئاسين، گڏ- تبريز هاڻي سڄي دنيا کان ڪٽيل شهر نه رهيو هو- هي پاڻ دنيا هو ۽ دنيا جيڪا تبريز کان ڪٽيل اڪيلي پري ڪٿي سڙي رهي هئي-
فجر جو وقت اچي ٿيو هو ۽ مون اڃان تائين ان قلمي نسخي کي کولي به نه ڏٺو هو هوءَ مون کي پلنگ جي پرينءَ پاسي ميز تي نظر اچي رهيو هو، پر شيرين منهنجي ڪنڌ تي پنهنجو ڪنڌ رکي اگهاڙي ستي پئي هئي ۽ سندس ڇاتيون منهنجي جسم سان لڳل هيون ۽ دنيا ۾ ڪابه شيءِ مون کي چرڻ پرڻ تي مجبور نٿي ڪري سگهي- مان سندس ساهن سان گڏ ساهه کڻي رهيو هئس، سندس خوشبو ۽ سندس رات ۾، سندس پلڪن کي ڏسڻ ۾ غرق هئس، ان سخت جستجو ۾ هئس ته اهو اندازو لڳائي سگهان ته خوشي يا درد جو اهو ڪهڙو خواب هو جنهن سبب اهي لرزش ۾ هيون- جڏهن هوءَ جاڳي ته شهر جا شروعاتي آواز ٻڌڻ ۾ اچڻ لڳا- مون کي چپ چاپ اتان ان واعدي سان گڏ کسڪڻو پيو ته مان پنهنجي ٻي رات خيام جي ڪتاب جي مطالعي لاءِ وقف ڪري ڇڏيندس-