ايڊيپس: هاءِ هاءِ! هڪ ماڻهو انهن اڳڪٿين جيڪي اوريڪل ۽ اپولو ٻڌائيندا آهن انهن تي ڇو يقين ڪري؟ هاڻي ڏسو هنن چيو هو ته مان پنهنجي پيءُ پوليبس کي ماريندس، پر اوهان سڀني کي اڄ خبر پئجي وئي. هاڻي اوهان سڀني ڏٺو آهي ته مان هتي اوهان جي اکين جي اڳيان موجود آهيان ۽ پوليبس کي ڇُهيو به ناهي ۽ هُو منهنجي غير موجودگيءَ مري ويو. پوليبس جي موت سان انهن سڀني اڳڪٿي ڪندڙن جو به اڄ موت ٿي ويو، ۽ هاڻي مون کي خبر پئي آهي ته اهي اڳڪٿي ڪندڙ ڪوڙا ۽ دوکيباز آهن.
جوڪاسٽا: ڇا مون توهان کي انهن اڳڪٿي ڪندڙن جي باري ۾ پهرين نه ٻڌايو هو ته اهي رڳو ڪوڙ ڳالهائيندا آهن؟
ايڊيپس: اوهان بلڪل چيو هو، پر منهنجي ڪمزور دل مون کي دوکو پئي ڏنو.
جوڪاسٽا: هاڻي کان وٺي اڳتي ڪڏهن به اوريڪل ۽ اهڙن اڳڪٿي ڪندڙن جي ڳالهين تي ڌيان به نه ڏجو.
ايڊيپس: پر اڃان هڪ خوف آهي ۽ اهو ته مان پنهنجي ماءُ سان شادي ڪندس.
جوڪاسٽا: ڪنهن انسان کي به خطري جي باري ۾ نه سوچڻ گهرجي. اسان انسان پنهنجي تقدير جي اڳيان بيوس آهيون ۽ جنهنڪري اسان ان کي تبديل به نٿا ڪري سگهون. سو اسان کي رڳو موجوده صورتحال يعني حال تي غور ڪرڻ گهرجي ۽ مستقبل جي باري ۾ ذري برابر به مايوس ٿيڻ نه گهرجي. تون انهيءَ خوف ۾ هرگز نه پئو ته تون پنهنجي ماءُ سان سمهي رهيو آهين. ماڻهن کي ذهنن ۾ اهڙا خيال ايندا رهن ٿا.
قاصد: جي ها ۽ اهو شخص ان جي خاص ڌنارن منجهان هڪ هو.
ايڊيپس: ڇا اهو ڌنار اڃان زنده آهي؟ ڇا مان ان کي ڏسي سگهان ٿو؟
قاصد: هاڻي ان جي جيئري هجڻ جي خبر توکي هتي جا ماڻهو ئي ٻڌائي سگهن ٿا.
ايڊيپس: ڇا توهان مان ڪو ان ڌنار کي سڃاڻي ٿو جنهن جي متعلق هي قاصد ڳالهائي رهيو آهي؟ ڇا توهان ان کي ويجهڙ ۾ ڪنهن ٻنيءَ يا شهر ۾ ڏٺو آهي؟ جيڪڏهن اوهان ڏٺو آهي ته مون کي ٻڌايو هاڻي سچ جي ظهور ٿيڻ جو وقت اچي چڪو آهي.
ڪوراگوز: مان سمجهان ٿو جنهن ڌنار جي متعلق هي ڳالهائي رهيو آهي، اوهان اڳ ۾ ئي ان ڏانهن ماڻهو موڪليو آهي، پر شايد هن مامري ۾ جوڪاسٽا اوهان کي ڪجهه وڌيڪ ٻڌائي سگهي ٿي.
ايڊيپس: جوڪاسٽا کي مخاطب ٿيندي، ڇا تون ان جي باري ۾ ڪجهه ڄاڻين ٿي؟ ڇا اوهان انهيءَ ڌنار ڏانهن ماڻهو موڪليو آهي؟
جوڪاسٽا: تون ان جي باري ۾ نه سوچ. سڀ ڪجهه وساري ڇڏ، هن معاملي تي ڳالهائڻ صرف وقت جو ذيان آهي.
ايڊيپس: تون اهڙيون ڳالهيون نه ڪر، ڇاڪاڻ ته مون کي منهنجي ڄمڻ جي راز بابت ڪجهه سراغ مليا آهن.
جوڪاسٽا: خدا جو واسطو اٿئي ايڊيپس، هِنَ مسئلي جي پچر ڇڏي ڏي. پنهنجي زندگي جوکم ۾ نه وجهه. مان اڳ ۾ ئي ڪافي لوڙهي چُڪي آهيان، پر هاڻي انهن زخمن تي وڌيڪ لوڻ نه ٻُرڪ.
ايڊيپس: توهان فڪر نه ڪريو. توهان جي ڪابه بي عزتي نه ٿيندي، ڀلي ته منهنجي ماءُ غلام ثابت ٿئي.
جوڪاسٽا: مون کي ٻُڌ مهرباني ڪري، ايئن نه ڪر ان معاملي کي اتي ئي ڇڏي ڏي ته بهتر آهي.
ايڊيپس: مان هاڻي ڪجهه به نه ٻڌندس. سچ کي ضرور پڌرو ڪرڻ گهرجي.
جوڪاسٽا: مان جيڪو چئي رهي آهيان سو رڳو اوهان جي ڀلي جي ڪري پئي چوان.
ايڊيپس: منهنجي ڀلي جي هاڻي ڪابه اهميت ناهي سو مان هاڻ هرگز نه مُڙندس.