ڇا عورت رنڊي آهي ؟
مون ڏهن سالن کان وٺي اخبار، رسالا ۽ ادبي ڪتاب خريد ڪرڻ ڇڏي ڏنا آهن، ها، پر جي ڪٿان ڪو ڪتاب مفت ۾ ملي ويو ته پوءِ پڙهي ڪري ان تي تبصرو ضرور ڪندو آهيان، اهو به ان ڪري ته ڪٿي اهو ڪتاب ڏيندڙ دوست مهڻو ڏئي ماري نه وجهي ته واهه فقير واهه ڪتاب تي ٻه لفظ به نه لکيا اٿئي، ڇو ته مان اڪثر ڪري اها دعويٰ وڏي واڪي ڪندو آهيان ته مون سميت هر لکاري شهرت جو بکيو آهي، باقي مُنهن جي پڪائي ڪندي چيو ويندو آهي ته شوق ٿو لکائي يا ڌرتي ۽ قوم جو درد کين لکڻ تي مجبور ٿو ڪري، اهو ته رڳو ڪوڙ آهي ادب ۾، ڪوڙ ته ٺهيو، پر ادب ۾ مرد حضرات عورت کي لفظي حساب سان ننگو ٿا ڪن، جيڪو عمل مذمت جوڳو آهي، مون سان ڪوئي سهمت ٿي يا نه ٿي ان جي پرواهه ناهي ڇو ته منهنجو پنهنجو رستو آهي، ضروري ناهي ته مان ٻين جي واٽ جو واٽهڙو ٿيان يا ڪوئي منهنجي ٺاهيل پيچري تي هلي، سڀ جو پنهنجو شعور آهي.
مان پرڏيهي ادب ڀل اهو ترجمو ٿيل ڇو نه هجي صفا ناهيان پڙهندو ڇو ته اهي ڪتاب خريد ڪرڻ سچ ته پيسن جو ذيان آهن، مطلب فضول خرچي آهي ۽ فضول خرچي عياشن جو ڪم هوندو آهي، پر پاڻ ته عياشي جا مخالف آهيون، ها، پر جيڪڏهن ٿورو گهڻو وقت ملي پوندو آهي ته لطيف جي لطف منجهان لطف اندوز ٿي ڪري سڪون حاصل ڪندو آهيان ڇو ته لطيف کان سواءِ ڪنهن به ڏيهي پرڏيهي ادب ۾ لطف جو ذرو به ڪونهي بس سڀ ڪوڙ آهي.
هي تحرير ڪين لکان ها، پر فيس بوڪ تي جناب ذوالفقار چانڊيو جي هي پوسٽ پڙهيم جنهن کي بعد ۾ ڪاپي ڪيم، اها پوسٽ هن طرح آهي ته
”ادي ياسمين چانڊيو مظلوم عورت کي گار ڇو پئي ڏيئي“ زبردستي ڏنل ھر عورت رنڊي آھي، جيڪا ھر رات غير مرد سان سمھي ٿي !“
ياسمين چانڊيو، ڪتاب : ڀانڊارو)
مٿين پوسٽ تي ڪمينٽس ۾ ڪنهن دوست انهيءَ پوسٽ جي حمايت ڪئي ته ڪنهن وري مخالفت ڪئي، پر سچ اهو آهي ته هڪ عورت ٿي ڪري ليکڪا کي ايئن لکڻ نه گهرجي ڇو ته اهي لفظ عورت جي توهين ٿا ڪن، جنهن تي سچ پڇو ته ڏاڍو ڏک ٿيو ته اسان جا اديبڙا يا اديبڙيون ڪيترو نه غلط ۽ بلڪل ئي واهيات لکن ٿا، جيڪو سراسر ئي عورت ذات جي شان ۽ مان جو هڪ کليل قتل آهي، مون فيس بوڪ تي شيخ اياز جي شاعري پڙهي هئي جيڪا هن ريت هئي ته:
ڇوريءَ جا ببا،
مسجد جا قبا
اسان وٽ هاڻي ادب ۾ ڪجھ هن طرح به لکجي پيو ته
اڱاري 18.07.2023 تي هڪ روزاني سنڌي اخبار ۾ عبدالواحد سومري جي ڪتاب تي تبصرو پڙهيم، ڪتاب جو نالو ”مس ڪال (ناول)“ هيو ۽ تبصري نگار سنڌي ادب جو ڄاتل سڃاتل ۽ ڪافي ڪتابن جو ليکڪ سائين اقبال بلوچ صاحب هو.
ناول ۾ موبائل ذريعي ٿيندڙ عشقن کي ناول نگار پنهنجي بهترين لفظن ۽ سٽن سان سٺي منظرڪشي ڪندي پڙهندڙن کي لطف اندوز ڪيو آهي.
ناول ۾ بهترين رومانس به ڏيکاريل آهي، نورين ۽ رضا جي عشق، اتي سهيل، افشان ۽ شميم جي رومانس وارين ڳالهين سان ناول جو ڪلائمڪس ٿئي ٿو.
”مان توسان پيار ٿو ڪريان“
”پر هي اهو وقت ناهي رضا“
”وقت جو انتظار ڪيترو ڪجي! ؟“
رضا پنهنجون ٻانهون نانگ جيان هن جي ڳچي ۾ وڪوڙي ڇڏيون.
”ها پر“ نورين ڪجھ چوڻ جي ڪوشش ڪئي هئي، زبان سندس ساٿ ڪون پئي ڏنو، رضا وري کيس وڪوڙي ورتو، هن سندس گول مٽول گرم ڇاتي تي هٿ ڦيريا ته هوءَ خاموش ٿي وئي، ٻئي جسم آخري حد به پار ڪري ويا.
اهڙن رومانوي منظرن ۽ ڊائلاگن سان ڀرپور هي ناول جنهن جي پڄاڻي به شاندار نموني ٿيل آهي.
هاڻي جي اهڙن شاعرن جي شاعريءَ جا ڪتاب يا ناول گهر ۾ رکجن ۽ پنهنجي اولاد کي ادب پڙهڻ طرف متوجھ ڪجي ته ڪيئن ڪجي، ڪهڙو اثر پوندو نئين نسل تي، ان کان بهتر آهي ته اولاد کي سنڌي ادب پڙهڻ کان ئي باغي بڻائجي ڇو ته اهو سون ئي گهوريو جيڪو ڪن ڇني يعني اهو ادب ئي گهوريو جيڪو بي ادب هجي.
ادي ياسمين ادب جي حوالي سان سٺو مقام رکي ٿي، پر ڀانڊارو ۾ سندس جا لکيل اهي لفظ ڄڻ ته ڪا ڪاتي آهن، جيڪي هر هر اندر کي وڍين ٿا، ڇو ته هن اهي لفظ لکي ڪري عورت کي ڪچي گار ڏني وئي آهي، پر جي سڪي جو ٻيو پاسو ڏسبو ته مرد به وڏو ڀڙوو ۽ چڪلائي آهي، جيڪو عورت جو لباس لاهي کيس ننگو ڪري عوام آڏو پيش ٿو ڪري، پر هتي هر عورت به زبردستي ڏنل نه هوندي آهي ڇو ته هتي عورت کي ڪاروبار تحت وڪيو ۽ خريد ڪيو ويندو آهي، هتي عورت کي مفادن خاطر ڪاري ڪري کيس ڳڀا ڳڀا ڪيو ويندو آهي، ڪا به عورت ڪنهن به غير مرد سان ناجائز لاڳاپا رکي سمهڻ نه چاهيندي آهي، ها مگر جيڪا عورت شوق خاطر، جنسي حوس جي پورائي خاطر پنهنجو پاڻ ڪنهن مرد جي حوالي ٿي ڪري ته پوءِ ان کي رنڊي چئي سگهجي ٿو، پر جن عورتن کي اغوا ڪري، پيسن تي خريد ڪري آندو وڃي ٿو ته اي ادي ياسمين صاحبه ڇا توهان ان کي به رنڊي چوندا؟
اسلام ۾ زور زبردستي جي شادي جائز ناهي ڇو ته اسلام ڏاڍائي ۽ سختي وارو دين ناهي ته پوءِ جنهن عورت جي شادي انهيءَ جي مرضيءَ جي خلاف ڪرائي وڃي ٿي ۽ هوءَ بغاوت ڪري ٿي ته ڇا اي ادي ياسمين اوهان ان کي به رنڊي چوندا؟
انڊيا جي فلم ۾ هڪ ڊائلاگ هو ته:
مرد: چڪلي جي ڪري اسڪول جي ٻارن تي برو اثر پوي ٿو.
عورت: اسڪول جي ڪري چڪلي تي سٺو اثر ڇو نه ٿو پوي.
سو هتي به ڪجھ ايئن ئي آهي، جو اسان رائيٽر ڪنهن کي به ننگو ڪرڻ ۾ دير نه ڪندا آهيون، باقي ڪنهن ننگي جو ننگ ڍڪڻ خاطر ڦاٽل چولو يا ڪا پراڻي پوتي به خيرات ۾ نه ڏيندا آهيون، ڀل توهان مزارن جو جائزو وٺو يا وري ڪنهن شهر جي هوٽلن ۽ چوراهن جو سروي ڪريو ته اوهان کي معلوم ٿيندو ته مهانگا پڙ مزارن تي وڌا ويندا آهن، چندي جي پيتين ۾ کڙڪڻا نوٽ وڌا ويندا آهن ۽ ٻاهر ويٺل بکي ۽ ننگي انسان کي ڇڙٻ ڏني ويندي آهي، وڏين وڏين هوٽلن تي ويٽر کي دل سان ٽپ ته ڏني ويندي آهي، پر در تي هٿ ٽنگي الله جي نالي تي گهرندڙ کي بچيل ماني به نه ڏني ويندي آهي. ڇو ته اسان هتي زندگي ۾ جيئڻ خاطر معيار مقرر ڪري ڇڏيا آهن، اميري ۽ غريبي جي وچ ۾ ديوار چين ۽ رني ڪوٽ جيڏي ڀت ٺاهي ڇڏي آهي.
مان هتي ادي ياسمين چانڊيو صاحبه کان علاوه سڀني اديبن ۽ شاعرن آڏو سوال رکندس ته عمر سومرو کوهه تان مارئي کي کيت جي چوڻ تي اغوا ڪري کڻي آيو ته ڇا عمر بادشاهه اهو چڱو ڪم ڪيو، پر جڏهن مارئي کي واپس مارن ۾ موڪليائين ته مارئي کي ان وقت مٽن مائٽن سهيلين طعنا مهڻا نه ڏنا هوندا، ڇا ڪنهن کيس شادي واسطي قبول ڪيو هوندو، ڇا عمر جي معافي گهرڻ سان مارئي جي مٿان اڀيون ٿيل آڱرين جون بندوقون هٽيون هونديون، هن جو ته جيئڻ به عذاب ۾ گذريو هوندو، هوءَ ته روز مرندي ۽ جيئندي هوندي جڏهن ته ادي ياسمين ٿي چوي ته
”زبردستي ڏنل ھر عورت رنڊي آھي، جيڪا ھر رات غير مرد سان سمھي ٿي !“
شاهه جي رسالي ۾ سهڻي اهو ڪردار آهي، جيڪا شاديءَ جي باوجود به رات جو درياهه پار ڪري ميهار سان ملڻ وڃي ٿي، جنهن کي لطيف سرڪار غلط نٿو چوي، پر ويتر چوي ٿو ته:
ساهڙ ڌاران سهڻي نسوري ناپاڪ،
نجاست ناه ڪري انين جي اوطاق،
هو جي کير پياڪ، پاسي تنين جي پاڪ ٿئي.
ته پوءِ لطيف سرڪار سهڻيءَ کي نندي ڇو نٿو، ڇو ٿو ڪري سهڻي، جي حمايت، جڏهن ته اڄ اسان جي سماج ۾ سهڻيءَ جهڙيون ڪيتريون ئي سهڻيون ڪاري ڪري قتل ڪيون وڃن ٿيون، ها قرآن ۽ حديث ۾ زور زبردستيءَ جي شادي جائز ناهي، پر آخر ڪهڙي بنياد تي ۽ ڇاجي ڪري ادي ياسمين ايئن ٿي چوي ته:
”زبردستي ڏنل ھر عورت رنڊي آھي، جيڪا ھر رات غير مرد سان سمھي ٿي!“
ها بس هتي ادي ياسمين کان انساني ۽ اخلاقي حق محفوظ رکندي اهو سوال ڪندس ته اوهان پنهنجي لکيل انهيءَ جملي تحت سهڻيءَ بابت ڪهڙو فيصلو ڏينديون، مون هتي سهڻيءَ جو ذڪر ان ڪري ڪيو آهي جو اوهان ”هر عورت“ جو لفظ ڪتب آندو آهي.
باقي رنڊي بابت ڇا لکان، رنڊي به ڪا خوشيءَ سان نه ٿيندي آهي، اهڙين عورتن کي به هن جو مرد ئي مجبور ڪندو آهي ۽ کيس ڪمائي اچڻ خاطر گهر منجهان ڌڪاري ڪڍندو آهي، عياشي ۽ شهوت جي باهه کي جهڪو ڪرڻ خاطر امير ماڻهو ئي اهڙين عورتن کي ننگو ڪري رنڊيءَ جو لقب، خطاب ۽ ايوارڊ ڏيندا آهن، باقي هن گندي ۽ بدبودار سماج ۾ ڪي عورتون اهڙيون به هونديون آهن، جيڪي ڪو حيلو وسيلو نه هجڻ سبب جسم کپائي پنهنجو ۽ اولاد جو پيٽ پالينديون آهن، جيڪو به سچ ته هن هٿرادو سماج ۾ جوڙيل دستورن جو ئي نتيجو آهي. جنهن کي دنيا جو سلجهيل اديب ۽ شاهوڪار ادب ختم نه ڪري سگهيو آهي، ڇو ته اديب صرف ۽ صرف شهرت حاصل ڪرڻ خاطر ئي لکندو آهي ۽ اهو به سچ آهي ته شاعر ۽ اديب پراون ننگن کي ننگو ڪرڻ واسطي ئي لکي ڪري مهانتا حاصل ڪندا آهن، ڇا ڪڏهن ڪنهن اديب ۽ شاعر پنهنجي گهر جي عورتن جي ڪردارن کي وائکو ڪندي لکيو آهي يا انهن جون ننگيون تصويرون ادب پڙهندڙن يا عام ماڻهو آڏو آنديون آهن، نه بلڪل به نه، ڇو ته هتي هميشه ائين ئي ٿيندو رهيو آهي ته منهنجون پاڪ صاف ۽ پرديدار آهن ۽ ٻين جون ننگيون ۽ رنڊيون آهن.
افسوس جو عالم اهو آهي ته ليکڪا هڪ عورت آهي ۽ عورت ٿي ڪري ٻين عورتن بابت نهايت ئي نازيبا ٻولي استعمال ڪندي عورت جي چوليءَ کي چيهاڙيو آهي، جيڪو کيس ڪنهن به ريت نٿو سونهين.
ادي ياسمين اڄ ڪلھ اسان جي سنڌ ۾ ڄڻ ته هاڻي اها رسم بڻجي چڪي آهي ۽ رواج هلي پيو آهي ته خاص ڪري نوجوان ڇوڪرين کي پيار جي ڄار ۾ ڦاسائي انهن جي عزت کي نيلام ٿو ڪيو وڃي، جنهن جو انجام اهو ٿو ٿئي ته انهن ڇوڪرين کي ڪڏهن قتل ڪري خودڪشي جو ويس پارايو ٿو وڃي ته وري اهي باقي زندگي ذلالت جي آسمان هيٺ گهاريندي مريو ٿيون وڃن ته پوءِ ڇا اوهان جو ڀانڊاري وارو ڪتاب انهن کي به رنڊيءَ جو پهراڻ پارائيندو.
ڀانڊارو جي مصنفياڻيءَ کان پڇندس ته هي جيڪي عورتون مختلف سببن جي ڪري دارالامانن ۾ قيد آهن، جن کي اتان جا عملدار پنهنجي نوڪري پڪي ڪرڻ خاطر رات جي اونداهيءَ ۾ ڪنهن طول پٽڪي ۽ وڏي عهدي واري جي بنگلي تي موڪلينديون آهن، ڇا اهي به رنڊيون آهن، جڏهن ته اهي ويچاريون بيوس ۽ لاچار هونديون آهن جن کي ڪنهن جي به بستري گرم ڪرڻ خاطر زور ۽ زبردستي جي منشور ۽ آئين جي فقرن تحت موڪليو ويندو آهي ۽ اهڙو ئي حشر نشر يونيورسٽين جي گرلس هاسٽلين ۾ پڻ ٿيندو آهي، جڏهن ته والدين پنهنجين نياڻين کي علم جي ٽين اک حاصل ڪرڻ خاطر موڪليندا آهن، پر افسوس جو انهن هاسٽلن جا ذميوار انهن نياڻين کي غلط راهه تي آماده ڪندا آهن ته ڇا اوهان انهن کي به رنڊي جو نالو ڏينديون.
ڪجھ دوستن صلاح ڏني ته مان ڪهاڻي ڀانڊارو مڪمل پڙهان ته جيئن خبر پوي ته ليکڪا چوڻ ڇا ٿي چاهي، کين چيم ته اهو ايئن ٿيو ته ڪنهن جو پٽڪو ڌوڙ ڪري کيس چئجي ته خير آهي مٿي تان زمين تي ڪريو آهي، پر ميرو ناهي ٿيو يا ڪنهن کي الف اگهاڙو ڪري کيس سرٽيفڪيٽ ڏجي ته تون اگهاڙو نه آهين.
وڌيڪ ڇا لکان ۽ ڪهڙا حوالا يا واقعا بيان ڪريان بس جن کي سمجھ ۽ شعور هوندو سي اميد ته هن مختصر تحرير منجهان ٿورو گهڻو سبق ۽ فيض ضرور حاصل ڪندا. باقي جن کي چڱن ڀلن جي پيرن منجهان کوٽي کوٽي ڪنڊا ڪڍڻ جي ازلي عادت آهي، سي لازمي آهي ته تنقيد ڪندا، ها اسان به تنقيد جي آجيان ڪنداسون. جيڪڏهن اها تنقيد اصلاح ۽ رهنمائيءَ خاطر هوندي پر وري به سدائين وانگر ادب دوستن کي گذارش ٿي ڪجي ته فيصلو حق ۽ سچ جي مناسبت سان ڪجو مهربانيون.
***