بلاگنئون

انصاف جي تلاش ۾ ڀٽڪيل نياڻي امِ رباب چانڊيو

سنڌ جي مٽي رڳو زمين جو ٽڪرو نه آهي، اها تاريخ جو هڪ زنده ڪتاب آهي، جنهن جي هر ورق تي رت جا نشان، وفائن جا داستان، ۽ جدوجهد جا باب لکيل آهن. هن ڌرتيءَ پنهنجي ڪُک مان اهڙا انسان پيدا ڪيا آهن، جن ظلم جي سامهون ڪنڌ نه جهڪايا، پر سچ جي واٽ تي هلندي پنهنجون زندگيون قربان ڪيون. انهن ڪهاڻين مان ڪي ته وقت جي ڌوڙ ۾ لڪي وڃن ٿيون، پر ڪي اهڙيون به هونديون آهن، جيڪي صدين تائين ضمير کي جاڳائنديون رهنديون آهن. اهڙي ئي هڪ ڪهاڻي آهي امِ رباب چانڊيو جي. هڪ نياڻي، جيڪا پنهنجي اکين سان پنهنجي پيارن جو رت وهندي ڏٺو ۽ پنهنجي دنيا کي ٽٽندي محسوس ڪيو،  پوءِ ان ٽٽل دنيا جي ڀڃڪڙي کي گڏ ڪري انصاف جي در تي وڃي بيٺي، پر افسوس، جتي کيس انصاف جي اميد هئي، اتي کيس خاموشي ملي. هڪ اهڙي خاموشي، جيڪا لفظن کان وڌيڪ ڳري، ۽ زخمن کان وڌيڪ گهري هوندي آهي. زندگي ڪڏهن ڪڏهن انسان سان اهڙو مذاق ڪندي آهي، جو ساهه به بار لڳڻ لڳي ٿو. امِ رباب لاءِ اهو ڏينهن ڪنهن قيامت کان گهٽ نه هو، جڏهن سندس پيءُ، ڏاڏو ۽ چاچو بيدردي سان قتل ڪيا ويا. اهو منظر رڳو هڪ حادثو نه هو، پر هڪ اهڙو زخم هو، جيڪو وقت سان ڀرجڻ بدران وڌيڪ گهرو ٿيندو ويو.

رت سان رڱيل اها زمين، جنهن تي ڪڏهن خوشين جا قدم پيا هئا، اوچتو هڪ قبرستان جهڙي خاموشي اختيار ڪري وئي. گهر جا در، جيڪي ڪڏهن کلندا هئا، هاڻي سسڪين جي آواز سان گونجڻ لڳا ۽ انهن سسڪين جي وچ ۾ هڪ ننڍڙي نياڻي بيٺي هئي. اکين ۾ خوف، دل ۾ درد، پر اندر ۾ هڪ عجيب قسم جو حوصلو. امِ رباب چانڊيو صرف روئڻ تي اڪتفا نه ڪيو. هن پنهنجي درد ڀريئي ڪرندڙ لڙڪن کي طاقت بڻايو ۽ پنهنجي درد کي آواز ڏنو. عدالتن جا در کڙڪائڻ، پوليس اسٽيشنن جا چڪر، ميڊيا آڏو پنهنجو ڪيس رکڻ. هي سڀ ڪجهه هڪ نوجوان ڇوڪريءَ لاءِ آسان نه هو، پر هن لاءِ اهو رستو چونڊڻ کانسواءِ ٻيو ڪو به آپشن نه هو. اٺن سالن تائين، هر صبح هن لاءِ هڪ نئين اميد کڻي ايندي هئي ۽ هر شام هڪ نئين مايوسيءَ سان گڏ لهندي هئي، پر هن ڪڏهن به اميد جو دامن نه ڇڏيو. هن جي اکين ۾ هڪ ئي خواب هو انصاف. هن جي جدوجهد صرف ذاتي نه رهي، پر هڪ علامتي حيثيت اختيار ڪري وئي. هوءَ سنڌ جي انهن سڀني مظلومن جي نمائندگي ڪرڻ لڳي، جيڪي خاموشيءَ سان ظلم برداشت ڪن ٿا، پر آواز اٿارڻ جي همت نٿا ڪن. انصاف، جنهن کي انسانيت جو بنيادي اصول سمجهيو ويندو آهي، ڇا واقعي موجود آهي؟ يا اهو رڳو هڪ خوبصورت خيال آهي، جيڪو ڪتابن ۽ تقريرن تائين محدود آهي؟ جڏهن عدالت قاتلن کي بري ڪري ڇڏيو، تڏهن اهو سوال وڌيڪ تيز ٿي سامهون آيو. ڇا انصاف ثبوتن تي ٻڌل هوندو آهي يا طاقت ۽ اثر رسوخ تي؟ ڇا سچ هميشه کٽي ٿو يا ڪڏهن ڪڏهن هارائي به وڃي ٿو؟

امِ رباب جو ڪيس اسان کي اهو سوچڻ تي مجبور ڪري ٿو ته شايد انصاف هڪ اهڙو آئينو آهي، جيڪو هر ڪنهن کي پنهنجي حيثيت مطابق نظر اچي ٿو. طاقتور لاءِ اهو صاف ۽ چمڪندڙ هوندو آهي، جڏهن ته ڪمزور لاءِ اهو ٽٽل ۽ ڌنڌلو خواب مثال آهي!! سماج، جيڪو هر واقعي جو شاهد هوندو آهي، اڪثر وقت خاموش رهندو آهي. ڪجهه ڏينهن لاءِ شور مچندو آهي، احتجاج ٿيندا آهن، بيان جاري ٿيندا آهن، پر پوءِ سڀ ڪجهه وسري ويندو آهي، اهوئي ٿيو امِ رباب سان. ڪجهه وقت لاءِ هوءَ خبرن جو حصو رهي، ماڻهن جي همدردي حاصل ڪئي، پر پوءِ آهستي آهستي سڀ ڪجهه خاموش ٿي ويو. هيءَ خاموشي، اصل ۾، سڀ کان وڏو ظلم آهي. ڇو ته جڏهن سماج خاموش ٿي وڃي ٿو، تڏهن ظالم کي وڌيڪ طاقت ملي ٿي. ڪجهه درد اهڙا هوندا آهن، جيڪي بيان نٿا ڪري سگهجن. امِ رباب جو درد به اهڙو ئي آهي. اهو رڳو ٽن ماڻهن جي وڃائڻ جو غم نه آهي، پر هڪ اهڙي نظام تي ڀروسو ٽٽڻ جو درد آهي، جنهن تي هوءَ يقين رکندي هئي. هن جي اکين ۾ اڄ به اهو سوال زنده آهي: “ڇا منهنجي پيارن جو رت ايترو سستو هو؟” اهو سوال صرف هڪ نياڻي جو نه، پر سڄي سماج جو آهي ۽ جيستائين هن سوال جو جواب نه ملندو، تيستائين هي درد زنده رهندو. اڄ امِ رباب چانڊيو رڳو هڪ نالو نه آهي، پر هڪ علامت آهي، مزاحمت جي، جدوجهد جي ۽ سچ جي تلاش جي. هوءَ اسان کي اهو سيکاري ٿي ته ظلم جي خلاف آواز اٿارڻ ضروري آهي، ڀلي نتيجو ڪجهه به نڪري. ڇو ته خاموشي، هميشه ظالم جو ڀرجهلو هوندي آهي. زندگي شايد اڳتي وڌي وڃي، وقت شايد زخمن کي ڪجهه حد تائين ڀري ڇڏي، پر ڪجهه سوال اهڙا هوندا آهن، جيڪي ڪڏهن به ختم ناهن ٿيندا.

“ڇا انصاف واقعي موجود آهي؟” “ڇا ڪمزور کي ڪڏهن به انصاف ملندو؟” اهي سوال اڄ به اسان جي سماج اڳيان بيٺا آهن ۽ شايد گهڻو وقت بيٺا رهندا. امِ رباب جهڙيون نياڻيون، جيڪي انصاف جي راهه ۾ اڪيليون بيٺيون آهن، اسان کي اهو ياد ڏيارين ٿيون ته جيڪڏهن اسان پنهنجي سماج کي بهتر بڻائڻ چاهيون ٿا ته اسان کي خاموشي ٽوڙڻي پوندي. ڇو ته خاموش سماج، هميشه ناانصافي جي پيرن مان اڏامندڙ دز ڪمزور جي اکين کي انڌو ڪري ڇڏيندي آهي ۽ آواز اٿاريندڙ انسان، تاريخ جو حقيقي هيرو بڻجي ويندو آهي، جتي جاگيرداري، سرمائيداري ۽ سياست هڪ ئي ڌاڳي ۾ ڳنڍيل هجن، اتي قانون ڪتابن ۾ ته زنده هوندو آهي، پر عملي دنيا ۾ بيجان ٿي ويندو آهي. اهڙي سماج ۾ قانون جو ڪردار انصاف ڏيڻ بدران طاقت جي حفاظت ڪرڻ بڻجي ويندو آهي. اهو ترازو، جيڪو برابر هجڻ گهرجي، اڪثر هڪ پاسي جهڪي پوي ٿو ۽ اهو پاسو هميشه طاقتور جو هوندو آهي. امِ رباب چانڊيو جهڙيون ڪهاڻيون ان نظام جو زنده مثال آهن، جتي هڪ نياڻي اٺن سالن تائين انصاف لاءِ جدوجهد ڪري ٿي، پر آخرڪار کيس اهو احساس ٿئي ٿو ته قانون جون ديوارون سڀني لاءِ هڪجهڙيون ناهن. ڪمزور لاءِ اهي ڀتيون اوچيون ۽ اڻٽٽ ٿين ٿيون، جڏهن ته طاقتور لاءِ اهي دروازا بڻجي کلي وڃن ٿيون. هي مسئلو رڳو هڪ ڪيس يا هڪ فرد تائين محدود ناهي، پر هڪ پوري ڍانچي جو نتيجو آهي. جاگيردار پنهنجي اثر رسوخ سان قانون کي موڙي ڇڏين ٿا، سرمائيدار پئسي جي طاقت سان انصاف خريد ڪن ٿا ۽ سياستدان اقتدار جي آڙ ۾ احتساب کان بچي وڃن ٿا. نتيجي ۾، عام ماڻهو لاءِ قانون هڪ خواب بڻجي وڃي ٿو. اهڙو خواب، جيڪو ڏسڻ ته آسان آهي، پر حاصل ڪرڻ ناممڪن لڳي ٿو. فلسفي جي نگاهه سان ڏسجي ته قانون جو بنيادي مقصد سماج ۾ توازن قائم رکڻ آهي، پر جڏهن اهو توازن طاقت جي بنياد تي طئي ٿيڻ لڳي، تڏهن قانون پنهنجو اصل روح وڃائي ويهندو آهي. پوءِ اهو انصاف جو اوزار نه، پر استحصال جو هٿيار بڻجي ويندو آهي، پر سوال اهو آهي ته ڇا هيءَ صورتحال هميشه اهڙي رهندي؟ تاريخ ٻڌائي ٿي ته جڏهن به ظلم پنهنجون حدون پار ڪري ٿو، تڏهن مزاحمت جنم وٺندي آهي. هر دور ۾ ڪي آواز اٿيا آهن، جيڪي هن ناانصافيءَ کي للڪارين ٿا. اهي آواز شروع ۾ ڪمزور لڳن ٿا، پر آهستي آهستي اهي ئي تبديليءَ جو سبب بڻجن ٿا. ان ڪري، ضروري آهي ته سماج جا شعور رکندڙ ماڻهو خاموشي اختيار نه ڪن. ڇو ته خاموشي، طاقتور جي سڀ کان وڏي طاقت هوندي آهي. جڏهن عام ماڻهو پنهنجي حق لاءِ آواز اٿاريندو، تڏهن ئي قانون کي پنهنجي اصل حيثيت واپس ملندي. آخر ۾، ڳالهه رڳو قانون جي ناهي، ڳالهه ضمير جي آهي. جيستائين ضمير زنده آهي، تيستائين اميد به زنده آهي ۽ جتي اميد زنده هجي، اتي انصاف جي واٽ ڪڏهن به مڪمل طور بند نٿي ٿي سگهي.