خاص

ٻيلي کاتي جون زمينون هاڻي ڪنهن کي الاٽ نه ٿينديون: ناصر حسين شاهه

سينئر ميمبر بورڊ آف روينيو جي آفيس ۾ هڪ اجلاس دوران سنڌ جي ٻيلي کاتي ۽ مڪاني ادارن واري صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه چيو آهي ته ٻيلي کاتي جي ريزرو فاريسٽ جي 1892ع کان 2019ع تائين رڪارڊ ۾ ڇهه لک ايڪڙ زمين هئي، جنهن ۾ گذريل ٻن کان ٽن مهينن دوران چار لک ايڪيهه هزار ايڪڙ ايراضي جي واڌ ٿي آهي. هن وقت ريزرو فاريسٽ جي زمين ڪل ڏهه لک ايڪيهه هزار ايڪڙ ٿي وئي آهي. صوبائي وزير وڌيڪ چيو ته بورڊ آف روينيو ۾ درج ٿيڻ کانپوءِ هاڻي اهي زمينون ڪنهن کي به الاٽ نٿيون ٿي سگهن. هن آفيسرن کي هدايت ڪئي ته ٻيلو ۽ روينيو کاتا گڏيل طور تي پروٽيڪٽو فاريسٽ جي لڳ ڀڳ پنجويهه لک ايڪڙ زمين به لينڊ رجسٽر ۾ درج ڪن ته جيئن ان کي به محفوظ بڻائي سگهجي