ناول

”هڪ سرواڻ جو ٻالڪپڻ“ يان پال سارتر ناوليٽ- قسط-3 ترجمو: منور سراج

سڀ کان اڳ جنهن شيءِ کيس سڪون پڄايو اها هئي ٽنائليٽ جي وڻندڙ خوشبو، ٿڌڪار ۽ اڪيلائي. هو پنهنجو اندر هلڪو ڪرڻ لاءِ سادگيءَ سان هيٺ ويهي رهيو، پر کيس اهڙو ڪجهه به محسوس نه ٿيو. هن ڪنڌ مٿي ڪيو ۽ دروازي تي لکيل اهي جملا پڙهڻ لڳو جن سان دروازو ڀريو پيو هو.

نيري مس واري پين سان ڪنهن لکيو هو: باراتائو هڪ گرانٺ مُٺڙيو آهي.

ليوسين مُرڪڻ لڳو: اهو سچ آهي، باراتائو گرانٺ مٺڙيو آهي. واقعي اهو قد جو بندرڙو آهي. هنن جو چوڻ هو ته هو ڪجهه قد ڪڍندو، پر گهڻو نه! ڇو ته سندس پيءُ به ڊينڊڙو هو، بلڪه تقريبن گرانٺ مُٺڙيو. ليوسين حيرت سان سوچيو ته جي باراتائو پاڻ اهو جملو پڙهيو هجي ته پوءِ؟ پر هن سوچيو “نه” جي هن اهو جملو پڙهيو هجي ها ته هن محل تائين اهو جملو دروازي تان ڊهي چڪو هجي ها. باراتائو آڱر آلي ڪري ان عبارت کي کرڙي لاهي چڪو هجي ها.

ليوسين کي اهو سڀ سوچي ۽ تصور ڪندي خوشي محسوس ٿي ته چئين ڌاري باراتائو ٽوائليٽ وڃي، پينٽ لاهي هيٺ ويهي ۽ دروازي تي لکيل لفظ پڙهي: باراتائو هڪ گرانٺ مُٺڙيو آهي.

ممڪن آهي ته هن پاڻ ڪڏهن پاڻ بابت سوچيو به نه هجي ته ڪو هو ايترو بندرڙو آهي.

ليوسين دل ۾ وچن ڪيو ته هو ٻئي ڏينهن رسيس مهل کيس گرانٺ مُٺڙيو ڪوٺيندو.

هو اٿي بيٺو ته ڀت جي ساڄي پاسي ساڳي نيري پين سان ٻيو جملو لکيل ڏٺائين:

“ليوسين فليوريئر بانس جو لڪڙو آهي”

جملو ڊاهي ڇڏيائين ۽ ڪلاس ڏي هليو ويو.

“ها اهو سچ آهي” هن پنهنجي چو طرف موجود ڇوڪرن ڏي ڏسندي چيو. سڀ ڇوڪرا کانئس قد ۾ ننڍا هئا. هن تڪليف محسوس ڪئي:

بانس جو ڊگهو سنهڙو لڪڙو، ڪاٺ جي ننڍڙي ڊيسڪ تي ويٺل. جرمائين رڌڻي ۾ هئي. ماڻس اڃان گهر نه موٽي هئي. هن هڪ اڇي ڪاغذ تي وڏن لفظن ۾ صورتخطيءَ کي بهتر ڪرڻ لاءِ لکيو “بانس جو لڪڙو” پر اهي لفظ کيس ڪافي ڄاتل سڃاتل ڀاسيا ۽ مٿس ڪو گهڻو اثر نه وڌائون. هن سڏيو “جرمائين… جرمائين”

“وري ڇا ٿو کپئي” جرمائين وراڻيو.

“جرمائين مان چاهيان ٿو ته تون هن ڪاغذ تي لک” ليوسين فليوريئر لڪڙي وانگر آهي.

“ليوسين! چريو ٿيو آهين ڇا”

ليوسين پنهنجون ٻانهون سندس ڳچيءَ ۾ ورائي ڇڏيون.

“مهرباني ڪر… پياري جرمائين”

جرمائين پنهنجون ٿلهيون آڱريون ايپرن سان اگهندي کلڻ لڳي.

جنهن مهل هوءَ ڪاغذ تي لفظ لکي رهي هئي ان مهل هو بي خبر ٿيو بيٺو رهيو، پر پوءِ هو اهو ڪاغذ کڻي پنهنجي ڪمري ۾ ويو ته اتي دير دير تائين پڙهندو رهيو.

جرمائين جي لکڻي صاف سٿري هئي.

کيس لڳو ڪنهن جو خشڪ کهرو آواز سندس ڪنن ۾ پڙاڏجي رهيو آهي.. بانس جو لڪڙو… هو سوچڻ لڳو “مان ڊگهو لڪڙو آهيان” هو شرمندگيءَ ۾ مبتلا ٿي ويو.

“ايئن ئي ڊگهو آهيان جيئن باراتائو بندرڙو آهي”

ٻيا سندس پٺيان بيهي کلي رهيا هئا.

کيس لڳو ڄڻ کيس ايڏو ڊگهو هئڻ جي ڪري هميشه هميشه لاءِ رد ڪيو ويو هجي. ڄڻ مٿس ڪو ڏنڊ پئجي ويو هجي.

ان شام هن پيءُ کان پڇيو ته ڇا ائين ممڪن آهي جو ماڻهو خوشيءَ مان ٿورو سُسي وڃي!

پڻس وراڻيو: اسان جي فليوريئر خاندان جا سڀ فليوريئر قدآور ۽ مضبوط هڏ ڪاٺ وارا ٿيندا آهن ۽ اڃان ته توکي وڌيڪ سگهو ۽ قدآور ٿيڻو آهي.

ليوسين جي آخري اميد ٽُٽي پئي. ماڻس کيس ننڊ مان جاڳايو ته هو هنڌ مان اٿي سڌو وڃي درسنيءَ تي بيٺو.

“چڱو ڊگهڙ آهيان ٻيو”، پر کيس اهڙو ڪجهه خاص نظر نه آيو.

هو نه ڊگهو ٿي نظر آيو نه بندرو.

ڪپڙا مٿي ڪري ڄنگهن ڏي ڏٺائين ۽ پوءِ تصور ئي تصور ۾ ڪوسٽل کي هيبرارڊ سان ڳالهائيندي ڏٺائين. هن جون لڪڙن جيڏون ڄنگهون ته ڏسو! هو صفا ڀوڳ بڻجي ويو.

سندس ٺپ ٺري ويا ۽ هو ڏڪڻ لڳو.

ڪنهن چيو “انهن بانس جي لڪڙي جهڙن ڇانگهن کي ڄاهي جهڙا اڀا وار هوندا آهن”

ليوسين پنهنجي قميص جو آڳو مٿي ڪيو. سڀني سندس پيٽ، دُن ۽ ٻيا ٽين ٽپڙ به ڏٺا. پوءِ هو اتان مُٺيون ڀيڙي ڀڳو ۽ وڃي هنڌ ۾ ڦان ٿيو.

جنهن مهل هن قميص مان هٿ اندر اماڻيو ته کيس لڳو ڄڻ ڪوسٽل کيس ڏٺو هجي ۽ چوندو هجي: ڏسو ڏسو هي ڇانگو ڇا پيو ٿو ڪري.

هو ويڙهجي سيڙهجي هنڌ ۾ لڪي ويو ۽ وڏا وڏا ساهه کڻڻ لڳو.

انهن ڏهاڙن دوران هن استاد کي چوڻ ٿي چاهيو ته کيس پٺين ڊيسڪ تي ويهڻ جي اجازت ڏني وڃي. ڇو ته بائوسٽ، رنڪل مئن ۽ ڪوسٽل سندس پٺيان ويهندا هئا جتان اهي سولائيءَ سان سندس پُٺ ڏسي پئي سگهيا. ليوسين پنهنجي پٺيءَ کي محسوس ڪري پئي سگهيو، پر ڏسي نه پئي سگهيو، پر جنهن مهل هو استاد جي اڳيان ڪوبه سبق پڙهڻ يا سندس  سوالن جا جواب ڏيڻ ٿي لڳو ته ان مهل ٻيا سندس ڪنڌ ڏسي پئي سگهيا ۽ مٿس کلندي سوچي پئي سگهيا “همراهه صفا سوتلي آهي” ليوسين پنهنجي آواز کي پنهنجي مرضيءَ سان ڪنهن مهل ٿلهو ته ڪنهن مهل سنهو ڪري پئي سگهيو، پر بهرحال سندس ڳچيءَ جو پويون پاسو ته اتي ئي هو، پر ان هر تاثر کان خالي. ڄڻ ڪو آرامي ماڻهو ۽ بائوسٽ انهيءَ کي ڏٺو. هن پنهنجي ڊيسڪ بدلائڻ جي جرئت نه ڪئي، ڇو ته پويون ڊيسڪون ڏڏ شاگردن لاءِ مخصوص ٿيل هيون. سندس ڪنڌ ۽ ڪلهن جي ڪنارين ۾ خارش هئي جنهن کي کيس هر هر کنهڻو ٿي پيو.

ليوسين هڪ نئين کيڏ ايجاد ڪري ورتي. صبح جو جنهن مهل هو وهنجڻ ٿي لڳو ته تصور ڪرڻ ٿي لڳو ته ڪُنجي واري سوراخ مان ڪو کيس ڏسي رهيو آهي. ڪنهن مهل ڪوسٽل، ڪنهن مهل بائوليگاد ته ڪنهن مهل وري جرمائين. هئي وهنجڻ مهل پنهنجي بدن کي چوطرف ڦيرائڻ ٿي لڳي ته جيئن اهي کيس هر پاسي کان ڏسي سگهن. ڪنهن مهل هن پٺيرو ٿي پنهنجو پولهه دروازي ڏي ٿي ڪيو ته جيئن اهي چارئي سندس اڻ وڻندڙ نظارو ڪن. ايم بائو فارديئر قبضي ٽوڙڻ لاءِ اينميا کنيو پٻن ڀر ڏانهس هلندي پئي آئي. هڪ ڏينهن جنهن مهل هو وهنجڻ جاءِ ۾ هو ته کيس ڪجهه آواز ٻڌڻ ۾ آيا. اهو جرمائين هئي جنهن هال ۾ رکيل مانيءَ واري ميز کي پئي اگهيو. هن جي دل جي ڌڙڪن رڪجي وئي. جلديءَ ۾ دروازو کولي ٻاهر نڪري آيو. ٽرائوزر اڃان کڙين ۾ ڦاٿل ۽ پٺيان کان قميص مٿي هئس، رڳو سڌو ٿي متوازن انداز ۾ هلڻ کان به لاچار پئي لڳو. جرمائين خاموشيءَ مان ڏانهس نهاريو ۽ پوءِ ڪاوڙ مان چيائين: “اهو ڇا پيو ٿو ڪرين، ٻوريءَ ۾ ڄنگهون وجهي ڊوڙ پڄائڻ واري راند ٿو ڪرين ڇا؟”

هن ڪاوڙ مان ٽرائوزر مٿي ڪيو ۽ ڊوڙي وڃي هنڌ ۾ ڪريو. مسز فليوريئر شايد صدمي ۾ پئجي وئي ۽ مڙس کي چيائين “ننڍپڻ ۾ ته هيءُ ڏاڍو شانائتو ۽ پُر وقار هو ۽ هاڻي ڏس! صفا اصل بڇڙو ٿي ويو آهي. اها ٻڏڻ جهڙي ڳالهه ناهي؟؟”

مسٽر فليوريئر بي ڌياني سان ليوسين ڏي ڏسندي چيو: “اها عمر جي تقاضا آهي”

ليوسين کي خبر نٿي پئي ته هو پنهنجي جسم جو ڇا ڪري! هن جو ڪجهه به ڪيو ٿي ڪجهه به ڪونه ٿي وريو سريو. کيس محسوس ٿيو ته سندس جسم ساڻس صلاح مشورو ڪرڻ بنا پاڻ هرتو وڏي تيزيءَ سان چوطرف ڦهلجي رهيو آهي.

تڏهن کان ليوسين پاڻ کي هڪ اهڙي وجود طور تصور ڪرڻ لڳو جيڪو ڪنهن کي به نظر نه ايندو آهي ۽ پاڻ ۾ اها عادت پيدا ڪيائين جو وهنجڻ جاين جي سوراخن ۽ سيرن مان ٻين ماڻهن کي ڏسڻ لڳو ته جيئن اهو ڄاڻي سگهي ته انهن جا جسم سڌو بي خبريءَ ۾ ڪيئن ٿا نظر اچن. هن پنهنجي ماءُ کي وهنجندي ڏٺو.

هوءَ صندليءَ تي ويٺي هئي. ڪجهه ڪجهه ننڊاکي پئي نظر آئي. پڪ ئي پڪ ان مهل هوءَ چهري ۽ ٻئي جسم کان بلڪل بي نياز هوندي ڇو جو کيس پڪ هئي ته مٿس ڪنهن جي نظر ڪانه ٿي پئي. صابڻ جي سفيد گجيءَ هاڻو اسفنج وارو مُچو پاڻ همورو سندس اگهاڙي بدن تي اڳتي پوئتي ڊوڙي رهيو هو. هوءَ سڪون سان بنهه آهستي آهستي وهنجي رهي هئي. هوءَ صابڻ هاڻي مُچي سان پاڻ کي مهٽڻ سهٽڻ لڳي ته سندس هٿ گم ٿي ويو. سندس چهرو پر سڪون، پر گهڻي ڀاڱي ڏکارو هو. يقينن ان مهل هن ٻيو ڪجهه پئي سوچيو. ليوسين جي پڙهائي بابت… يا شايد ايم پئانڪير بابت!، پر انهيءَ دوران سندس گلابي گوشت وارو ٿلهو ٿنڀرو جسم ڄڻ ته چيني صندليءَ تي لڙڪيو پيو هو. ٻئي دفعي هو جُتي لاهي گهرن جي ڇتين تي چڙهي ويو. اتان هن جرمائين کي ڏٺو جنهن کي گوڏن تائين شميز پاتل هئي ۽ هن هڪ خاص ادا سان مرڪندي درسنيءَ ۾ پنهنجي سراپا ڏي ڏسي وارن کي ڦڻي پئي ڏني. ليوسين بي ساخته ٽهڪن ۾ ٻڏي ويو ۽ کيس تڪڙ ۾ ٽپ ڏيئي هيٺ لهڻو پيو.

جنهن کانپوءِ هو سئلون ۾ شيشي جي سامهون بيهي مرڪڻ ۽ پنهنجي پاڻ کي چيٻارا ڏيڻ لڳو ۽ ڪجهه ئي لمحن ۾ ڀيانڪ ڊپ ۾ ڀرجي صفا ٺري ٺنڀ ٿي ويو.

آخر ۾ ليوسين گهري ننڊ پئجي ويو، پر ايم ڪوفن کانسواءِ ڏانهس ڪنهن جو ڌيان نه ويو. اهڙي ننڊ جنهن کي هن پنهنجي ننڊاکي سونهن ٿي ڪوٺيو. هوا جو هڪ وڏو ڦوڪڻو جنهن کي هو نه ڳهي ٿي سگهيو نه ٿوڪاري، هميشه سندس اڌ کليل وات ۾ رهڻ لڳو. اهو سندس اوٻاسيءَ جو انداز هو. جنهن مهل هو اڪيلو هو، ڦوڪڻو ڦهلجي وڏو ٿي سندس ڪاڪڙي ۽ زبان کي ڇهندو رهيو.

سندس وات کلي ويو ۽ ڳلن تان ڳوڙها وهڻ لڳا. اهي ڏاڍا دلڪش لمحا هئا.

هن پاڻ کي وهنجڻ جاءِ ۾ ايترو خوش محسوس نه ڪيو، پر اهڙي قسم جي تياري لاءِ هن ڇڪ ڏيڻ وڌيڪ پسند ڪيو، جنهن سان هو جاڳي پيو ۽ هڪ گهڙي لاءِ پنهنجي چوطرف پاڻ کي خوشيءَ جي احساس ۾ ڀريل ڏٺائين ۽ پوءِ وري اهڙي جو اهڙو ٿي ويو.

هن ننڊ جا مختلف ذريعا ۽ طريقا سکي ورتا. سياري ۾ هو آتشدان جي ويجهو مٿو ڄڀي جي ڀرسان ڪري ستو، جنهن مهل اها ڳاڙهي لال ٿيڻ لڳي کيس ڄرڪائڻ لڳي ته هن ان کي “مٿي ڀر سمهڻ” جو نالو ڏنو. ٻئي هٿ تي آچر جي صبح جو وري هو پيرن ڀر ستو. اهو تجربو هن وهنجڻ مهل ڪيو. هن پاڻ کي آهستي آهستي هيٺ ڪيو ته ننڊ لهرن وانگر سندس ڄنگهن ۽ رانن تي ريڙهيون پائڻ لڳي. ستل جسم جي مٿان ڪنهن، ٻاڦ تي پڪل اڇو، گهنجيل ۽ ڦنڊيل ڪڪڙ وانگر پاڻيءَ جي سطح تي هڪڙو ننڍڙو سونهري سمجهه ڀرين گفتن سان ڀريل مٿو… ٽيمپلم… ٽيمپلي ٽيمپلو… اسڪول جي ڪلاس روم ۾ سندس ننڊ اڇي رنگ جي ۽ روشني جي شعائن سان ڇڄيل.

پهرئين: “ٽيون درجو ڪهڙو هو؟ ڪجهه به نه”

پهريون: ليوسين فليوريئر

ٻيون: ونڪلمئن.

پيليوري الجبرا ۾ پهريون نمبر هو، جنهن کي رڳو هڪڙو خصيو هو.

سندس خصئي کي ڏسڻ جي قيمت ٻه رپيا ۽ ڇهڻ جي ڏهه رپيا مقرر هئي. ليوسين ڏهه رپيا ادا ڪيا، ٿورو هٻڪي ويو ۽ خصيو ڇهڻ کانسواءِ ئي هٿ پوئتي ڇڪي ورتائين، پر ان کانپوءِ کيس پنهنجي ان هٻڪ تي ايترو افسوس ۽ پڇتاءُ ٿيو جو اڪثر دير دير تائين ننڊ ڪونه ٿي آيس.

هو تواريخ جو سٺو ۽ جيالاجيءَ جو جڏو شاگرد هو.

پهريون: ونڪلمئن

ٻيون: فليوريئر

آچر وارن ڏهاڙن تي هو ڪوسٽل ۽ ونڪلمئن سان گڏ سائيڪل جي سواري ڪرڻ ويو. گرمي ۽ ڌوڙ ۾ ڏٽيل ٻهراڙيءَ ۾ سندن سائيڪلون مٽيءَ ۽ دز ۾ هڪ ٿي ويون. جيتوڻيڪ ليوسين جون ڄنگهون ڪافي چُست هيون ۽ بدن وٽيل سٽيل هو، پر رستن جي ننڊاکي بُو سندس دماغ ۾ گهڙي وئي. هو سائيڪل جي هئنڊل تي جهڪيل هو، اڌ کليل اکيون ۽ اکين جا گلابي ڏورا.

وٽس ٽي نمايان اعزازن واريون سندون هيون. ليوسين اڃان به ڪجهه وڌيڪ بهتر ڪارڪردگي ڏيکارڻ لاءِ پڻس جي ڪتاب “Larousse Medical” جي مضمون “ٻچيدادني” مان مدد ورتي، جنهن کانپوءِ انهن جي اڳيان اها وضاحت ڪيائين ته عورتون ڪيئن هونديون آهن. ويندي هن بورڊ تي ان جو خاڪو به ٺاهيو، جنهن کي ڪوسٽل انتهائي اڻ وڻندڙ ۽ اڍنگو قرار ڏنو، پر ان کانپوءِ انهن مان ڪوبه عورتاڻين Tubes جو ذڪر ٽهڪن ۾ ٻڏڻ بنا ٻڌي نه سگهيو. جڏهن ته ليوسين وري اطمينان سان سوچيو پئي ته سڄي فرانس ۾ ڪير به اهڙو ٻيو جز وقتي شاگرد نه هوندو جيڪو سندس جيان اهڙو وڏ واتو ۽ عورتاڻن عضون بابت اهڙي گهري ڄاڻ رکندو هجي.

فليوريئرز جي پيرس ڏانهن پيش قدمي ڪنهن مقناطيسي چمڪاٽ جيان هئي.

ليوسين ڪو وقت ته رستن، ڪارن ۽ فلمن جي ڪري سک جي ننڊ سمهي نه سگهيو.

پر پوءِ آهستي آهستي هوVoisin  کيPackard  کان ۽ Hispano-Suiza کي Rolls کان الڳ ڪرڻ سکي ويو ۽ انهن بابت فر فر ڳالهائڻ لڳو. هو ذري گهٽ هڪڙو سڄو سال ڊگها ٽرائوزر پائيندو رهيو. پڻس کيس سندس ڪاميابين جي انعام طور بيچلرز ڊگريءَ لاءِ انگلينڊ موڪليو. ليوسين ميداني علائقا ڏٺا جيڪي پاڻيءَ جي ڪري سُڳل ۽ ڏرا ڏئي ويل هئا. جان ليتمير مان ٻه ٻه هٿ ڪيائين ۽ ماڻهو جي ٻانهن پٺيان ورائي مڪون هڻڻ سکي ويو، پر هڪ ڏينهن هو پاڻ کي ستل ڏسڻ لاءِ جاڳيو، ان وري ڏانهنس موٽ کاڌي هئي. هو ننڊاکو ننڊاکو پيرس موٽيو. ميٿاميٽڪس جي ڪلاس ۾ ستٽيهه شاگرد هئا، جن مان گهٽ ۾ گهٽ اٺن ڄڻن جو خيال هو ته اهي عورتن جي باري ۾ سڀ ڪجهه ڄاڻن ٿا. باقي ٻيا جيڪي رهن ٿا سي سڀ نپٽ ڪنوارا آهن.

روشن خيال همراهن (سترهين ۽ ارڙهين صدي جي فيلسوفياڻي ۽ دانشوراڻي تحريڪ جا پوئلڳ) پهرين نومبر تائين ليوسين کي چخي به نه ڪئي، پر پوءِ “مقدس ڏينهن” تي هو گيري سان ملڻ ويو، جيڪو انهن ۾ سڀني کان وڌيڪ تجربيڪار هو ۽ ان کي ليوسين ڪنهن ماهر وانگر وڏي بي نيازي سان جسماني علم بابت اهڙا ثبوت پيش ڪيا جو هو حيران ٿي ويو. ليوسين ان ڪري سندن ٽولي ۾ شامل نه ٿيو جو کيس والدين طرفان رات جو ٻاهر رهڻ جي اجازت نه هئي. البته انهن سان سندن سٺا لاڳاپا هئا.

اڱاري تي چاچئنس برٿي ۽ ريري منجهند جي ماني تي Rue Raynouard آيا. هوءَ ڪافي ڦهلجي ٿي وئي ۽ ڳالهائڻ مهل هر هر ٿڌا ساهه پئي ڀريائين. سندس چمڙي اڃان به اڇي ۽ سهڻي هئي. ليوسين کيس اگهاڙو ڏسڻ پئي چاهيو. هو کيس ڪنهن رات پنهنجي هنڌ ۾ ستل ڏسڻ جو تصور ڪرڻ لڳو، اهو سياري جو هڪ ٿڌو ڏينهن هوندو. هو ڪنهن گهاٽي جهنگ ۾ الف اگهاڙو ٿي سندس مٿان چڙهي ويندو. ٻانهون سندس اُرهن جي مٿان ورايل هوندس، هن جي جسم جا وار ڪانڊارجي ويندا ۽ سندس بدن ڦڙڪڻ لڳندو. هن تصور ڪيو ته ڀرسان گذرندڙ ڪو مسافر کيس پنهنجي لڪڻ سان ڇهندي چئي ٿو “ڀلا ٻڌائي ته سهي ميان! اهو ڇا پيو ڪرين!”

ليوسين کي پنهنجي سئوٽ ريري سان ڪو گهڻو قرب ڪونه هو.

ريري هاڻي هڪ خوبصورت ۽ فضيلت واري نوجوان ۾ تبديل ٿي ويو هو. هو فلسفو پڙهي رهيو هو ۽ ميٿاميٽڪس ٺپ سمجهه ۾ نٿي آيس. ليوسين پاڻ کي هيءَ ڳالهه سوچڻ کان روڪي نه سگهيو ته اهو ئي ريري هو جيڪو پنهنجي پينٽ ۾ هنگندو هو ۽ ماڻس ڏي ڏسندي بدڪ وانگر ڄنگهون ٽيڙي هلڻ لڳندو هو ۽ ٻوٿ روئڻهارڪو ڪري چوندو پيو هو “نه… نه… امان… نه ٻيهر ايئن نه ڪندس” ۽ هُو ته ريري کي هٿ لاهڻ به مناسب نه سمجهندو هو. جڏهن ته ريري جو رويو وري ساڻس ڪافي بهتر هو. هن ساڻس پنهنجي سبجيڪٽ ميٿاميٽڪس بابت ڳالهايو. ساڻس ڳالهائيندي ليوسين کي ڪافي محتاط ٿي رهڻو پيو ۽ کيس صبر جو دامن مضبوطيءَ سان جهلڻو ٿي پيو. ڇو ته ريري ڪو گهڻو ذهين ڇوڪرو نه هو. ايم فليوريئر جو خيال هو ته ليوسين ۾ چڱي اهليت پيدا ٿي وئي آهي، پر چاچئنس برٿي ڏانهنس ڪا خاص توجهه نه ڏني. ليوسين ريري کي پڙهائڻ جي آڇ ڪئي ته هن حجاب ۾ ڪرسيءَ تي ويڙهجندي سيڙهجندي چيو: “نه منهنجا ننڍڙا ليوسين! تون خير ڏاڍو ڀلو ماڻهو آهين، پر هاڻي ريري ڪافي وڏو ٿي ويو آهي، هو چاهي ته پاڻ ئي پڙهي سگهي ٿو. کيس پاڻ ۾ ٻين جو ڳيجهو ٿيڻ واري عادت نه وجهڻ گهرجي. هڪ رات مسز فليوريئر ليوسين کي ڇنڊ پٽيندي ڪاوڙ مان چيو: “تون ڇا ٿو سمجهين ته تون جيڪو ڪجهه ريري لاءِ ڪرين ٿو ان لاءِ هو تنهنجو وڏو ٿورائتو هوندو! هاڻي بس ڪر منهنجا پٽ! گهڻو ٿيو، پاڻ کي چوتيو  نه بڻائي. هو ته سمجهي ٿو ته تون ڏاڍو ٽرڙو ۽ وڏائي خور آهين، برٿي خود مون کي ٻڌايو آهي” هوءَ ڏکاري ۽ ڀريل آواز ۾ ڳالهائي رهي هئي. ليوسين کي لڳو ته هوءَ ڪاوڙ ۾ صفا بتال ٿي وئي آهي. هن پاڻ کي منڌل ۽ ڳرو ڳرو محسوس ڪيو، پر کانئس ڪوبه جواب جڙي نه سگهيو.

ٻئي ڏينهن ۽ ان کانپوءِ به کيس ڪافي سارو ڪم هو. سو اهو سڄو کانجاڻو سندس ذهن مان نڪري ويو. آچر جي صبح جو هن ڪاوڙ مان هن پين پري اڇلائي حيرت مان سوچيو “مان وڏائي خور آهيان؟” اهو يارهين ڌاري جو وقت هو. پنهنجي اسٽڊي واري ڪمري ۾ ويٺو ململ جي گلابي پردن ڏي ڏسي رهيو هو، جيڪي ڀتين تي قطارون ٺاهيو بيٺا هئا.

هن پنهنجي کاٻي ڳل تي پهرين اپريل جي سج جي تپش ۽ خشڪ دز محسوس ڪئي ۽ ساڄي ڳل تي ڪنهن کُوري مان ايندڙ ڄڙي محسوس ڪئي. “مان وڏائي خور آهيان” سوال جنهن جو جواب مشڪل هو.

سڀ کان اول ليوسين، ريري سان ٿيل پنهنجي آخري ڳالهه ٻولهه ياد ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ مڪمل اڻ ڌريائيءَ سان پنهنجي ان مهل واري رويي جي ڇنڊ ڇاڻ ڪيائين.

ها، ياد آيس هو ريري جي مٿان نوڙيو بيٺو هو ۽ مرڪندي چئي رهيو هو “ڳالهه سمجهه ۾ آيئي؟ جي سمجهه ۾ نه آئي هجئي ته ٻڌائڻ ۾ حجاب نه ڪجانءِ، پاڻ وري نئين سئين کان شروع ڪنداسين.” ٿوري دير کانپوءِ کانئس سمجهائڻ جي سلسلي ۾ ننڍڙي غلطي ٿي وئي هئي. جنهن تي هن مرڪندي چيو هو ته “اها غلطي منهنجي پاسي آهي” اهو هڪڙو تاثر هو جيڪو کيس ايم فليوريئر کان وراثت ۾ مليل هو، جنهن تي کيس خوشگوار حيرت ٿي.

“پر ڇا جنهن مهل مون اهي لفظ چيا ان مهل منهنجي رويي ۾ ڪا ٽرڙائي هئي؟”

سوچ ويچار جي ان لمحي ۾ هن اوچتو ڪا سفيد گول شيءِ ٺاهي ورتي، ڪڪر جي ٽڪري جهڙي نرم نفيس! اها سندس ٻئي ڏينهن واري سوچ هئي. هن چيو “ڳالهه سمجهه ۾ آئي” ۽ اهو سڀ سندس ذهن ۾ هو، پر ان جي وضاحت نه پئي ٿي سگهي. ليوسين ڪڪر جي انهيءَ ننڍڙي ٽڪري کي ڏسڻ جي اداس ڪوشش ڪئي ۽ کيس اوچتو لڳو ته سندس مٿو ان ٽڪرڙي ۾ گم ٿيندو پيو وڃي هن پاڻ کي ڪوهيڙي ۾ گم ٿيندي ڏٺو ۽ پوءِ پاڻ ۾ ڪوهيڙو بڻجي ويو. آهستي آهستي هو ڪنهن آلي، سفيد ۽ گرم مواد ۾ تحليل ٿي ويو هو، جنهن مان ململ جهڙي خوشبو پئي آئي. هن پاڻ کي ڪوهيڙي مان چيري ٻاهر ڪڍڻ چاهيو، پر اهو کانئس الڳ نه ٿيو.

هن سوچيو “مان ليوسين فليوريئر آهيان، آئون پنهنجي ڪمري ۾ آهيان، مان فزڪس جي هڪ سوال تي ڪم پيو ڪريان، آچر جو ڏينهن آهي”، پر سندس سوچ ڪوهيڙي جي ڪنارن ۾ ڳري گڏ مڏ ٿي وئي. هن پاڻ کي ڌونڌاڙيو ۽ پردن تي ٺهيل ڪردار کي ڳڻڻ لڳو ٻه ڌنار، ٻه ڌنارڻيون ۽ هڪ ڪيوپڊ (پيار جو نابين يوناني ديوتا) پوءِ اوچتو پاڻ سان ڳالهايائين “آئون آهيان…” ٿورو کڙڪو ٿيو. هو پنهنجي طويل غنودگيءَ مان جاڳيو هو، اهو وڻندڙ نه هو.

ڌنار واپس موٽي آيا هئا، ليوسين کي لڳو ته هن انهن ڏانهن خورد بينيءَ جي غلط ڇيڙي تان پئي ڏٺو. غنودگيءَ جي ان ڪناري تان جيڪا کيس پياري هئي ۽ جيڪا پنهنجي تهن ۾ پاڻ وڃائي ويٺي هئي، جتي هاڻي هن ننڍڙو ويڪرو جاڳندڙ اضطراب هو جنهن ۾ حيرانگي هئي ته “مان ڪير آهيان؟”

“مان ڪير آهيان؟”

“مان ميز ڏي ڏسان ٿو، نوٽ بُڪ ڏي نهاريان ٿو، منهنجو نالو ليوسين فليوريئر آهي، پر اهو محض نالو آهي. مان وڏائي خور آهيان، مان وڏائي خور نه آهيان، مون کي خبر ناهي، مون کي ڪجهه سمجهه ۾ نٿو اچي”

“مان هڪ سٺو شاگرد آهيان، نه اهو ڪوڙ آهي، سٺي شاگرد کي پنهنجو ڪم ڪرڻ وڻندو آهي ۽ مون کي ٺپ نٿو وڻي. پنهنجون مارڪون چڱيون آهن، پر مان ڪم ڪرڻ نٿو چاهيان، توڻي جو مون کي ڪم کان نفرت ناهي، پر مون کي ڪنهن جي پرواهه ناهي هوندي! مان ڪڏهن به باس بڻجي نه سگهندس!” هن ڳڻتيءَ ۾ ڳرندي سوچيو “پر مان ڇا بڻجندس؟”

هڪ پل گذري ويو، هو پنهنجو ڳل کنهڻ لڳو ۽ سندس کاٻي اک ٻوٽجي وئي ڇو جو سج سڌو سنئون اکين ۾ پئي لڳس.

“مان ڇا آهيان؟ مان؟”

ڪوهيڙو پنهنجي پاڻ ۾ ويڙهجندو پئي ويو.

“مان” هن پري پري نهاريو. اهو لفظ دماغ ۾ وڃي ويٺس ۽ پوءِ شايد ڪجهه نه ڪجهه ٺاهڻ ممڪن هو! جيئن ڪنهن احرام جي چوٽي ٺاهڻ جنهن جا پاسا ڪوهيڙي ۾ الوپ ٿي ويا هجن.

ليوسين سڄو ڏڪي ويو، هٿ لرزڻ لڳس “هاڻي ڳالهه سمجهه ۾ آئي آهي! اتي رکينس! مون کي اڳواٽ ئي پوري پڪ هئي… مان وجود نٿو رکان!”

انهن ڏهاڙن دوران ليوسين واپس پنهنجي ننڊ ڏي موٽڻ جي ڪوشش ڪئي، پر ڪامياب نه ٿي سگهيو. توڻي جو هن هر رات باقاعدگيءَ سان ذري گهٽ اٺ نو ڪلاڪ ننڊ ٿي ڪئي، پر اهو سمورو وقت هو مسلسل زندگيءَ سان ڀرپور ۽ حيران حيران رهڻ لڳو هو. سندس والدين جو چوڻ هو ته هو اڳ ڪڏهن به اهڙو صحتمند نظر نه آيو آهي. جڏهن هو سوچڻ لڳو هو ته منجهس “باس” بڻجڻ جي اهليت ناهي ته هو پاڻ کي عاشق مزاج محسوس ڪرڻ لڳو ۽ انهيءَ دوران راتين جون راتيون چانڊوڪيءَ ۾ چهل قدمي ڪرڻ ٿي چاهيائين، پر والدين اڃان به کيس رات گهر کان ٻاهر رهڻ نٿي ڏنو. هو رات جو اڪثر هنڌ ۾ اٿي ويهي ٿي رهيو ۽ پنهنجو ٽيمپريچر ڏسڻ ٿي لڳو. ڪنهن مهل بخار جو درجو 6-98 ته ڪنهن مهل 7-98. ليوسين هڪ ڪڙي ڪساري مرڪ سان سوچيو “منهنجا والدين سمجهن ٿا ته مان ٺيڪ ٺاڪ آهيان” “مان وجود نٿو رکان” هن پنهنجون اکيون ٻوٽي ڇڏيون ۽ پاڻ کي ڪنهن لهر وانگر ڇڏي ڏنو. وجود هڪ سراب آهي، ڇاڪاڻ ته آئون ڄاڻان ٿو ته آئون نه آهيان، وجود نٿو رکان. مون کي رڳو ايترو ڪرڻو آهي جو مان پنهنجا ڪن بند ڪيان ۽ ڪنهن به شيءِ بابت ڪجهه به نه سوچيان ۽ بس آئون “ڪجهه به نه ٿي پوندس” پر سراب پڪو پختو هو. جڏهن ته کيس گهٽ ۾ گهٽ ٻين ماڻهن تي اها اڻوڻندڙ قسم جي فوقيت حاصل هئي وٽس هڪ راز هو. مثال طور: ليوسين کان ڪو وڌيڪ گهرو وجود نٿو رکي، پر کيس سندس تعريفون ڪندڙن جي سامهون وڏي آواز ۾ کونگهرا هڻندي ڏسڻ ئي ڪافي هو. جڏهن ته هن پنهنجي حوالي سان سوچيو ته اوهين سندس وجود ڪنهن اهڙي نهري شيءِ جيان ڏسي سگهو ٿا جيئن لوهه. نه مسٽر فليوريئر جو وجود آهي، نه ڪو ريري جو نه ئي ڪنهن ٻئي جو… دنيا اداڪارن خالي هڪ کل جوڳو کيل تماشو آهي. ليوسين جنهن کي “اخلاقيات ۽ سائنس” جي موضوع ۽ ٻيا مقالا لکڻ لاءِ “A” گريڊ ڏنو ويو هو تنهن وري “عدم وجود يا وجود جي نيستيءَ جو معاهدو” لکڻ جا خواب پئي لڌا ۽ تصور ڪيائين ته جيڪي ماڻهو سندس مقالو پڙهي رهيا آهن اهي ويمپائرن وانگر هڪ هڪ ٿي الوپ ٿيندا پيا وڃن، پر مقالو تحرير ڪرڻ کان اڳ هن پنهنجي فلسفي جي استاد پروفيسر بابون کان هدايت وٺڻ چاهي.

“ايڪسڪيوزمي سر!” هن ڪلاس ختم ٿيڻ کانپوءِ پنهنجي استاد کان پڇيو “ڇا ڪو ماڻهو دعويٰ ڪري سگهي ٿو ته اسين وجود نٿا رکون؟” بابون وراڻيو “نه” وڌيڪ چيائين “تون وجود رکين ٿو ڇاڪاڻ جو توکي پنهنجي وجود جو گمان آهي.”

ليوسين قائل نه ٿيو، پر هن پنهنجي ڪم مان هٿ ڪڍي ڇڏيو. جولاءِ ۾ کيس الوداعي پارٽي ڏني وئي ميٿاميٽڪس ۾ گريجوئيشن جي سند ڏيئي والدين سان گڏ فيرولس روانو ڪيو ويو.

حيرانگيءَ سندس پچر نه ڇڏي. ايئن جيئن نڪ ۾ خارش سان ماڻهو کي نڇ ڏيڻي پوندي آهي. پوڙهو بوليگاد گذاري ويو هو ۽ مسٽر فليوريئر جي مزدورن جي ذهنيت گهڻي حد تائين بدلجي چڪي هئي. هاڻي هو وڏيون وڏيون پگهارون کڻڻ لڳا هئا ۽ سندن زالون ريشم ۽ ڪيمخواب جا ڪپڙا پائڻ لڳيون هيون. فائو فار ديئر مادام فليوريئر جي آڏو ڪجهه “ڊيڄاريندڙ” مثالن جو ذڪر ڪيو.

“منهنجي نوڪرياڻي مون کي ٻڌايو ته هن بوچيءَ واري دڪان ۾ هڪ ننڍڙي نينگري ڏٺي جيڪا تنهنجي مڙس جي سٺن مزدورن مان هڪ مزدور جي ڌيءَ آهي، جنهن جي ماءُ مري وئي هئي ته اسان سندس سار سنڀال لڌي هئي، ان هڪ فٽر سان شادي ڪئي آهي. چڱو هاڻي وڌيڪ ٻڌ ته هن ان دڪان ۾ سڄي ساري ڪڪڙ جو آرڊر ڏنو. مائيءَ جي مٿي ۾ هوا هئي! انهن جو پيٽ ڀرجڻ جو ئي ڪونهي، انهن کي اهو به گهرجي ٿو جيڪو ڪجهه اسان وٽ آهي.

۽ هاڻي جڏهن ليوسين پيءُ سان اوڏانهن چڪر چاڙي تي ويو ته سندس مزدورن ورلي ڪو پنهنجي ٽوپيءَ تي هٿ رکي کين سلام ڪيو. بلڪه ڪجهه ته اهڙا به هئا جن موراڳهين کين ڏٺو اڻ ڏٺو ڪري ڇڏيو. هڪ ڏينهن ليوسين بوليگاد جي پٽ سان مليو جنهن ته ايئن ڏيکاري ڏني ته کيس سڃاڻندو ئي نه هجي، پر بهرحال سندس رويئي سان ليوسين جي چپن تي مرڪ پکڙجي وئي.

پاڻ کي باس ثابت ڪرڻ جو هيءُ سٺو موقعو هو. هن جولس بوليگاد تي هڪ اڇاتري نظر وڌي ۽ پوءِ ڏانهس وڌي ويو. سندس ٻانهون پٺيان ورايل هيون، پر ڇوڪر مٿس مُڇ ئي ڪونه ڇنڊي.

هو خالي نگاهن سان کانئس ڏسندو، چپن ۾ سينڊ وڄائيندو سندس ڀر مان گذري ويو.

“مون کي سڃاتو ڪونه هوندائين” ليوسين پاڻ کي اطمينان ڏيارڻ لاءِ چيو، پر اندران ئي اندران گهڻي گهرائي تائين مايوس ٿي ويو. انهن ڏينهن ۾ هو اڳ کان به وڌيڪ اهو سوچڻ لڳو ته دراصل دنيا ڪوبه وجود نٿي رکي.

…(هلندڙ)…