شاهجهان جي تصوير چراغ حسن حسرت ترجمو: انجنيئر عبدالوهاب سهتو April 2021
مون هيءُ داستان، “همايون جھاز” تي، هڪڙي ڪراڙي سوداگر جي واتئون ٻڌو هو. اهو شخص موتين جو واپار ڪندو هو ۽ چڱو عرصو هندستان ۾ پڻ رهي چڪو هو. پاڻ ٻڌايائين ته دهليءَ ۾ حاجي احمد، هڪڙو مشهور واپاري هو، جنهن جو واپار، ڏيساور تائين پکڙيل هو. هندستان کان علاوه عراق ۽ حجاز ۾ پڻ، سندس گماشتا مقرر ٿيل هئا، جيڪي هر قسم جو تجارتي سامان کيس موڪليندا رهندا هئا. حاجي احمد جي عمر پنجونجاھ سالن جي لڳ ڀڳ هئي. اڃان تائين سندس ڏاڙهيءَ جو هڪڙو وار به اڇو نه ٿيو هو. سندس هٿ پير مضبوط هئا ۽ پنهنجي سموري ڪاروبار جي نگراني پاڻ ڪندو هو. حاجي، وڏو نيڪ ۽ خدا ترس انسان هو. نماز روزي جو گھڻو پابند هو. نوڪرن سان به سندس سلوڪ سهڻو هو. پاڙي پتيءَ ۾ ڪو شخص بيمار ٿيندو هو ته هيءُ ساري رات، سندس سيرانديءَ کان ويٺو هوندو هو. ليڪن منجھس وڏي خامي هيءَ هئي ته سندس ڪفايت شعاري، مرچوٺ هئڻ جي حد تائين پهتل هئي ۽ هو پنهنجي جان تي هڪڙي ٽيڊي پائي خرچ ڪرڻ، گناهه سمجھندو هو. وٽس فقط هڪ عبا هئي، جنھن کي به هنڌئون هنڌئون چتيون لڳل ھيون. پٽڪي ۾ به ٽُنگ ئي ٽُنگ هئس. ليڪن حاجي احمد اهو اهڙي چالاڪيءَ سان ٻڌندو هو، جو ڪوبه ٽُنگ نظر نه ايندو هو. البته سال ۾ هڪ ڀيرو، نئون جوتو ضرور خريد ڪندو هو. جڏهن ڪو ماڻهو کيس اهو چوندو هو ته، “حاجي صاحب! الله توکي ايترو جھجھو ڏنو آهي، پوءِ به تنهنجي لباس جو اهو حال آهي!” ته حاجي صاحب تيش ۾ اچي چوندو هئس: “ڇا؟ تنهنجي مرضي آهي، ته ڏيوالو ڪڍي ويهان!”
هڪ دفعي حاجي احمد کي، مال خريد ڪرڻ لاءِ، ڪلڪتي وڃڻو پيو. جيئن ته پاڻ وڏو محتاط ماڻهو هو، تنهنڪري گاڏي ڇٽڻ کان ڪلاڪ کن اڳي، ٽيشڻ تي پهچي ويو. ٽڪيٽ گھر جي آڏو، دير تائين بيھي انتظار ڪرڻ لڳو. نيٺ ٽڪيٽ گھر کليو ۽ ٿرڊ ڪلاس جي ٽڪيٽ خريد ڪري، وڃي گاڏيءَ ۾ ويٺو. وٽس سامان، صفا ٿورڙو هيو. هڪڙو سفري بيگ، هڪڙو ننڍڙو بسترو، هڪڙو لوٽو ۽ هڪڙو گلاس. سفر ڊگھو هيو. جنهن ڪري بسترو کولي، پنهنجي سيٽ تي وڇايائين ۽ گاڏي ڇٽڻ جو انتظار ڪرڻ لڳو.
ٿوريءَ دير ۾ گاڏي ڀرجي وئي. مسافرن منجهه، هر قسم جا ماڻهو هيا، ڪراڙا، نوجوان، عورتون، مرد. گاڏي هلڻ لڳي ته هڪڙو بنگالي نوجوان، ٽپ ڏئي چڙهي آيو. جيئن ته دٻي ۾ جاءِ نه بچي هئي، تنهنڪري کيس بيهڻو ئي پيو. ليڪن ٿوريءَ دير ۾، سندس ڄنگهون ٿڪجي پيون ۽ بي قراريءَ منجهان، هيڏي هوڏي تڪڻ لڳو. هو شڪل شبيهه مان پڙهيل ڳڙهيل ۽ مهذب انسان پئي لڳو. هڪڙي سوٽ ڪيس ۽ بستري کانسواءِ وٽس ٻيو سامان نه هيو. ان هڪ ٻه دفعو، حاجي احمد ڏانهن تڪيو، ليڪن وري ٻوٿ ڦيري ڇڏيائين. ائين پئي لڳو ڄڻ هن حاجي احمد کي ڪجهه چوڻ پئي چاهيو، پر همت نه پئي ساري سگهيو. حاجي، سندس حليي مان، سندس ذهني ڪيفيت تاڙي ويو ۽ چوڻ لڳس، “ميان نوجوان! اوهان کي ڪيڏانهن وڃڻو آهي؟”
هن جواب ڏنس، “مان ڪلڪتي پيو وڃان!”
حاجيءَ چيس، “پوءِ ڪيتري دير تائين بيٺو هوندين! اچ منهنجي ڀر ۾ ويهي رهه!”
نوجوان، حاجيءَ جو ٿورو مڃيندي، سندس ڀر ۾ چُپڙي ڪري ويهي رهيو.
حاجي ۽ نوجوان، ستت پاڻ ۾ راهل ماهل ٿي ويا. هن پنهنجو نالو، ونود ڪمار ٻڌايو ۽ چيائين ته، “ڪلڪتي جو هڪڙو معمولي مصور آهيان، منهنجي ڀيڻ، دهليءَ ۾ هڪڙي آفيسر سان پرڻيل آهي. ساڻس ملڻ آيو هيس. هاڻ موٽيو پيو وڃان.”
هو هيو ته بنگالي، ليڪن هندستان جي عام زبان، جنهن کي هندستاني ٿا چون، ڏاڍي سولائيءَ سان ڳالهائي سگھيو پئي. جنهنڪري حاجي احمد کي، ساڻس ڪچهري ڪرڻ ۾، تڪليف نه ٿي.
ونود، تمام سٺو نوجوان هيو، جنهن جي ڪري حاجيءَ کي رستي ۾ ڏاڍو سڪون مليو. هڪ دفعي، حاجيءَ جي طبيعت خراب ٿي پئي ته هُن پنهنجي سوٽ ڪيس مان هڪڙي دوا ڪڍي کارايس. جنهن سان حاجي چڱو ڀلو ٿي پيو. صبح جو وضوءَ لاءِ پاڻي گرم ڪري ڏنائينس. حاجيءَ کي بک لڳي ته ڀڙڪو ڏئي، اسٽيشن تان مسلمان مانيءَ واري کي ساڻ وٺي آيو. وري حاجي کاڌي جي قيمت ڏيڻ چاهي ته کيس روڪي، وڏي اصرار سان، پاڻ وٽئون پئسا ڀريائين.
حاجي، سندس طور طريقا ڏسي، دل ئي دل ۾ چوندو رهيو، “آخر هن سودي ۾ به مون کي ئي نفعو ٿيو.”
دراصل سهڻي سلوڪ سان، نه فقط خدا خوش ٿو ٿئي، بلڪه خالص ڪاروباري زاوئي سان ڏٺو وڃي، تڏهن به منجهس نفعا ئي نفعا آهن. ليڪن هن نوجوان، ڪنهن ڪنهن مھل، حاجيءَ جي چهري تي اهڙي ته جُوهه وجھي پئي تڪيو جو حاجي گھٻرائجي پئي ويو. ڪيترا دفعا هن دل ۾ سوچيو، “مون کي اهڙيءَ طرح تڪي ڇو ٿو؟ ڪٿي ڪو پوليس جو ماڻهو ته ناهي؟” ڪيترا ڀيرا ته پڇڻ به چاهيائين ته، “تون مون کي ائين چتائي چتائي ڇو ٿو ڏسين. ليڪن ستُ نه ساري سگھيو.”
جڏهن گاڏي پٽنا جي ٽيشڻ تي بيٺي ته ونود، پاڻ ئي اها ڳجھارت ڀڳي. يعني حاجيءَ جي چهري کي تڪيندي چوڻ لڳو، “هڪ ڳالهه پڇان ته دل ۾ ته نه ڪندؤ؟”
حاجيءَ جواب ڏنس، “ميان! توکي جيڪو چوڻو آهي سو چئو! مان دل ۾ ڇو ڪندس!”
هو چوڻ لڳس، “اوهان دهليءَ جي مغل بادشاهن جي اولاد مان آهيو؟”
حاجيءَ چيس، “نه! مان عرب آهيان. منهنجو ابو، موصل جو رهاڪو هيو ۽ نوجوانيءَ ۾ هندستان هليو آيو هيو. ائين ته مان به موصل ۾ ئي ڄايو ھئس، ليڪن پال پوس هندستان منجهه ٿيم.پر، توکي اهو شڪ ڪيئن جاڳيو؟”
هو چوڻ لڳس، “خاڪن جي جھونين پوٿين منجهه، شاهجهان جي تصوير جيڪا مون ڏٺي آ، تنهن سان اوهان جي صورت گھڻي ملي ٿي. بلڪه منهنجو خيال آ ته اگر اوهان کي شاهي لباس پهرائجي ته اوهان هوبهو شاهجھان لڳندؤ. انهيءَ مشابهت، مون کي حيرت ۾ وجھي ڇڏيو آ. اهو ئي سبب آ جو مان ورائي ورائي پيو اوهان جي چهري کي چتائي تڪيان.”
اهو ٻڌي حاجي احمد کي يقين ٿي ويو ته ونود، سچ پيو چوي. هن ٻالڪپڻ ۾. پنهنجي امڙ کي چوندي ٻڌو هيو ته، “منهنجي پٽ منجهه بادشاهن وارو رعب آهي. آخرڪار منھنجي شڪل صورت، هلڻي گھمڻيءَ ۾ اهڙي ڪا ڳالهه اهڙي ضرور هئي، جنهن جي بناءَ تي امڙ، اها راءِ قائم ڪئي هئي.”
جهٽ سوا، ٻئي چپ ٿي ويا. پوءِ ونود ئي چيو، “مان اوهان کي ٻڌائي چڪو آهيان ته مان ڏاڍي مشڪل سان پنهنجو پيٽ پاليان ٿو. ليڪن جيڪڏهن اوهان چاهيو ته پوءِ منهنجي حالت سڌري سگهي ٿي.”
اھو ٻڌي، حاجي صاحب سمجهيو ته، “شايد ھيءُ نوجوان، پنھنجي مفلسيءَ جي ڳالهه ڪري، مون کان قرض گھرندو.” اهو سوچي ته هن ڏنڊي ٽنڊي کي، هڪڙي ڪوڏي به نه ڏيندس، وڏي واڪي چوڻ لڳس، “افسوس! مان خود غريب ماڻهو آهيان ۽ اوهان جي مدد نٿو ڪري سگھان.”
ونود چوڻ لڳو، “منهنجي اها منشا ڪڏهن به نه هئي ته اوهان ڏوڪڙ پئسي سان منهنجي مدد ڪريو. بلڪه مان صرف ايترو چاهيان ٿو ته اوهان مون وٽ هلي، شاهي لباس ۾ پنهنجي تصوير اتارڻ ڏيو. مان اوهان جي شبيهيءَ کي شاهجھان جي تصوير جي نالي سان کپائيندس ۽ خدا گھريو ته ٿورڙن ئي ڏيهاڙن ۾، هزارين رپيا ڪمائي وٺندس. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته اوهان کي تڪليف ٿيندي، ليڪن مان ان جو معاوضو ڏيڻ لاءِ به راضي آهيان.”
حاجي احمد پهرين سوچيو ته تصوير اتارائڻ کان انڪار ڪري ڇڏي. ڇو جو هڪ ته هو وڏو پرهيزگار ماڻهو آھي ۽ تصوير ٺاهڻ کي ناجائز سمجھندو آھي. ٻيو ته سندس خيال هيو ته تصوير ڇڪرائڻ ۾ وقت گھڻو ضايع ٿيندو. مگر جڏهن نوجوان مصور، معاوضو ادا ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي ته کيس ياد آيو ته هن زماني ۾ عالمن جي اڪثريت، تصوير ڪڍرائڻ کي جائز قرار ڏنو آهي. بلڪه ڪن عالمن ته پاڻ به پنھنجيون تصويرون ڇڪرايون آهن. اگر ائين ڪندي ٿورا پئسا هٿ اچي وڃن ته ان ۾ هرج ڪهڙو آ؟
اهو سوچي چوڻ لڳو، “تصوير ڇڪڻ ۾ ڪيترو وقت لڳندو؟”
مصور جواب ڏنس، “ڪلاڪ ڏيڍ مس لڳندو ۽ ان جي عيوض پنجاهه رپيا اوهان جي خدمت ۾ نذرانو به رکندس.”
حاجي احمد، ٿڏي تي منظور ڪيو.
پنجاهه رپيا وڏي رقم هئي. منجھانئس اچ وڃ جو ڪرايو ڀاڙو ۽ ڪلڪتي ۾ رهائش جو سڄو خرچ نڪري پوندو.
مصور وڏي درياهه دلي ڏيکاري. تڙي کڙي، پنجاهه رپيا ڳڻي، حاجيءَ جي تريءَ تي رکيائين.
حاجي ۽ سندس سفر جو ساٿي، ٻئي هڪڙي موٽر بس ۾ سوار ٿي، ڏکڻ ڪلڪتي منجهه وڃي لٿا. مصور، هڪڙي قليءَ جي ڪلهن تي سامان سٿيو. ٻئي، کيس ساڻ وتيو، نانگ-وڪڙ گهٽين منجھان ٿيندا، هڪڙي ننڍڙي گھر سامهون اچي بيٺا. ونود ڪمار، کيسي مان ڪنجي ڪڍي، قلف کوليو. ٻئي، گھر ۾ گھڙي آيا. گھر ۾ صرف ٻه ننڍڙا ڪمرڙا هيا. هڪڙي ڪمري جي ديوارن تي تصويرن جا خاڪا لڙڪيا پئي. ٻئي ڪمري ۾ هڪڙي کٽ پيل ھئي. ڪيتريون صندوقون ۽ گھر جي ضرورت جون سنهيون ٿلهيون شيون، هيٺ مٿي بي ترتيبيءَ سان، ٽڙيون پکڙيون پيون هيون. مصور، هڪ صندوق کولي، هڪڙو وڏي گھير سان پهراڻ، بنا ٻانهن جي قبا ۽ هڪڙو تاج ڪڍيو. تاج منجهه، نقلي موتين ۽ ٻڙن جون، لڙهيون لڙڪيون پئي. پهراڻ ۽ قبا جي ٻانهن ۽ ڪنارين تي، پڻ موتي ٽاڪيل هيا. مصور چيس، “اوهان هيءُ لباس پائي وٺو. مان ڀرواري ڪمري ۾، اوهان جو انتظار ٿو ڪريان.”
حاجي احمد، پنهنجا ڪپڙا لاهي، ڪليءَ ۾ ٽنگيا ۽ هيءُ لباس پاتائين. مٿي تي تاج رکندي، کيس ائين لڳو ته هو سچ پچ جي هڪڙي وڏي مملڪت جو فرمانروا آهي ۽ بدخشان جا لال، عمان جا موتي ۽ ڏکڻ آفريڪا جا هيرا، سندس قدمن ۾ ڍير ڪيا ويا آهن. هن آئيني ۾ پنهنجو چهرو ڏٺو، ته پنهنجي رعب ۽ دٻدٻي کان، خود ئي ڏڪي ويو.
جڏهن هيءُ، ان لباس ۾، مصور جي سامهون پهتو ته اهو حيرت ۽ تعجب ۾ رڙ ڪري اُٿيو ۽ ڪنڌ جھُڪائي چوڻ لڳو، “حضور! مان ڪورنش ٿو بجا آڻيان!”
ان وقت، حاجي احمد کي پنهنجي گھر واري ياد اچي رهي هئي. هن دل ئي دل ۾ چيو پئي ته، “اها نڀاڳي هن وقت موجود هجي ها ته منهنجي پيرن ۾، نرڙ اچي رکي ها!”
مصور، حاجيءَ کي سامهون ويهاريو ۽ چيائينس، “سڌا ويٺا هججو! لڇجو پڇجو نه!” پوءِ هو، سندس تصوير اتارڻ ۾ مصروف ٿي ويو. هن ڪجهه ابتا ٽيڏا ليڪا پاتا ۽ پوءِ هڪدم چيائين، “خدا ڄاڻي، مان رنگن جو دٻو، ڪٿي رکي وساري ويٺو آهيان. اوهان ائين ئي ويٺا هججو، مان اجهو آيس.”
اهو چئي، هو ٻئي ڪمري ۾ هليو ويو.
حاجي احمد گهڙي سوا، چپ چاپ ويٺو رهيو. ليڪن جڏهن ونود نه آيو ته هن رڙ ڪري چيو، “مصور ميان! جلدي ڪر! مون کي اڃا گھڻا ڪم ڪرڻا آهن.”
ليڪن جواب ڪو نه آيو.
هاڻ ته هيءُ به گھٻرايو ۽ ڀڄندو، ٻئي ڪمري ۾ پهتو. ليڪن اُتي ڪير به نه هيو. ڪليءَ تي سندس عبا به موجود نه هئي. اهو ڏسي، حاجي احمد جا هوش ئي اُڏامي ويا. ڇو جو هن پنهنجي عبا جي استر منجهه، ٻه وڏا وڏا هيرا ۽ سٺ هزار رپين جا نوٽ سبي ڇڏيا هيا. ڇو جو هن ڪلڪتي ۾ هڪڙو پورو جھاز، ولايتي مال سان ڀريل، خريدڻ گھريو پئي. جنهن لاءِ هن، ايترو سارو ناڻو، ساڻ آندو هيو.
حاجي احمد غور سان ڏٺو ته کيس، ان ڪمري جي پٺ ۾ هڪڙو دروازو مليو. مصور، انهيءَ دروازي مان ڀڄي چڪو هيو. هاڻ تو هو ڏاڍيان رڙيون ڪرڻ لڳو، “اڙي ماڻهو! ڀڄو! مان غريب مارجي ويس.”
جھٽ گهڙيءَ ۾، گھڻا ماڻهو ڪٺا ٿي ويا ۽ حاجي صاحب کي مٿي تي تاج رکيل ۽ شاهي لباس پاتل ڏسي، ڏاڍو حيران ٿيا.
گوڙ ٻڌي، گھر ڌڻي پڻ پهتو. کانئس خبر پئي ته ڪو ست اٺ ڏهاڙا ٿيا آهن، جو ٻن نوجوانن، هيءُ گھر ڪرائي تي ورتو هيو ۽ مهيني جو ڪرايو اڳواٽ ادا ڪيو هيائون.
(دهوپ چهاؤن- ص 29 ص 32)
***

