هاڻي ته کڻي زور آڏو زاري ڪري پي ٽي آءِ وارا 9 مئي واري معاملي مان آجا ٿي ويندا، جان ڇڏائي ويندا. ان ڪري اهو چوندا آهن ته ڏاهو ماڻهو پنهنجي زبان تي قابو رکندو آهي، ڳالهائڻ کان پهرين سوچيندو آهي. ان ڪري اسان جي هر پارٽي اڳواڻ کي بهترين سياستدان هجڻ جو ثبوت به ڏيڻ گهرجي ۽ قانون ۽ آئين جي عزت ڪرڻ گهرجي. هاڻي اهو نعرو ڪيڏانهن ويو ته “ڊٽ کي کڙا هي عمران خان” يا جڏهن سياست تي اچي ته پوءِ يوٽرن، جڏهن ملڪ تي اچي ته به يوٽرن، جڏهن ذاتي ناموس تي اچي ته به يوٽرن، جڏهن آئين ۽ قانون جي بالادستي جي ڳالھه اچي ته به يوٽرن ته پوءِ پارٽي به هاڻي يوٽرن هجڻ کپي. ڇو ته اهڙو مثال ماضيءَ جي ڪنهن به سياستدان وٽان نه ملندو. ماضي ۾ عمران خان جون اهڙيون تقريرون به آهن جيڪي ٻڌڻ سان ماڻهو اهو ضرور چوندو ته اهو عمران ٻيو هو ۽ هاڻي وارو هي ٻيو آهي، جيڪو ڪرسيءَ تي ويٺل هو، جنهن فرمائشي ڪرسي ماڻي به هئي ۽ جيڪو بدقسمتي سان مدو پورو نه ڪري سگهيو، جنهن جي لاءِ چوندا هئا ته هي ٻه حڪمراني مدا ڪڍي ويندو، پر ساڍا ٽي سال مس هلي سگهيو. ان ڪري ته حڪومت جي پاليسين تي هلڻ ۽ عوام جي خدمت ڪرڻ ٻه اهم سياسي جُز آهن، جن تي عمل ڪندڙ سياستدان کي ئي مضبوط اڳواڻ چئي سگهجي ٿو ۽ ڊگهي سياست ڪري سگهي ٿو. هن جي وڃڻ کانپوءِ ڊي چوڪ جي بينرن کي اُسَ کائي وئي، اتي هن جي ڪنٽينرن واري سياست يا لانگ مارچ واري ڏٽن کانپوءِ جيت ۽ ڪيڙا ماڪوڙا ٿا ڦرن، پر پي ٽي آءِ وارن جي هاڻي همت ناهي ته اينٽي اسٽيٽ يا لانگ مارچ جهڙيون مزاحمتون ڪري سگهن، ان ڪري جو هي هاڻي آزيون نيازيون ڪري پنهنجي سياست بچائڻ جي چڪر ۾ لڳا پيا آهن ته ڪير اچي ٽياڪڙي ڪرائي، جنهن اسپيڊ يا بدلي واري سياست هن پنهنجي ساڍن ٽن سالن ۾ ڪئي، اهڙي سياست جي شهباز سرڪار يا 13 سياسي پارٽيون ملي ڪري به نٿيون ڪري سگهن. شهباز شريف جي جاءِ تي جي خان هجي ها ۽ شهباز شريف اهڙي سياست ڪري ها، جهڙي هي ٿو ڪري ته هي ڪڏهوڪو شهباز شريف يا 13 پارٽين مان کين هڪ هڪ ڪري جيل ڀيڙو ڪندو وڃي ها.