هاڻي ته کڻي زور آڏو زاري ڪري پي ٽي آءِ وارا 9 مئي واري معاملي مان آجا ٿي ويندا، جان ڇڏائي ويندا. ان ڪري اهو چوندا آهن ته ڏاهو ماڻهو پنهنجي زبان تي قابو رکندو آهي، ڳالهائڻ کان پهرين سوچيندو آهي. ان ڪري اسان جي هر پارٽي اڳواڻ کي بهترين سياستدان هجڻ جو ثبوت به ڏيڻ گهرجي ۽ قانون ۽ آئين جي عزت ڪرڻ گهرجي. هاڻي اهو نعرو ڪيڏانهن ويو ته “ڊٽ کي کڙا هي عمران خان” يا جڏهن سياست تي اچي ته پوءِ يوٽرن، جڏهن ملڪ تي اچي ته به يوٽرن، جڏهن ذاتي ناموس تي اچي ته به يوٽرن، جڏهن آئين ۽ قانون جي بالادستي جي ڳالھه اچي ته به يوٽرن ته پوءِ پارٽي به هاڻي يوٽرن هجڻ کپي. ڇو ته اهڙو مثال ماضيءَ جي ڪنهن به سياستدان وٽان نه ملندو. ماضي ۾ عمران خان جون اهڙيون تقريرون به آهن جيڪي ٻڌڻ سان ماڻهو اهو ضرور چوندو ته اهو عمران ٻيو هو ۽ هاڻي وارو هي ٻيو آهي، جيڪو ڪرسيءَ تي ويٺل هو، جنهن فرمائشي ڪرسي ماڻي به هئي ۽ جيڪو بدقسمتي سان مدو پورو نه ڪري سگهيو، جنهن جي لاءِ چوندا هئا ته هي ٻه حڪمراني مدا ڪڍي ويندو، پر ساڍا ٽي سال مس هلي سگهيو. ان ڪري ته حڪومت جي پاليسين تي هلڻ ۽ عوام جي خدمت ڪرڻ ٻه اهم سياسي جُز آهن، جن تي عمل ڪندڙ سياستدان کي ئي مضبوط اڳواڻ چئي سگهجي ٿو ۽ ڊگهي سياست ڪري سگهي ٿو. هن جي وڃڻ کانپوءِ ڊي چوڪ جي بينرن کي اُسَ کائي وئي، اتي هن جي ڪنٽينرن واري سياست يا لانگ مارچ واري ڏٽن کانپوءِ جيت ۽ ڪيڙا ماڪوڙا ٿا ڦرن، پر پي ٽي آءِ وارن جي هاڻي همت ناهي ته اينٽي اسٽيٽ يا لانگ مارچ جهڙيون مزاحمتون ڪري سگهن، ان ڪري جو هي هاڻي آزيون نيازيون ڪري پنهنجي سياست بچائڻ جي چڪر ۾ لڳا پيا آهن ته ڪير اچي ٽياڪڙي ڪرائي، جنهن اسپيڊ يا بدلي واري سياست هن پنهنجي ساڍن ٽن سالن ۾ ڪئي، اهڙي سياست جي شهباز سرڪار يا 13 سياسي پارٽيون ملي ڪري به نٿيون ڪري سگهن. شهباز شريف جي جاءِ تي جي خان هجي ها ۽ شهباز شريف اهڙي سياست ڪري ها، جهڙي هي ٿو ڪري ته هي ڪڏهوڪو شهباز شريف يا 13 پارٽين مان کين هڪ هڪ ڪري جيل ڀيڙو ڪندو وڃي ها.
خان به وري پنهنجي ماضيءَ جي سياسي بيانن سان ملندڙ، سهمتي شخص ناهي، ڇو ته هن جي هر ڳالھه هن جي پنهنجي ڪيل ڳالھه جي منافي آهي، جيتري “سلپ آف ٽنگ” خان جي ٿي ٿئي (يا ٿيندي هئي) ايتري ٻئي ڪنهن جي نه ٿيندي هوندي. ان ڪري بهترين “اوريٽر” هجڻ، ڏسي تقرير ڪرڻ، رڳو چور چور ڪرڻ ٻه الڳ الڳ سياسي تربيتون هجن ٿيون. ٽي وي شوز ۾ گوڙ ڪرڻ، اينڪر پرسن سان ڳنڍجي پوڻ به هڪ الڳ ذهني ۽ نفسياتي حالت هجي ٿي. جيڪڏهن رهنما بهترين سياسي تربيت يافتا هوندو ته هو وڏي سطح تي بيان ڏئي وري پوئتي موٽ نه کائيندو، اهڙو ڳالهائي جيڪو پشيماني جو سبب نه بڻجي، ان ڪري اهي ڳالهيون ايتريون ته سنڀالي ڪرڻيون ٿيون پون، جنهن ۾ جوش سان گڏ هوش جو هجڻ به ضروري آهي، خان جي ڪيل تقريرن جي ڀيٽ پيش ڪيون ته اهي بيان آپي کان ٻاهر هوندا، خان جڏهن اسٽيج تي چڙهي ايندو هو يا ماڻهن جو ميڙ ڏسي وڦلي پوندو هو ۽ سمجھه ۾ نه ايندو هئس ته ڳالهائڻو ڇا آهي يا ايجنڊا ڇا آهي؟
خان جي دماغ ۾ ايترو ته ڊپ ويٺل هو جو 17 اپريل 2021 تي ڪورٽ ۾ ججن کان به اڌ ڪلاڪ پهرين پڳو، پر چڱو ٿيو جو وقت سر غلطي جو احساس ٿيس ۽ فورن لکت ۾ معافي نامي لاءِ پهتو، شايد ان ڪري ته هن جي خلاف توشا خانا ۽ فارين فنڊنگ ڪيس جو فيصلو به محفوظ پيو هو ۽ ڪورٽ ۾ اهڙي لکت ۾ معافي نامو کڻي اهڙي پيشي شايد هن جي سمجھه ۾ ائين آئي ته من ڪورٽون هن تي رحم ڪن يا هن ۾ اهو خوف به لهي آيو هوندو ته ڪورٽون هن کي نااهل قرار ڏئي ڇڏينديون (اهڙي ويڌن نواز شريف سان به ٿيل آهي جنهن ۾ 20 اپريل 2017 ۾ ڪوڙ ڳالهائڻ جي ڪري پاناما ليڪس واري ڪيس ۾ نااهل ٿي ويو هو) ۽ خان به هميشه ڪورٽن جي آڏو ڪوڙ ڳالهايو، فارين فنڊنگ ڪيس ۾ هن لکت ۾ ڪوڙ لکي ڏنو ته پي ٽي آءِ وارن فارين فنڊنگ ناهي ڪئي ته ڇا هي جيڪي ڪروڙين رپيا سياسي جلسن جلوسن تي خرچ ٿا ڪن ته اهي خان جي پنهنجي دولت آهي؟ پر هنن جي دل ۾ اهو ئي چور هو ته جيڪڏهن هنن اليڪشن ڪميشن جي آڏو سچ ڳالهايو ته ڦاسندا ۽ جي ڪوڙ ڳالهاين ته بچي ويندا. خان جيڪو ايفيڊيوٽ جمع ڪرايو هو اهو به ڪوڙو نڪتو، خان جيترو عوام جي آڏو ٻٽيون ڳالهيون ڪيون يا ٻٽا بيان ڏنا، اوترو ئي هن ڪورٽن ۾ بيهي ڪوڙ هنيا. حقيقت اها به آهي ته هي رڳو ٽي وي پروگرامن ۾ ويهي ٻاهرين ملڪن جي ماڻهن کي ايلاز منٿون ڪندو هو ۽ رڳو پنهنجي شڪل ڏيکاريندو هو ته هن جي اڪائونٽ ۾ ڪروڙين رپيا جمع ٿي ويندا هئا، ڇو ته هن وٽ اهو زبردست ڏانءُ به هو (۽ آهي) ته ٻاهرين ملڪن ۾ رهندڙ مسلمان ماڻهن، عيسائين، يهودين، غير مسلم ايجنسين، ڪمپينن يا ادارن کي رڳو نوان نعرا، جوشيليون تقريرون ٻڌائيندو هو ته هن جي اڪائونٽ ۾ ڊالر، يورو، ريال يا درهم اچي پوندا هئا، جيڪي هتي ڪروڙين رپيا ٿي پوندا هئا. مثال طور: وزيراعظم جي شروع ڪيل ٻوڏ واري فنڊ يا چندي ۾ ماڻهو رڳو 10 رپيا به وجهي ۽ پاڪستاني آبادي جو چوٿون حصو رڳو ان چندي ۾ حصو وٺي ته ڪروڙين رپيا گڏ ٿي وڃن. ان ڪري ڳالھه چندي جي ناهي، ڳالھه رڳو اها آهي ته خان قانون ۽ آئين جي پاسداري نه ڪئي، جڏهن ڪنٽينر تي چڙهي بيهندو هو يا وڏي اوچي اسٽيج تي بيهندو هو ته ڄڻ پيو اڏامندو هو يا سمجهندو هو ته هيٺ بيٺل ماڻهو اهي آهن جيڪي هن جي ڪرڪيٽ ميچ ڏسڻ لاءِ آتا آهن يا جيڪي هڪ هڪ بال تي تاڙيون وڄائيندا رهندا، پر سياست ۽ ڪرڪيٽ کي ان طرح نٿو ملائي سگهجي، ڇو ته سياست ۾ اخلاقيات جي به اهميت آهي ۽ قول ۽ فعل جو تضاد سياستدانن جو موت ثابت ٿيندو آهي.
خان جي اصولن ۾ اهو به شامل آهي ته جيڪو هن جي ڳالهه ٻڌي يا جيڪو هن جي ڳالھه ڪري يا جيڪو هن جي پاسي بيهي ته اهو ماڻهو صحيح آهي، پوءِ اهو ڀلي جمهوريت جو پاسدار نه هجي يا ڀلي ڪو ڊڪٽيٽر يا بيڪار سياستدان ئي ڇو نه هجي، پر جيڪو هن جي ڳالھه ڪندو يا جيڪو هن جي پاسي بيهندو اهو صحيح آهي. ڳالھه اها به آهي ته ڪورٽ ڪنٽيپمٽ ۾ ڪورٽ ڪنهن به اڳواڻ کي يا ڪنهن به سياسي ليڊر کي نااهل ڪري سگهي ٿي، جڏهن اهي ڪورٽ جي گستاخي جي ڳالھه ڪن، قانون کي گھٽ وڌ ڳالهائين، ملڪي ناموس جي خلاف ڳالهائين يا آئين ۽ قانون جي ڀڃڪڙي ڪن يا قانون جا دائرا لتاڙين يا ججن تي ذاتي حملا ڪن ته اهي ڪورٽن جي پڪڙ ۾ ايندا يا اهڙي معافيءَ واري ڳالھه ٻين سان گڏ ته يوسف رضا گيلاني (جڏهن وزيراعظم هو) به ڀوڳي چڪو آهي، پر خان جيترو اٻهرو اسٽيج تي هوندو آهي ان کان ڏھ ڀيرا وڌيڪ ماٺيڻو ڪورٽ ۾ ڏٺو ويو، ان ڪري ته هاڻي هن کي پنهنجا ڪرتوت نظر اچڻ لڳا آهن، ڪڏهن آمريڪا کي ڳالهائي وري ٻئي ڏينهن تي چئي ته منهنجو مطلب اهو نه هو، هاڻي ان ڳالھه ۾ هي ايم ڪيو ايم وارن کي به پوئتي ڇڏي ويو جيڪي اردو ۾ ڳالهائي وري ان جي انٽرپريٽيشن سمجهائيندا هئا، هي به هاڻي اها ئي پاليسي ٿو هلي ته هي جيڪو چئي ان کي في الفور ڪوڙ سمجهو يا جيستائين پاڻ ان شيءِ جي تصديق نه ڪري تيستائين ان کي سچ نه سمجهو. وري چيائين ته زرداري ۽ نواز شريف پنهنجي پسند جو آرمي چيف آڻڻ ٿا چاهين ان ڪري جيڪي زرداري ۽ نواز شريف جي سڳي ڌاڳي ۾ هجن انهن کي آرمي چيف نه ڪيو، وري ساڳي جاءِ تي هن ڀٽي صاحب ۽ نواز شريف جا فورن مثال ڏيڻ شروع ڪيا هئا. هن اهو سمجهو ته عوام بي وقوف آهي، انهن کي ڪهڙي خبر ته ضياءُ ڀٽي صاحب سان ڇا ڪيو ۽ نواز شريف سان مشرف ڪهڙي ويڌن ڪري هليو ويو يا اهي هن ملڪ سان ڪيترا سچا هئا ۽ انهن سان ڇا ٿيو؟ ان ڪري ڳالھه اها ڪجي جيڪا ڪنهن جي دماغ ۾ به ويهي يا سياست ڪا ميچ ناهي جنهن ۾ ايمپائر کي به چيلينج ڪجي يا اتي ڪو ٿرڊ ايمپائر ويٺو هجي يا جيڪو وري ٻيو فيصلو ڏئي سگهي، ان ڪري سياست جي پائيداري ان ۾ به آهي ته آئين ۽ قانون جي پاسداري ڪجي ۽ سول نافرماني کان پاسو ڪجي يا جيترو نوجوان طبقو يا پڙهيل لکيل ڪلاس پي ٽي آءِ جي پويان لڳل آهي ايترو شايد ڪنهن ٻئي وٽ هجي، پر بدقسمتي اها آهي ته هي ويٺو انهن کي جهاد جا سبق پڙهائي. سياست سڌي ڪجي، پائيدار، سچي ۽ کري ڪجي ته بهتر آهي.