يورپي محقق ڊاڪٽر سورلي کي ڀٽائيءَ جي شاعريءَ ۾ ٻن اهڃاڻن سڀ کان گهڻو جهنجهوڙي وڌو هو. هڪ ته هن انگريز مصنف کي اهو معلوم ڪري عجب لڳو هو ته، جنهن دور ۾ ايشيا جي شاعريءَ لاءِ ٽي وڏيون ٻوليون، يعني فارسي، عربي ۽ هندي موجود هيون ۽ ڀٽائي اهي ٽيئي ٻوليون ڄاڻندو به هو، پر پوءِ به هن پنهنجي عظيم شاعري لاءِ هڪ اهڙي غير معروف مقامي ٻوليءَ جي چونڊ ڪئي، جنهن جي ان وقت هڪ ‘لساني لهجي’ کان وڌيڪ حيثيت ڪا نه هئي. البته جڏهن ڀٽائيءَ ان ٻوليءَ ۾ شاعري ڪئي ته ان کانپوءِ ئي دنيا کي سنڌي ٻوليءَ جي وسعت جو اندازو ٿيو. ظاهر آهي ته جيڪا ٻولي ڀٽائيءَ جهڙي شاعر کي پاڻ ۾ سمائي سگهي ٿي، اها دنيا جي عظيم ۽ سڌريل ٻولين مان ئي ٿي سگهي ٿي ۽ ٻي ڳالهه، جيڪا انگريز ماهر کي سمجهه ۾ نه آئي هئي، اها هئي ته ڀٽائيءَ پنهنجي اعليٰ شاعريءَ لاءِ جيڪي موضوع چونڊيا هئا، سي سترهين ۽ ارڙهين صدي عيسوي دوران دنيا جي عظيم شاعري جا ڪڏهن به موضوع نه رهيا هئا. ان عظيم شاعر پنهنجي ٻوليءَ سان گڏ پنهنجي سر زمين کي به اهڙو مانُ بخشيو جو هر دور جي رهبر کي ڀٽائيءَ کان سبق سکڻو پوي ٿو. هو مارئيءَ جي روپ ۾ حب الوطنيءَ جا جيڪي سنيها ڏئي ٿو سي سيني ۾ سانڍي رکڻ جا آهن. ڀٽائي جي فڪر مطابق سٺن گڻن وارن انسانن کان سڄڻ ۽ ساڻيھه يعني محبوب ۽ وطن ڪڏهن به وسرندا ناهن، پر وطن سان محبت سندن ايمان جو جزو هوندي آهي. وطن سان محبت ڪرڻ وارا انسان جڏهن حڪمران ٿيندا آهن ته انهن جي سياسي پاليسين ۾ انسانذات جي ترقي، خوشحالي ۽ ڀلائي لاءِ حڪمت عملي شامل هوندي آهي. ٻئي طرف وطن جي محبت کان عاري انسان جڏهن حڪمران ٿيندا آهن ته سندن سياسي پاليسين ۾ ڪتن ڌارڻ ۽ شڪار جو شوق، وڏن بنگلن ۽ گاڏين جو شوق، قومي خزاني کي ذاتي عياشي ۽ اقتدار جي تحفظ لاءِ خرچ ڪرڻ، قول ۽ فعل ۾ تضاد ۽ عوام کان اظهار جي آزادي کسڻ جهڙا حربا شامل هوندا آهن. ڀٽائي جو پورو سر مارئي حب الوطني جي اظهار سان ڀريو پيو آهي ۽ ان سر جو هي بيت ڪمال جو آهي ته: