بلاگنئون برسات جا راڱا ۽ ٽنڊوالهيار جون حالتون… August 31, 2024 Zahida Abro سموري سنڌ ۾ ڇتي گرميءَ بعد ھنن تازين برساتن جي نقصانن ۽ نااھلين حڪومتي پَت کي وَائکو ڪري ڇڏيو آهي. برسات جيڪا رَحمت سمجهي وڃي ٿي برسات جيڪا قدرتي موسمن جو اھم حصو ھوندي آھي ۽ زراعت سان لاڳاپيل آبادگار وسڪاري جون دعائون ڪندا آهن. وسڪارو جيڪو ٿر جي سوڪھڙي لاءِ بي بھا خزانو ھوندو آھي، جنھن لاءِ چيو وڃي ٿو “وسي ته ٿر نه ته بر”. برسات جيڪا حقيقت ۾ رحمت آهي پر اھا رحمت اسان جي ادارن جي پِرڪارن ۽ نااھلين ۽ ڪرپٽ مافيائن سبب زحمت بڻجڻي وئي آهي. خاص ڪري ڳوٺاڻا “برسات” لفظ کان ھاڻ ڊڄيو وڃن ٿا. سنڌ صوبي ۾ برسات سبب ٻوڏ جيڪي گذريل تباھيون ڪيون ۽ جن شھرن ۽ ڳوٺن کي جاني مالي ۽ ثقافتي نقصان رسايو جهن جي ڪري ماڻهن کي لڏپلاڻ ڪرڻي پئي. سرڪار جي نااهلي جا ذڪر عام ٿيا، تن حالتن کي ڏسندي برساتن کان بچاءُ جون دعائون طلبيون وڃن ٿيون. حڪومتن کي انھن تباھ ڪارين وارين حالتن کي آڏو رکندي بچاءُ جا بھتر انتظام ڪرڻ گهرجن. جنهن ۾ پاڻي جي نيڪال جا لنگھ خالي ڪيا وڃن ۽ انهن لنگهن تي ٿيل قبضن کي ختم ڪرائي لنگهه بحال ڪرايا وڃن. ته جيڪر گهڻي نقصان کان محفوظ ٿي سگهجي. ھنن برساتن لاءِ وزير اعليٰ سنڌ جو ڪارنامو جنهن کي ڪارنامو نه پر اٽي تي چَٽي چئجي ته بھتر ٿيندو. ڇو جو ھر ضلعي ۾ ھڪ نظام ھلندڙ آھي جنھن ۾ ھڪ طرف “ڊپٽي ڪمشنر” سمورن ادارن جي مٿان سرڪاري طور مکيه عملدار ھوندو آھي جيڪي تجربيڪار به ٿين ٿا ته ٻئي طرف قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جا معزز عوامي چونڊيل نمائندن ھوندا آھن جيڪي پنهنجي حدن اندر عوامي مسئلن/تڪليفن گهرجن کي ٻڌڻ سان گڏ انھن جي حل لاءِ ڪوششون وٺن ٿا جيڪا سندن ذميوارين ۾ شامل ھوندي آھي. ھن دفعي وزير اعليٰ سنڌ طرفان مختلف ضلعن لاءِ خاص صلاحڪار يا مددگارSpecial Assistant طور مقرر ڪيا ويا آھن جيڪي برساتن جي ايمرجنسي ۾ ڪم ڪري عوام لاءِ بھتري جا فرض سرانجام ڏيندا. ھن ڏس ۾ ٽنڊوالهيار لاءِ پ پ ۾ رھندڙ ھڪ شخص “سرفراز راڄڙ” کي ذميواريون سونپيون ويون آھن. ايئن ٻين ضلعن ۾ به ھي “اسپيشل اسسٽنٽ” وارو نئون سسٽم داخل ڪرڻ جو تجربو ڪيو ويو آھي. جڏھن ته اڳ ۾ “ڊپٽي ڪمشنر” جو انگريزن کان ھلندڙ بھترين نظام به موجود ڏسجي ٿو. عام راءِ موجب ھنن تازين پسنديده مقررين سان سنڌ جي خزاني تي اضافي خرچن جو بار وجھي عوام جي غربت سان مذاق ڪرڻ جون خبرون گردش ۾ اچي ويون آهن!! ٽنڊوالهيار ۽ حيدرآباد ضلعن ۾ به برسات نقصان رسايا آھن خاص ڪري چمبڙ تعلقي ۾ ڀت ڪرڻ جي ڪري جاني (صفدر ڪالرو) نقصان ٿيڻ (جنهن جي مالي امداد ٿيڻ گهرجي) ۽ جھنڊو مري، نصرپور، ڌڱاڻو بوزدار جون خبرون رپورٽ ٿيون آھن. ھن دفعي به برساتي پاڻي جي نيڪال وارو مسئلو اھميت وارو سمجھيو وڃي ٿو، جنهنڪري نيڪال واسطي عملو، مشينون، بجلي جو نظام ۽ جنريٽرن سان گڏ ڪھڙي پاسي ڪهڙين زمينن ۾ برساتي پاڻي نيڪال ڪرڻ سميت پاڻي جا لنگھ آجا ڪرائڻ وارا معاملا خاص حيثيت رکن ٿا. اھڙيءَ طرح برساتي ايمرجنسي لاءِ اسپتالون طبي مرڪز، دوائون، ڊاڪٽر توڙي اسٽاف جي ضرورتن سان گڏوگڏ ڪٿي واھن يا شاخن ۾ گهارا پئجي وڃن ته انھن کي بند ڪرڻ يا بچاءُ جون تدبيرون سائنسي توڙي انجنيئرنگ جي بنياد تحت لازمي ڪرڻ گهرجن. ان کانسواءِ خدا نه ڪري ڪٿي ڪا ايمرجنسي جي خبر ملي ته ان جا بروقت جوڳا انتظام ڪرڻ جا بندوبست ٿيل ھجن.. اھڙي ريت حيدرآباد جي ڪيترين ھيٺانھين وسندين ۾ برساتي پاڻي کي نيڪال جا بندوبست ڪرڻ طرف ساڳي ريت ڌيان ڇڪائجي ٿو. اميد ڪجي ٿي ته وزيراعليٰ سنڌ اڳوڻين برساتن/ٻوڏن جي تجربن ۽ مشاھدن جي آڌار تي ھن دفعي پنهنجي ساک جو گراف ڪِرڻ کان بچاءُ ڪندي پنهنجي ٽيم سان عوام جي ڏکن سکن جو سِڌو سَنئون حالي احوالي ٿيندي مايوسين ۽ ويڳاڻپ جو خاتمو ڪرائيندو ته جيئن پيپلز پارٽي جي ساک جو ڀرم رھجي اچي. Post Views: 100