بلاگنئون

رات پيٽ ۾ تيل جون وڌيل قيمتون

هيءَ رياست هاڻ هڪ ماءُ نه، پر ڏائڻ بڻجي چڪي آهي. عالمي صورتحال جي تناظر ۾ ايران، آمريڪا جنگ ۽ تيل جي لنگهن تي بندش سبب دنيا جي توانائيءَ سيڪٽر تي هڪ وڏو بوجهه پوڻو آهي، پر گذريل رات حڪومت پاڪستان تيل جي قيمتن ۾ 55 رپيا في ليٽر واڌ ڪري ڇڏي آهي، جيڪا ڳالھه ڪنهن به طريقي انصاف جوڳي ڪونهي. رات جيڪو تيل وڌيو آهي، اهو تيل ملڪ ۾ موجود هو. تنهنڪري ان تي ايڏي وڏي واڌ جو ڪوبه جواز ڪونهي. ھي سنئين سڌي رياستي دھشتگردي آهي. عوام جيڪا اڳئي مهانگائي جي ڌٻڻ ۾ ڦاٿل آهي. سا هن پيٽرول ڊيزل بم ڪرڻ سان تباھ ٿي ويندي. خاص طور زرعي شعبو ته تباهه ٿي ويندو. هي تيل جي واڌ تيل سان وابسته مافيائن جي ڌاڙي کانسواءِ  ڪا به معاشي سرگرمي ڪونهي. هڪ رات اڳ وفاقي حڪومت ميٽنگ ڪري چوي ٿي ته ملڪ وٽ 28 ڏينهن جو تيل جو ذخيرو موجود آهي. پوءِ رات پيٽ ۾ پنجونجاهه رپيا في ليٽر تي واڌ جو ڪهڙو جواز آهي؟ عمران خان حڪومت خلاف مهانگائي مارچ دوران،  مريم نواز، خواجه آصف ۽ شھباز شريف چيو هو ته جڏهن تيل يا بجلي جي قيمت وڌي ته پڪ ڄاڻو ته ملڪ جو وزيراعظم چور آهي.  ڪلپ اڄ سوشل ميڊيا تي وائرل آھن، سو ھاڻ ڪوبه شڪ ناهي رھيو ته وزيراعظم چور ناهي. پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو هن حڪومت پيٽرول تي في ليٽر 48 رپيا ليوي لڳائي آهي. هونئن ته هن عوام کي الائي ڪيترا ٽيڪس ڀرڻا پون ٿا. جهڙوڪ جي ايس ٽي، هر وکر تي ڪو ٽيڪس ادا ڪرڻو پوندو آهي. ڇا جديد معاشي نظام ايئن هلندو آهي؟ قطعي نه. رياست هڪ ماءُ جيان هوندي آهي، جيڪا پنهنجي عوام کي ٽيڪس گڏ ڪري تعليم، صحت ۽ روزگار فراهم ڪندي آهي، پر هتي ته ماهه چور ۽ ٺڳ ويٺل آهن، جيڪي عوام جو رت چوسي، موڙي ٻاهر منتقل پيا ڪن. هي ملڪ صرف سندن ڦرلٽ جو آستان آهي، جتان ڦرلٽ ڪري ذاتي ملڪيتون ٺاھڻ هونديون آهن، هي ڪالونيل مائينڊ سيٽ آهي، جيڪو لگان (محصول) جي فلسفي تي ٻڌل آهي، پر ڪالونيل سسٽم ۾ ڪجهه قدر چڱايون هيون. جهڙوڪ عدالتي نظام، انفرااسٽرڪچر، برٽش دور جو ريلوي ۽ ايريگيشن سسٽم ان جا مثال آهن. هتي لاهور جهڙي شهر ۾ ماڻھو گٽرن ۾ ڪري ٻڏي مري رهيا آهن. هن ملڪ جي اخلاقيات ۽ معيشت جو ڏيوالو نڪري چڪو آهي. عوام بکين بگهڙن جي حوالي ٿيل آهي، پر ڪيستائين آخر هي سلسلو هلندو؟ عوام کي جاڳڻو پوندو. نه ته هيءَ مهانگائي جو ڳٽ روز به روز مضبوط ٿيندو ويندو.