بلاگنئون

جنگ جا پاڇا ۽ ڪنري ۾ تيل جي کوٽ !؟

دنيا جي سياسي حالتن جو اثر صرف وڏن ملڪن تائين محدود ناھي ھوندو، پر ان جا اثر ننڍن شھرن ۽ عام ماڻھن جي زندگيءَ تي به سڌي طرح پوندا آھن. تازو ايران، آمريڪا ۽ اسرائيل وچ ۾ وڌندڙ ڪشيدگي عالمي مارڪيٽن ۾ بيچيني پيدا ڪري ڇڏي آھي، جنھن سبب پيٽروليم مصنوعات جي فراھمي ۽ قيمتن تي به اثر پيو آھي. ھن عالمي صورتحال جو اثر ھاڻي پاڪستان جي مختلف علائقن وانگر ضلعي عمرڪوٽ جي تعلقي ڪنري ۾ به محسوس ٿيڻ لڳو آھي، جتي ڊيزل ۽ پيٽرول ناياب بڻجي ويا آھن. ڪنري شھر ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ پيٽرول پمپن تي تيل جي فراھمي اوچتو متاثر ٿيڻ سبب ٽرانسپورٽرن، آبادگارن ۽ عام شھرين کي سخت پريشانين کي منھن ڏيڻو پئجي رھيو آھي. ڪيترن ئي پيٽرول پمپن تي يا ته پيٽرول ۽ ڊيزل مڪمل طور ختم ٿي ويا آھن يا وري محدود مقدار ۾ موجود آھي، جنھن ڪري گاڏين، موٽرسائيڪلن ۽ ٽريڪٽرن جون ڊگھيون قطارون نظر اچڻ لڳيون  آھن.

تعلقي ڪنري جي معيشت گھڻو ڪري زراعت سان وابستا آھي. آبادگارن لاءِ ڊيزل انتھائي اھم حيثيت رکي ٿو، ڇو ته ڊگڊگيون، ٽريڪٽر ۽ ٻيون زرعي مشينريون ڊيزل تي ھلن  ٿيون. جڏھن تيل جي کوٽ پيدا ٿئي ٿي ته ان جو سڌو اثر فصلن جي پوک ۽ آبپاشي تي پوي ٿو. جيڪڏھن ھي صورتحال ڊگھي عرصي تائين جاري رھي ته نه رڳو آبادگارن کي نقصان ٿيندو، پر زرعي پيداوار به متاثر ٿي سگھي ٿي. ٻئي طرف ٽرانسپورٽ جو شعبو به سخت متاثر ٿي رھيو آھي. بسون، ويگنون ۽ مال بردار گاڏيون جڏھن تيل کان محروم ٿين ٿيون ته سفر مشڪل ٿي وڃي ٿو. نتيجي طور عام ماڻھو، مزدور، شاگرد ۽ واپاري به روزمره جي سرگرمين ۾ ڏکيائين کي منھن ڏين ٿا. حقيقت اھا آھي ته عالمي سياست جا فيصلا ۽ تڪرار ھزارين ميل پري ٿين ٿا، پر انھن جا اثر ڪنري جھڙن ننڍن شھرن تائين به پھچي وڃن ٿا. اھڙي صورتحال ۾ ضروري آھي ته حڪومت وقت سر قدم کڻي پيٽروليم مصنوعات جي فراهميءَ کي يقيني بڻائي، جيئن  عام ماڻھو ۽ آبادگار وڌيڪ پريشانين کان بچي سگھن. جيڪڏھن انتظاميه بروقت قدم نه کنيا ته تيل جي کوٽ ھڪ وڏو بحران بڻجي سگھي ٿي. ضرورت ان ڳالھه جي آھي ته پيٽروليم مصنوعات جي منصفاڻي ورڇ يقيني بڻائي وڃي ۽ مصنوعي کوٽ پيدا ڪندڙ عنصرن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي. اڄ ڪنري جي رستن تي بيٺل گاڏين جون قطارون صرف ڊيزل پيٽرول  جي کوٽ نه، پر عالمي حالتن جي مقامي اثرن جي به عڪاسي ڪري رھيون آھن. دنيا ۾ ٿيندڙ ھر تڪرار جو بار آخرڪار عام ماڻھو تي ئي پوي ٿو، جيڪو اڳ ئي مھانگائي ۽ معاشي مسئلن جي ور چڙھيل آھي.