خان اڪيڊميءَ جي ڪهاڻي
تعليم جي ميدان ۾ خان اڪيڊمي آن لائين سکيا جو بهترين پليٽفارم آهي، جتان هن وقت تائين لکين شاگرد مستفيض ٿي چڪا آهن. ان اڪيڊميءَ جي پسمنظر بابت دلچسپ ڪهاڻي آهي. 2004ع ۾ هڪ نوجوان سلمان خان جي ستين ڪلاس ۾ پڙهندڙ سئوٽ ناديه کي الجبرا سمجھ ۾ نه پئي آئي، سو هن نوجوان پنهنجي سئوٽ کي ٽيوشن پڙهائڻ جو پروگرام رِٿيو، پر مسئلو اهو هو ته سلمان جي رهائش بوسٽن (آمريڪا) ۾ هئي، جڏهن ته سندس سئوٽ جي رهائش نيو آرلينس ۾ هئي. هن پري رهندڙ پنهنجي سئوٽ کي الجبرا سيکارڻ لاءِ وڊيوز رڪارڊ ڪري يوٽيوب تي رکڻ شروع ڪيا ۽ کيس چيائين ته هوءَ اتان کان وڊيوز ڏسي رياضيءَ جي تياري ڪري. ائين ئي هڪ ٻن وڊيوز رکڻ کانپوءِ سندس وڊيوز کي هاڻ ڪافي ماڻهو ڏسڻ ۽ پسند ڪرڻ لڳا. اڳتي هلي نيٺ هن کي خيال آيو تہ ڇو نه ڪا ويب سائيٽ اهڙي هجي، جتي هو پنهنجون سڀ وڊيوز شيئر ڪري سگهي. سو، ان خيال سان هن خان اڪيڊميءَ (ويب سائيٽ/سافٽ ويئر ٽول) جو بنياد 2008ع ۾ رکيو.
خان اڪيڊميءَ جو مقصد اهو آهي ته دنيا ۾ هر هڪ کي، هر جاءِ تي مفت ۾ تعليم مهيا ڪري سگهجي. خان اڪيڊميءَ جي ويب سائيٽ تي آن لائين مختلف سبجيڪٽن جهڙوڪ؛ رياضي، تاريخ، حياتيات، طبعيات وغيره جو مواد پيل آهي. هزارين وڊيوز سان گڏ نيومريڪلس جا حل به موجود آهن. ان ويب سائيٽ تي مختلف ٻولين ۾ مواد پڻ دستياب آهي. خان اڪيڊمي ويب سائيٽ جا باقاعده ميمبر مقرر آهن، جيڪي سلمان خان جي نگراني ۾ ڪم ڪن ٿا. هو هن وقت آمريڪا جي مختلف اسڪولن سان گڏجي ڪم ڪري رهيا آهن ۽ انهن اسڪولن کي تعليم جي نون ماڊلس، پروگرامن ۽ جدتن کان کين آگاھ ڪري رهيا آهن.
خان اڪيڊميءَ جي باني سلمان خان جي پيدائش 1976ع ۾ آمريڪا ۾ ٿي. سندس والد جو تعلق بنگلاديش ۽ سندس والده جو تعلق هندستان سان آهي. MIT مان ڪلاس بنڪ/مِس ڪندڙ سلمان بيچلرس اليڪٽريڪل ۽ ميٿميٽڪس ۽ ايم بي اي هارورڊ يونيورسٽي مان ڪئي آهي. هن پاڪستاني ڇوڪري ماروي (جيڪا سندس ڪلاس فيلو هئي) سان شادي ڪئي آهي.
سلمان شروع ۾ خان اڪيڊميءَ سان گڏ سائيڊ ۾ نوڪري به ڪندو رهيو، پر 2009ع ۾ ان نوڪري تان استعيفيٰ ڏني ۽ هاڻ سڄو ڌيان ويب سائيٽ تي ڏيڻ لڳو. 2010ع ۾ مائڪروسافٽ جي باني بل گيٽس هڪ انٽرويو ۾ ٻڌايو ته هو هڪ نئين ويب سائيٽ جو استعمال ڪري رهيو آهي ۽ سندس ٻارن پڻ اتان کان رياضيءَ جي پريئڪٽس شروع ڪئي آهي. هن وڌيڪ چيو ته ڇا ڪوئي هڪ شخص صرف پندرنهن منٽن جي هڪ وڊيو ۾ شين کي ايتري زبردست طريقي سان به سمجهائي سگهي ٿو، مون کي حيرت ۽ بي انتها خوشي ٿئي ٿي! ان جي ڪجھ ڏينهن کانپوءِ سلمان کي هڪ فون اچي ٿي، فون ڪندڙ پنهنجو تعارف بل گيٽس جي اسسٽنٽ طور ڪرائيندي چئي ٿو ته ”بل گيٽس، اوهان جون يوٽيوب وڊيوز ڏسي، اوهان جو فين ٿي پيو آهي. اوهان سان ملڻ چاهي ٿو، اوهان وٽ جيڪڏهن وقت هجي، ته مهرباني ڪري ملاقات لاءِ پروگرام ترتيب ڏجي.“
صرف هڪ فون ڪال سندس زندگيءَ کي سيڪنڊن ۾ بدلائي ڇڏيو. هڪ انٽرويو ۾ سلمان خان ٻڌائي ٿو ته ”مون اهي وڊيوز پنهنجي ننڍڙي سئوٽ ناديا لاءِ رکيا هئا، مون کي اها خبر نه هئي ته هڪ ڏينهن بل گيٽس پنهنجن ٻارن کي منهنجون وڊيوز ڏيکاريندو.“
ساڳئي سال کيس گوگل طرفان ٻه ملين ڊالرز مليا. ان کان علاوه بل ۽ ملينڊا گيٽس فائونڊيشن طرفان به پندرنهن لک ڊالرز جي گرانٽ ملي. گوگل، بل گيٽس فائونڊيشن، انٽرنيٽ ۽ ٻين پاور هائوسز جي مدد ۽ تعاون سان خان اڪيڊميءَ جو نالو سڄي گلوب تي روشن آهي. خان اڪيڊمي روايتي تعليم جي طريقن کي تبديل ڪيو آهي. خان اڪيڊميءَ جي تعليم واري ماڊل کي آمريڪا جي ڪيترن ئي اسڪولن ۾ مڃتا پڻ ملي آهي.
هر مهيني لکين شاگرد خان اڪيڊميءَ جي ويب سائيٽ وزٽ ڪن ٿا. ويب سائيٽ تي هزارين وڊيوز پيل آهن. دنيا ۾ هن وقت پنجن لکن کان وڌيڪ استاد خان اڪيڊميءَ جي ويب سائيٽ استعمال ڪندي شاگردن کي تعليم ڏئي رهيا آهن. خان اڪيڊميءَ جي سافٽ ويئر ايپليڪيشن تي هن وقت تائين لکين استاد پاڻ کي رجسٽرڊ ڪرائي چڪا آهن. خان اڪيڊمي وارن جي سيڪنڊري اسڪول جي ميٿ سليبس کي آمريڪا جي اڪثر اسڪولن ۾ وڏي پذيرائي ملي آهي، ڪيترائي شاگرد خان اڪيڊمي جي ميٿ پڙهن ٿا. خان اڪيڊميءَ وارن جي ميٿميٽڪس ماڊل کي ڪيليفورنيا جي ڪيترن ئي اسڪولن ۾ لاڳو ڪيو ويو آهي.
خان اڪيڊمي وارن ڊيش بورڊ سسٽم ٺاهيو آهي، جيڪو آمريڪا جي اڪثر اسڪولن ۾ لاڳو ڪيو ويو آهي. ان سسٽم تحت استاد پنهنجي شاگردن کي ليپ ٽاپ تي هوم ورڪ ڏين ٿا، جنهن ۾ نيومريڪلس ۽ مشقون شامل هجن ٿيون. ڪلاس جي استاد جي هر شاگرد جي سرگرميءَ تي نظر رهي ٿي. مثال، ڪنهن شاگرد ڪيترو هوم ورڪ ڪيو آهي؟ ڪنهن شاگرد گهٽ ۾ گهٽ ڪيتريون وڊيوز ڏٺيون آهن؟ شاگردن گهڻن سوالن کي حل ڪيو آهي؟ انهن مان ڪيترا صحيح ۽ ڪيترا غلط آهن. سافٽ ويئر سسٽم ايترو به ٻڌائي ٿو ته شاگرد گهر ۾ ڪيترا منٽ ويهي پڙهيو، يا هوم ورڪ ڪيو آهي. ان سسٽم تحت هزارين شاگردن ۾ سڌارو ٿيندي نظر آيو آهي. جيتوڻيڪ خان اڪيڊميءَ تي ڪافي تنقيد به ڪئي وڃي ٿي ته اسڪرين تي پڙهڻ کان وڌيڪ ڪلاس ۾ روبرو ڳالهين کي سمجهڻ اهم آهي. سلمان خان پنهنجي ڪتاب The One World Schoolhouse ۾ تعليم جي حوالي سان خان اڪيڊمي جي ماڊلس بابت ڪافي ڪجھ لکيو آهي.
هن وقت سلمان خان جي آفيس سليڪان ويلي ۾ هڪ چانھ جي دڪان جي مٿان آهي. اتان کان ئي هو لکين شاگردن کي پڙهائيندو رهيو آهي. هو مختلف سبجيڪٽس پڙهائي ٿو. سندس موجب ”آئون ڪنهن به ٽاپڪ تي ليڪچر ڏيڻ کان اڳ ان ٽاپڪ سان ريليٽڊ چار پنج ڪتابن جو مطالعو ڪندو آهيان. انٽرنيٽ تان مدد وٺندو آهيان… اوهان جيڪڏهن سکڻ چاهيو ٿا ته پاڻ پنهنجي مدد تحت سکڻ جي عادت وجهو. عام رواجي اڪيڊمڪ ماحول ۾ اوهان Passive هوندا آهيو. اوهان بينچ تي ويهندا آهيو ۽ استاد اوهان ڏي علم منتقل ڪندو آهي. ان سان ائين ٿيندو آهي، جو سڄي ڪلاس مان هڪ اڌ شاگرد کي ليڪچر سمجھ ۾ ايندو آهي، باقي ته ڪل پيران دا خير واري ڳالھ هوندي آهي. ڊجيٽل دنيا ۾ سکڻ جو اهو ڪو اثرائتو طريقو نه آهي. روايتي ماڊل تحت اوهان ليڪچر ٻڌو ٿا، نوٽس وٺو ٿا، جيڪو ڪجھ سکو ٿا، ان جو فيڊ بيڪ ڏيو ٿا ۽ آخر ۾ سڀ ڪجھ وساري ويهو ٿا. اوهان کي ان ماڊل تحت ڪريڪيولم کان ٻاهر سوال ڪرڻ جي اجازت ئي ناهي هوندي. تنهنڪري اسان کي ان روايتي ماڊل مان جند ڇڏائي جديد ماڊل کي اپنائڻو پوندو ۽ جدت پسنديءَ کي اسپيس ڏيڻو پوندو.“
***

