عورتن جي مسئلن بابت تفصيلي انٽرويو : اي. ايس. پي: علينا راڄپر : زاهده ابڙو
تعارف:
منهنجو نالو علينا راڄپر آهي، بنيادي طور تي منهنجو تعلق نوشهروفيروز سان آهي. منهنجي تعليم ۽ رهائش حيدرآباد جي آهي، مون بزنس ايڊمنسٽريشن ۾ بي بي اي ۽ هيومن ريسورس ۾ ايم. بي. اي ڪئي آهي. اسان ٽي ڀينرون ڀائر آهيون، جنهن ۾ سڀني کان وڏي مان آهيان. مان پنهنجي خاندان ۾ پهرين سي. ايس. پي فيميل آفيسر آهيان. سي ايس ايس ڪرڻ کان پهرين نيب ۾ تفتيشي آفيسر طور ڪم ڪري رهي هيس، ان کانپوءِ سي. ايس. ايس ڪري مون پوليس گروپ جوائن ڪيو. ڇو ته پوليس مون کي يونيفارم سروس جي طور تي تمام گهڻي پسند آهي ۽ پوليس ۾ ڪم ڪرڻ مون کي تمام سٺو پيو لڳي.
زاهده ابڙو: پوليسنگ ڇا آهي؟
علينا راڄپر: پوليسنگ ايئن ناهي ته جيڪو عام طور تي هڪڙو تاثر پکڙيل آهي ته ماڻهن کي ڊيڄاري رکون ته جيئن اسان لا اينڊ آرڊر (قانون جو سختيءَ سان نفاذ) کي بهتر بڻائي سگهون. حقيقت ۾ پوليسنگ اها آهي ته اسان لا اينڊ آرڊر کي بهتر ڪري سگهون ۽ ماڻهن جي بنيادي حقن کي محفوظ ڪري سگهون ته جيئن ڪنهن جا به حق جيڪي انهن کي آئين ۽ قانون ۾ مليل آهن انهن جي ڀڃڪڙي نه ٿئي ۽ جيڪي شر پسند عناصر آهن ۽ قانون جي ڀڃڪڙي ڪن ٿا انهن کي قانون جي مطابق سزا ملي، بغير ڪنهن دٻاءُ ۽ مڪمل ميرٽ تي، اها پوليسنگ جي تشريح آهي.
زاهده ابڙو: پوليسنگ جي باري ۾ توهان جيڪا تشريح ڏني آهي ان جي باوجود به عوام ۽ پوليس جي وچ ۾ عدم اعتماد ڇو آهي؟
علينا راڄپر: پوليس کان گهڻو ڪري خوف محسوس ڪيو وڃي ٿو، هر اداري وانگر پوليس ۾ به ڪجهه ڪاريون رڍون (black sheep) موجود هونديون آهن. ڇو ته سماج ۾ قانون کي لاڳو ڪرڻ تمام گهڻو مشڪل ڪم آهي. ڇو ته توهان وٽ ڪافي اهڙا ماڻهو هوندا آهن جن جي سوچ غير معمولي طور تي سماج جي اصولن کان ڌار هوندي آهي. ان ڪري پوليس کي ڪڏهن ڪڏهن اهڙو رويو اختيار ڪرڻو پوندو آهي جو ماڻهن تي سختي ڪرڻي پوندي آهي ۽ ان ڳالهه جي ڪري عوام پوليس تي ڀروسو گهٽ ٿي ڪري، ماڻهو سمجهن ٿا ته شايد پوليس ماري ٿي، تشدد ٿي ڪري. توهان جڏهن به معاشري مان ڪا برائي ختم ڪندا ته توهان کي ڪا نه ڪا حڪمت عملي اختيار ڪرڻي پوندي. اهو هڪڙو عام خيال به آهي ته پوليس صحيح ناهي ۽ سچ اهو آهي ته اهو هڪ غلط تصور آهي ۽ جيڪي ماڻهو چوندا آهن ته پوليس صحيح ناهي اهي ڪڏهن ٿاڻي آيا به نه هوندا، پر ان جي باوجود به چوندا آهن ته پوليس صحيح نه آهي. توهان جڏهن پوليس سان رابطي ۾ ايندا، منهنجي آفيس ۾ يا ٻئي ڪنهن سينيئر آفيسر وٽ ويندا يا ڪنهن به مسئلي تي اسان سان رابطو ڪندا ته پوليس کان خوف ختم ٿيڻ شروع ٿيندو، ڇو ته پوليس توهان جي حفاظت لاءِ موجود آهي.
زاهده ابڙو: توهان ۾ پوليس ۾ اچڻ جو فيصلو ڇو ڪيو؟
علينا راڄپر: عام طور تي انٽرويوز ۾ اهو چيو ويندو آهي ته ملڪ جي خدمت ڪرڻ لاءِ آيس، پر هڪ ڇوڪريءَ جي حيثيت سان مون کي يونيفارم سروس گهڻو Charm ڪندي هئي. مون کان ڪٿي ڪنهن پڇيو ته هڪ ڇوڪريءَ جي حيثيت سان مان پوليس کي ڇو سليڪٽ ڪيو، ته منهنجو ان کي سادو جواب اهو هو ته پوليس ڇو نه، آئون پوليس ۾ ڇو نٿي اچي سگهان. ڇا ڪا اهڙي خاص صلاحيت منهنجي مخالف صنف واري ماڻهو ۾ آهي جيڪا مون ۾ نه آهي. آئون پنهنجي هن چونڊ تي تمام گهڻي مطمئن ۽ خوش آهيان ته مون پوليس کي چونڊيو. روزاني جي بنياد تي منهنجي ڪيترين ئي ماين سان ڳالهه ٻولهه ٿيندي آهي انهن جي مسئلن کي ٻڌنڌي آهيان جيڪي شايد اسان جا مخالف صنف وارا ماڻهو ايتري حساسيت سان نه ٻڌي سگهن. مان انهن ماين جي مسئلن لاءِ تمام گهڻي حساسيت محسوس ڪريان ٿي، انهيءَ ڪري آئون سمجهان ٿي ته مون کي پوليس ۾ ئي اچڻ گهرجي ها ۽ مون اهو صحيح فيصلو ڪيو آهي. منهنجو خيال آهي ته هن اداري ۾ فيميل آفيسر جو هجڻ هڪڙي ضرورت آهي. جيئن ضلعي انتظاميه ۾ به خواتين آفيسر موجود آهن، خواتين ڪسٽم ۾ به آهن، فارين سروس ۾ آهن، پر پوليس ۾ خواتين آفيسرن جو انگ تمام گهٽ آهي. جڏهن مان ڪو ڇاپو هڻڻ ويندي آهيان ته مون سان گڏ پنج سئو مرد هوندا آهن انهن ۾ آئون هڪ فيميل آفيسر هوندي آهيان. توهان کي هيٺين سطح تي يا وري انسپيڪٽر جي سطح تي ڪجهه خواتين نظر اينديون، پر ليڊنگ پوزيشن تي عورتون گهٽ نظر اينديون. هن وقت توهان کي ڪجهه نالا ليڊنگ پوزيشن تي به ملندا. اهوئي سبب آهي جو مون پوليس کي چونڊيو.
زاهده ابڙو: ڇا توهان جو خيال اهو آهي ته جيئن جيئن خواتين آفيسرن جو انگ پوليس ۾ وڌنڌو ته انهن جي لاءِ پنهنجي لاءِ به آسانيون پيدا ٿينديون ۽ خواتين جا مسئلا به ضابطي ۾ ايندا؟
علينا راڄپر: بلڪل ايئن ٿيندو، ان محڪمي ۾ آئون هڪ ڪماڊنگ پوزيشن تي آهيان ۽ مون وٽ جيڪڏهن ڪا مائي اچي ٿي جيڪا هڪ گهريلو مسئلو کڻي ٿي اچي ۽ هوءَ سمجهي ٿي ته هڪ مرد آفيسر ان مسئلي کي سمجهي نه سگهندو ۽ ان جي جاءِ تي آئون ان مسئلي کي چڱيءَ طرح سان سمجهي وٺنديس ۽ ان کي چوندس ته اسان ان کي سلجهايون ٿا. ڇو ته ٿي سگهي ٿو ته هڪ عورت هجڻ جي ناتي اهڙن مسئلن کي هڪ فيميل آفيسر پاڻ به منهن ڏيندي هجي. روزاني جي بنياد تي منهنجي آفيس ۾ تمام گهڻيون مايون اچن ٿيون جيڪي پنهنجي مڙسن جي باري ۾ شڪايتون کڻي اينديون آهن ۽ درخواست ڪنديون آهن ته اسان انهن کي سمجهايون، پر عورت آفيسر جي جاءِ تي جيڪڏهن ڪو مرد آفيسر هوندو ته هو اهو ئي چوندو ته اهو گهر جو مسئلو آهي خود وڃي حل ڪري پوليس ڇا ڪندي، پر مون کي خبر آهي ته آئون ان مائي جي مسئلي کي ڪجهه نه ڪجهه حد تائين حل ڪري سگهان ٿي ۽ مون کي ان لاءِ ڪجهه نه ڪجهه ڪرڻ گهرجي. خواتين پوليس آفيسر جي اچڻ سان تمام گهڻو فرق پيو آهي. عورت تي تشدد جا واقعا رپورٽ ٿيڻ لڳا آهن. ڪراچي ڪلفٽن پوليس اسٽيشن ۾ چائلڊ ڪيئر روم ٺهيو آهي جتي جاب ڪرڻ واريون مائرون جيڪي پوليس ۾ آهن پنهنجا ٻار ويهاري سگهن ٿيون ۽ جيڪي اسان وٽ قيدياڻيون آهن اهي به پنهنجا ٻار اتي ويهاري سگهن ٿيون. ڇو ته ان ٻار جو ڪوبه ڏوهه ناهي جيڪڏهن هن جي ماءُ ڪو ڏوهه ڪيو آهي. عورت جي اچڻ سان سسٽم ۾ هڪ مثبت تبديلي ته ايندي.
زاهده ابڙو: هڪ پوليس آفيسر کي جرئت ۽ بهادري سان ڪم ڪرڻ کان علاوه پنهنجون ذميداريون پوريون ڪرڻ لاءِ ڪهڙي قسم جي تربيت ڏني ويندي آهي؟
علينا راڄپر: اسان جي هڪڙي بنيادي ٽريننگ ٿيندي آهي جيڪا اسلام آباد ۾ ٿيندي آهي، اها سڀني لاءِ تقريبن ساڳي هوندي آهي. توهان کي ٽريننگ جي دوران قانون پڙهايو ويندو آهي ۽ ان کي نافذ ڪيئن ڪجي، پر هڪ آفيسر جي اصل تربيت صرف فيلڊ ۾ ئي ٿي سگهي ٿي. توهان جڏهن عملي طور تي ڪم ڪرڻ شروع ڪندا ته پوءِ توهان کان غلطيون به ٿينديون ۽ انهن غلطين کان سکندي توهان انهن غلطين کي دهرائڻ کان پنهنجو پاڻ کي روڪيندا. منهنجي ڪوشش اها هوندي آهي ته جيڪو به منهنجي آفيس ۾ فرياد کڻي اچي ٿو مان ان سان ذاتي طور ملاقات ڪريان ۽ ان جي ڳالهه کي ٻڌان. منهنجو بنيادي مقصد اهو آهي ته مان پنهنجي فريادي جي لاءِ هر وقت موجود هجان. مون کي رات جو ٽين وڳي به جيڪڏهن ڪا فون ايندي آهي ته آئون ان کي کڻندي آهيان ان ڊپ کان ته متان ڪا مائي هجي جيڪا ڪنهن مسئلي ۾ ڦاٿل هجي ۽ مون کي آخري اميد جي آسري تي ڪال ڪندي هجي. اهي هر آفيسر جا پنهنجا ذاتي پيراميٽرز هوندا آهن ۽ ذاتي تصور هوندا آهن جيڪو هر آفيسر عملي ميدان ۾ لاڳو ڪندو آهي ۽ انهن تي عمل ڪندو آهي.
زاهده ابڙو: معاشري ۾ هن وقت تشدد جو رجحان انتهائي حد تائين وڌي رهيو آهي يا خبر ناهي ته سوشل ميڊيا جي ذريعي اهو رجحان وڌيڪ وائکو ٿي رهيو آهي ان جا ڪهڙا سبب آهن؟
علينا راڄپر: ڏک سان چئي سگهجي ٿو ته اسان جي سماج ۾ تشدد هڪ اهڙو عمل آهي جنهن کي عام طور تي سڀ قبول ڪن ٿا. اسان وٽ عورت سان ٿيندڙ تشدد کي ڏوهه سمجهيو ئي نٿو وڃي. ان کي هڪڙو گهريلو روز مره وارو مسئلو سمجهيو ٿو وڃي، جيئن ماني خراب ٿي وئي، پاڻي جي موٽر خراب ٿي وئي ۽ تشدد ٿي ويو سڀ برابر آهن، تشدد گهر جو هڪڙو ننڍڙو مسئلو آهي. مردن وٽ ته ان جي قبوليت آهي ئي آهي، پر ماين جو به دماغ ننڍپڻ کان اهڙي طريقي سان tune ڪيو ويو آهي جو اهي مرد کي سمجهن ٿيون ته اهو انهن جو محافظ آهي، اهو انهن کي معاشي طرح سنڀالي ٿو ۽ جيڪڏهن مرد ڪجهه چئي ڇڏيو ته ان کي برداشت ڪرڻو آهي، ڪا ڳالهه ڪونهي ۽ انهن سڀني ڳالهين کي مذهب سان ڳنڍي ان جي غلط تشريح ڪئي ويندي آهي ته مذهب مڙس کي يا مرد کي عورت جي مٿان تشدد ڪرڻ جي اجازت ڏئي ٿو. ان ڪري سڄي سماج ۾ عورت مٿان گهريلو تشدد کي قبوليت جو درجو مليل آهي. ڇو جو ان کي ڏوهه سمجهيو ئي نٿو وڃي. اهو هينئر جو مسئلو ناهي اهو هميشه کان رهيو آهي. جڏهن به ڪو ڪيس ايندو آهي ۽ ان ۾ گهريلو تشدد جو مسئلو هوندو آهي ته اهو سوشل ميڊيا، اليڪٽرانڪ ميڊيا يا پرنٽ ميڊيا جي ذريعي ماڻهن جي اڳيان ايندو آهي پوءِ ان جي رپورٽنگ ٿيندي آهي، جڏهن هڪڙي ڪيس جي رپورٽنگ ٿيندي آهي ته پوءِ پنج ٻيون مايون به همت ڪري اڳيان اينديون آهن ۽ اهي به پاڻ تي ٿيندڙ تشدد جي خلاف آواز اٿارينديون آهن. ڇو ته اهي ڏسنديون پيون آهن ته جيڪڏهن هڪ عورت سان هيءُ حال ٿي سگهي ٿو ۽ ان جي ٻارن سان تشدد ٿي سگهي ٿو ته هو پنهنجي لاءِ سوچڻ شروع ڪنديون آهن ۽ رپورٽنگ جو ٽرينڊ وڌڻ شروع ٿيندو آهي. هينئر جيڪي لڳاتار ٻه ٽي ڏاڍا خراب واقعا ٿيا آهن ان جي ڪري اسان وٽ عورت سان ٿيندڙ ڏوهن جي رپورٽنگ ۽ گهريلو تشدد جي رپورٽنگ وڌي آهي.
زاهده ابڙو: اسان جي سماج ۾ هڪڙو رجحان اهو به آهي ته عورت تي تشدد ڪندڙ ماڻهوءَ سان ان عورت کي گڏ رهڻو پوي ٿو ۽ ان سان گڏ رهڻ لاءِ ان جا مائٽ مجبور ڪن ٿا. ڇو ته اهو ان جو معاشي طور تي پٺ ڀرائي ڪرڻ وارو به آهي ته قانوني طور تي ان جو رکوالو به آهي. هاڻي معاشري کي اها تربيت ڪيئن ڏني وڃي ته ڇوڪرين کي اهڙي مرد سان گڏ رهڻ لاءِ مجبور نه ڪيو وڃي.
علينا راڄپر: سڀني کان پهرين اسان کي جيڪو قدم کڻڻو آهي اهو هيءُ آهي ته اسان کي پنهنجي ڇوڪرين کي خود مختيار ڪرڻو پوندو. انهن کي ٻڌائڻو آهي ته انهن جو معاشي طور تي پاڻ ڀرو ٿيڻ اوترو ئي اهم آهي جيترو شادي ڪرڻ، ٻار پيدا ڪرڻ يا گهر هلائڻ آهي. شادي ڪرڻ ۽ ٻار پيدا ڪرڻ زندگيءَ جو سڀ کان وڏو مقصد نه هجڻ گهرجي. زندگيءَ جو اصل مقصد اهو هجڻ کپي ته هو پنهنجو پاڻ کي زنده رکي سگهي ۽ پنهنجو پاڻ کي پاڻ سڀنالي سگهي. ڪافي مايون تشدد ڪندڙ مڙسن وٽ واپس وينديون آهن، جيئن قرت العين جي واقعي ۾ ٿيو، جنهن ۾ ڏهن سالن جي دوران ڪيترا دفعا تشدد جو شڪار ٿي ۽ ان کي واپس ان ڪري وڃڻو پيو ته ٻارن کي ڪير پاليندو. هوءَ پاڻ تعليم يافته هئي، ايم بي اي ٿيل هئس، بزنس ڊگري هولڊر هئي، هوءَ آرام سان ڪا نوڪري ڪري سگهي پئي، پر چئن ٻارن جي ماءُ هجڻ ڪري هن کي شايد اهو ڊپ هوندو هو ته سندس ٻار ڪير پاليندو؟ اسان کي پنهنجين نياڻين کي معاشي طور تي خود مختيار ڪرڻو پوندو ته جيئن هو ڪنهن جي اڳيان هٿ ڦهلائي نه سگهن ۽ جيڪڏهن هنن سان اهڙو ڪو واقعو ٿئي ٿو ته هو پنهنجن پيرن تي بيهڻ جي قابل هجن ۽ پنهنجي زندگي گذارڻ جي قابل هجن. ٻيو ته هڪڙو فرسوده تصور آهي ته ڇوڪري شاديءَ کانپوءِ پنهنجي مڙس وٽان مري پوءِ نڪرندي، ان کي تبديل ٿيڻ گهرجي مائٽن کي پنهنجين ڌيئرن کي ڀرپور نموني سان سپورٽ ڪرڻ گهرجي. ان جو مطلب اهو ڪونهي ته ڇوڪريون ان جو غلط استعمال ڪن يا غلط ڳالهين تي ان کي سپورٽ ڪيو وڃي، پر جڏهن مائٽ ڏسن ته ڇوڪرين تي جسماني تشدد ٿي رهيو آهي ته ان وقت اها سوچ نه هجڻ گهرجي ته ”خير آهي“ ۽ سماج ۾ رهندي مون سميت هر ڪنهن جي اها ذميداري آهي ته جيڪڏهن توهان ڏسو ٿا ته ڪنهن به مائي تي جسماني تشدد گهر ۾ ٿي رهيو آهي ته ان جي رپورٽ ضرور ڪريو. اگر توهان سمجهو ٿا ته تشدد ٿي رهيو آهي ته پوليس وومين ڊولپمينٽ ڊپارٽمينٽ ۾ رپورٽ ڪريو ته اهو واقعو ٿي رهيو آهي. جڏهن اسان سڀ گڏجي مجموعي طور تي ڪم ڪنداسين ۽ ان جي تربيت اسان جي ڇوڪرين ۽ ڇوڪرن کي به ڏيڻ گهرجي ته جيڪڏهن اهي پنهنجي ارد گرد اهڙي قسم جا واقعا ڏسن ٿا، جتي عورتن سان تشدد ٿي رهيو آهي ته اهي رپورٽ ڪن.
زاهده ابڙو: اهڙي رپورٽ ڪرڻ کانپوءِ اڪثر عورتن کي ۽ ڇوڪرين کي اهو خوف هوندو آهي ته رپورٽ ڪرائڻ کانپوءِ مرد گهر مان ڪڍي ڇڏيندو پوءِ ڪيڏانهن وينداسين ۽ هڪ دفعو رپورٽ ڪرائي ڇڏي ته پوءِ تعلقات خراب ٿي ويندا ۽ شايد مٿن وڌيڪ تشدد ٿئي ان سڄي معاملي کي عورت ڪيئن حل ڪري.
علينا راڄپر: اسان وٽ ڪجهه شعبا اهڙا آهن جيڪي متبادل حل تي ڪم ڪندا آهن، جنهن ۾ جوڙن کي اهو سمجهايو ويندو آهي ته ڀلي توهان ڪورٽ ۾ نه وڃو ۽ توهان اچو ڳالهه ٻولهه سان ان مسئلي کي نبيريو. ان ۾ پوليس پنهنجو ڪردار ادا ڪري پئي، اسان وٽ شڪايتي سيل ٺهيل آهن، جنهن ۾ شڪايتون درج ٿينديون آهن ۽ حراسمينٽ ڪرڻ واري کان لکت ۾ وٺندا آهيون، ان لکت جي قانوني طور تي ايتري گهڻي حيثيت ڪونهي، پر ان ماڻهوءَ کي ذهني طور تي اهو خيال هوندو آهي ته هن پوليس کي لکي ڏنو آهي ته هو پنهنجي زال کي نه ماريندو ۽ جي هن ماريو ته سندس خلاف ايف آءِ آر درج ٿيندي. ان صورتحال ۾ جيڪڏهن هڪ مائي قانون کان مدد گهري ٿي ته ان ڳالهه جا وڌيڪ موقعا موجود آهن ته ان جوڙي جا تعلقات پاڻ ۾ پهرين جهڙا نه رهي سگهن، پر جيئن ته اڄڪلهه سوشل ميڊيا تي به هڪڙو قول ڏاڍو عام ٿيو آهي ته، ”هڪ طلاق يافته ڌيءَ هڪ قتل ٿيل ڌيءَ کان بهتر آهي“ اهو اسان کي سمجهڻ گهرجي ته اسان کي پنهنجين ڇوڪرين کي محفوظ ڪرڻ جي لاءِ اهڙي قسم جا قدم کڻڻا پوندا.
زاهده ابڙو: هن وقت جنهن ڇوڪريءَ تي يا عورت تي تشدد ٿيو آهي يا ان جو قتل ٿيو آهي يا ٻئي قسم جي ڪا زيادتي ٿي آهي ته سڄو ڏوهه ان جي مٿان وڌو ٿو وڃي ته هن ايئن ڇو ڪيو جيئن نور مقدم جي باري ۾ چيو وڃي ٿو ته هوءَ اتي ڇو وئي، قرت العين جي باري ۾ اهو چيو وڃي ٿو ته هوءَ پنهنجي مڙس وٽ ڇو رهيل هئي، مينار پاڪستان واري واقعي ۾ ڇوڪري ڇو وئي. هڪ پوليس آفيسر جي حيثيت سان توهان ان جا ڪهڙا سبب ڏسو ٿا.
علينا راڄپر: اسان جي سماج ۾ Gender Tendency آهي ته جيڪڏهن ڪجهه غلط ٿئي ٿو ته ان جي ذميدار عورت هوندي. اسان جي سماج ۾ ان ڳالهه کي هڪ معمولي ڳالهه سمجهي نظر انداز ڪيو ٿو وڃي ته هڪ مائي مار کاڌي آهي ته ان يقينن بحث ڪيو هوندو تڏهن ته موچڙا کاڌئين نه ته هڪڙو صحيح سالم ماڻهو موچڙا ڇو هڻندو. نور وئي ته ڇو وئي؟ شادي ٿيل هئس يا ڪونه ٿيل هئس، اگر مينار پاڪستان وئي ته پنج سئو ماڻهن جي وچ ۾ ڇو وئي؟ اسان جي آئين ۾ اهو واضح لکيل آهي ته ڪنهن به انسان کي ڪنهن به صورتحال ۾ هڪ ٻئي انسان تي هٿ کڻڻ جي اجازت نه آهي. اسان جي پاڪستان پينل ڪوڊ ۾ لکيل آهي ته اهو تمام وڏو ڏوهه آهي ۽ cognizable offence آهي، جنهن ۾ پوليس ان شخص کي بغير وارنٽ جي گرفتار ڪري سگهي ٿي. جيتوڻيڪ توهان چئو ته ڪابه عورت جيڪا پنهنجو جسم فروش ٿي ڪري ۽ توهان کي اها روڊ تي بيٺل نظر اچي ٿي، پر سندس مرضيءَ کانسواءِ ان جي جسم کي ڪير به ڇهي نٿو سگهي. مينار پاڪستان واري واقعي ۾ جتي چار پنج سئو ماڻهو هئا ۽ اتي اها هڪڙي ڇوڪري هئي ان سان ٿيندڙ واقعو اهو ٻڌائي ٿو ته اسان جي سماج ۾ اخلاقي بدحالي وڌي رهي آهي ۽ اسان هڪ سٺي شهري جي طور تي پنهنجون ذميداريون نه نڀائي رهيا آهيون، پر اسان guilt کي منتقل ٿا ڪريون ۽ اسان کي خبر آهي ته ان ۾ غلطي ڪنهن جي آهي ته پوءِ اسان ان ۾ excuses ڳولهيون ٿا ته ڇوڪري گهران ڇو نڪتي، ڇوڪريءَ هينئن ڇو ڪيو، ڇوڪريءَ اهڙا ڪپڙا ڇو پاتا، ان جي جاءِ تي اسان کي پنهنجن ڇوڪرن کي تربيت ڏيڻ کپي. مينار پاڪستان واري واقعي کانپوءِ توهان ٻڌو هوندو ته ڇوڪرين جي مينار پاڪستان وڃڻ تي پابندي لڳائي وئي آهي. انهن قدمن کڻڻ جي بجاءِ اسان کي ڇوڪرن کي گهر ۾ ويهارڻ گهرجي يا انهن کي اهو سمجهائڻ گهرجي ته جيڪڏهن ڇوڪريون توهان کي ٻاهر رستي تي نظر اچن ٿيون ته انهن کي تنگ ناهي ڪرڻو، انهن کي هٿ ناهي لڳائڻو ۽ اهو تصور ته مرد عورت جو محافظ آهي ته نور جي معاملي ۾ ته توهان جو خيال هلي ويندو، پر قرت العين ته پنهنجي مڙس سان گڏ هئي. مرد جيڪڏهن پنهنجي مائي کي محفوظ ٿو رکي ته ڇا کان ٿو محفوظ ڪري. هو پنهنجي عورت کي ٻين مردن کان محفوظ ٿو ڪري. هن کي ٻين ماين کان ته خطرو ڪونهي. جيڪڏهن توهان چئو ٿا ته هڪ عورت رات جو ٻاهر اڪيلي نه وڃي ته اتي به ان کي ماين کان ته خطرو ڪونهي مردن کان خطرو آهي. اسان کي ان ڳالهه کي مڃڻو پوندو ته عورتون مسئلو ڪونه آهن ۽ مرد جيڪو ان کي اهو چئي بچائي ٿو ته اهو به ان کي مرد کان ئي بچائي ٿو. مردن جي تربيت ڇو نٿي ڪئي وڃي. جڏهن اسان جي سماج ۾ ان قسم جي تعليم کي عام ڪرڻ جي لاءِ قبوليت ملندي ته عورت کي نه مرد کي سيکارڻ جي ضرورت آهي ته ان ڏينهن تبديلي اچڻ شروع ٿي ويندي.
زاهده ابڙو: گهريلو تشدد ۾ ته واقعو ٿيڻ کانپوءِ پوليس ڪو ايڪشن کڻي ٿي، پر رستن ۽ روڊن تي پوليس جي پيٽرولنگ جي باوجود عورت جي مٿان تشدد ٿيندي نظر اچي ٿو، ان سان زيادتي ٿيندي نظر اچي ٿي، چاهي اها ڪهڙي به لباس ۾ هجي، برقعي ۾ هجي نه هجي، ننڍڙي ٻارڙي هجي يا وڏي هجي. اهڙي صورتحال ۾ پوليس ناڪام نظر ٿي اچي.
علينا راڄپر: اسان جي سماج ۾ ڏوهه شروع ڏينهن کان وٺي موجود آهي جڏهن ٻه انسان ڌرتيءَ تي موجود هئا هڪڙي ماڻهو ٻئي کي ماري ڇڏيو. ان ۾ ڪوبه وڌاءُ ڪونهي ته هن وقت رپورٽنگ ۾ واڌارو آيو آهي، ڪرائيم ته پنهنجي جاءِ تي پهرين به موجود هو ۽ هينئر به موجود آهي. پوليس ماڻهن جي لاءِ هر وقت بهتر ڪم ڪرڻ لاءِ تيار آهي ان لاءِ ضروري آهي ته ماڻهن کي اڳتي اچڻ گهرجي. جيئن قصور جو واقعو ٿيو ته ان ۾ ننڍڙي ٻارڙي پنهنجي پاڙيسري تي ڀروسو ڪري ان سان گڏ نڪري وئي. ان کان علاوه ڪيترائي واقعا ٿيندا آهن جن ۾ ڪڏهن ڪو چاچو يا ڪو ٻيو رشتيدار زيادتي ڪري ٿو. جيستائين اها tendency رپورٽ نٿي ٿئي ته پوليس ڪيئن ان تي ايڪشن کڻي سگهندي، جيستائين ان کي خبر نٿي پوي. پوليس وٽ ان جي صلاحيت ته آهي، پر پوليس کي هميشه ذريعن جي گهٽتائي کي منهن ڏيڻو پوي ٿو. اسان جي آبادي تمام تيزيءَ سان وڌي ٿي، پر فورس ان طريقي نٿي وڌي. پاڪستان ۾ پوليس جو ريشو پبلڪ جي حساب سان تمام گهٽ آهي. ڪراچيءَ ۾ ٻن ٽن هزار ماڻهن جي مٿان هڪ پوليس وارو مقرر ٿيل آهي. ان صورتحال ۾ پوليس لاءِ ڏاڍو مشڪل آهي ته بهتر ڪارڪردگي ڏيکاري سگهي. اهڙي حالت ۾ جڏهن رپورٽنگ وڌي ٿي ته پوليس بهتر ڪارڪردگي ڏيکاري ٿي. ڊپارٽمينٽ جي اندر هڪ تصور موجود آهي ته قتل ۽ ريپ وارن ڏوهن جي تمام گهڻي ترجيحي بنيادن تي تفتيش ڪئي وڃي ٿي جنهن ۾ اسان مڪمل پروٽوڪول کي فالوو ڪريون ٿا.
زاهده ابڙو: هن وقت پوليس عورتن جي تحفظ لاءِ ضلعي توڙي تعلقه سطح تي ڪهڙا پروگرام شروع ڪيا آهن جنهن ۾ عورتن جي مٿان جڏهن گهريلو تشدد يا گهر کان ٻاهر تشدد ٿئي ٿو ته هوءَ انهن ادارن سان هڪدم رابطو ڪري مدد حاصل ڪري سگهي.
علينا راڄپر: سنڌ جي خاص طور تي هر ضلعي ۾ هڪڙو وومين اينڊ چائلڊ پروٽيڪشن سيل موجود آهي، جتي مڪمل اسٽاف عورتن جو هوندو آهي. جنهن ۾ جيڪڏهن ورڪ پليس حراسمينٽ ٿي هجي، گهر ۾ حراسمينٽ هجي، گهريلو تشدد هجي، ٻارن جا جهڳڙا هجن، جيڪي به خانداني ٻارن سان يا عورتن سان لاڳاپيل جهڳڙا يا مسئلا هجن، توهان آرام سان اتي وڃي سگهو ٿا، رابطو ڪري سگهو ٿا. ڇو ته اسٽاف مڪمل طور تي عورتن تي ٻڌل آهي. اتي اهي ئي خواتين توهان جي شڪايت ٻڌن ٿيون، توهان جا مسئلا حل ڪن ٿيون. حيدرآباد ۽ ٻين ضلعن ۾ وومين پوليس اسٽيشن به قائم ٿيل آهن، اها به 24/7 کليل هوندي آهي، جتي ايس ايڇ او کان وٺي هيڊ محرر تائين مايون مقرر آهن. جيڪڏهن ڪنهن کي به ڪجهه رپورٽ ڪرڻو آهي ته اها اتي وڃي سگهي ٿي. ان کانپوءِ اسان وٽ وومينٽ ڊولپمينٽ وارن جي طرفان هڪ هيلپ لائين موجود آهي. منهنجو خيال آهي ته 1199 جتي عورتون ڪال ڪري پاڻ سان ٿيل ڪنهن به مسئلي جي شڪايت درج ڪرائي سگهن ٿيون. عورتن سان لاڳاپيل هر مسئلي جي لاءِ هر وومين پي ايس جي توسط سان هر ٿاڻي تي هڪ آفيسر مقرر ڪيو ويو آهي، جيڪو سب انسپيڪٽر يا انسپيڪٽر سطح جو هوندو جيڪو عورتن جي مسئلن کي ڪورٽ ۾ پيش ڪندو. ان کان علاوه جيڪڏهن عورتن کي ضرورت آهي ۽ اهي گهر کان نڪري پناهه وٺڻ چاهين ٿيون ته اسان وٽ شيلٽر هومز به موجود آهن، ڪورٽ جي موڪل سان ضلعي انتظاميه جي مدد سان اسان انهن کي اتي تحفظ فراهم ڪندا آهيون. پرائيويٽ شيلٽر هومز به آهن جنهن ۾ اين جي اوز پوليس سان گڏجي ڪم ڪن ٿيون. جنهن ۾ ڪنهن مائي وٽ جيڪڏهن رهڻ لاءِ ڪا جڳهه ناهي ته ان کي ڪنهن محفوظ گهر ۾ رهائي سگهجي ٿو. جيستائين ڪورٽ ان کي ڪنهن ٻئي هنڌ موڪلڻ جو حڪم نٿي ڏي. ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ به شيلٽر هومز موجود آهن. وڪيلن جو هڪڙو پئنل آهي جنهن سان اسان ڳالهائيندا آهيون جيڪي عورتن جي حقن جي لاءِ متحرڪ تنظيمون يا ماڻهو آهن، جيڪڏهن ڪنهن عورت کي قانوني مدد جي ضرورت آهي ته اهي اسان کي وڪيل هٿ ڪري ڏيندا آهن. تازو ئي اسان جو هڪڙو victim support پروگرام هليو هو، جنهن جا ايس او پيز اسان کي آءِ. جي آفيس مان آيا هئا، پر هاڻي اسان ان جا ڪوڊ آف ڪنڊڪٽ ٺاهيا، ايس او پيز ٺاهيا ته متاثره عورت جي ڪائونسلنگ ڪئي وڃي، ان کي مختلف شيون سمجهائجن ان جي دماغي ۽ معاشي rehabilitation ڪئي وڃي ته جيئن ان کي پاڻ ڀرو ڪري سگهجي. بس عورتن کي اڳيان اچڻ جي ضرورت آهي انهن جي مدد جي لاءِ ڪيترائي فورمز موجود آهن. سڀني کان تڪڙي مدد حاصل ڪرڻ لاءِ ضروري آهي ته هوءَ 15 تي ڪال ڪري، 15 تي چوويهه ڪلاڪ ماڻهو ويٺل هوندا آهن. مايون پنهنجا نمبر اسان کي نوٽ ڪرائينديون آهن ته هو ڏنل جاءِ تي موجود آهن ته اسان ان نمبر تي جيڪا ويجهي موبائل پوليس هوندي آهي ان کي اماڻي ڏيندا آهيون. ٻاهرين ملڪن ۾ اهڙن نمبرن کي مستقل طور تي ايڊورٽائيز ڪيو ٿو وڃي اسان جو اهو نظام ايترو گهڻو efficient ته ڪونهي، پر تڏهن به ڪم ڪري پيو. سڀ کان پهرين ته ان کي رپورٽ ڪري ته جيئن ان کي ويجهي کان ويجهي موبائل موڪلي ان جي مدد ڪئي وڃي. 15 تي جڏهن اهڙي ڪا فون ايندي آهي ته اسان اهڙين عورتن کي ريڪور ڪري ويجهي کان ويجهي وومين پوليس اسٽيشن تي اماڻيندا آهيون يا چائلڊ پروٽيڪشن سينٽر يا منهنجي آفيس ۾ وٺي ايندا آهيون پوءِ اهي جيڪو چاهينديون آهن ته انهن جي وچ ۾ ڳالهه ٻولهه ڪئي وڃي اهو انهن جي مٿان هوندو آهي ته هو ڪهڙي طريقي سان مدد حاصل ڪرڻ چاهين ٿيون، جيڪڏهن قانوني مدد جي ضرورت هوندي آهي ته اسان انهن کي مڪمل طور تي اطمينان ڏيارڻ جي ڪوشش ڪندا آهيون ته هو جنهن به طريقي سان بهتر محسوس ڪن ته اسان انهن کي اها ئي مدد فراهم ڪريون.
زاهده ابڙو: توهان 15 جو تڪڙي مدد حاصل ڪرڻ لاءِ ذڪر ڪيو، پر هينئر مينار پاڪستان واري واقعي ۾ عائشه نالي ڇوڪري اڍائي ڪلاڪن تائين 15 تي ڪال ڪندي رهي، پر ان کي اتان مدد نه ملي سگهي.
علينا راڄپر: 15 تي گهڻو ڪري ڪال ويٽنگ ۾ هوندي آهي، ڇو ته پورو شهر ان هڪڙي نمبر تي ڪال ڪري رهيو هوندو آهي، هزارين لکين ماڻهو هڪڙي ئي نمبر تي ڪال ڪري رهيا هوندا آهن، پر اسان وٽ اهو هڪڙو رستو آهي ۽ اسان کي ان نمبر تي ئي مدد حاصل ڪرڻ لاءِ ڪال ڪرڻ گهرجي. مينار پاڪستان واري ڪيس ۾ جيڪڏهن ڇوڪري چوي ٿي ته هن ڪال ڪئي ۽ سندس ڪال رسيو نه ٿي ته ان ۾ ان کي ضرور فائدو ملندو، ڇو ته هن هڪ ليگل مدد حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پر هن کي اها مدد نه ملي ۽ هينئر پنجاب ۾ انهن آفيسرن جي خلاف قدم کنيو ويو آهي. ڇو ته انهن وقت تي ان ڇوڪريءَ کي مدد مهيا نه ڪئي ۽ انهن آفيسرن کي سسپينڊ ڪيو ويو آهي. اسان کي سسٽم کي بهتر بنائڻ لاءِ سسٽم کي استعمال ڪرڻو پوندو. جيڪڏهن اسان سسٽم کي استعمال ڪنداسين ته ان جون خرابيون به اسان جي اڳيان اينديون ۽ آهستي آهستي اهو بهتر ٿيندو. مون کي يقين آهي ته عائشه جي ان واقعي کانپوءِ پنجاب جي 15 جي سيٽ اپ کي بهتر بنائڻ لاءِ ضرور ڪم ٿي رهيو هوندو. اسان هڪدم پنهنجي نظام مان تمام بهتر ڪارڪردگي جي اميد نٿا رکي سگهون.
زاهده ابڙو: توهان مٿي شيلر هومز جي ڳالهه ڪئي انهن جا به ڪافي اسڪينڊلز ٿين ٿا ۽ اتي به عورتن سان زيادتيون ٿين ٿيون ۽ ٿئي ايئن ٿو ته عورت هڪڙي باهه مان نڪري ٻي باهه ۾ هلي ٿي وڃي ڇا توهان جو ادارو عورتن جي لاءِ ٺاهيل فورمز کي مشتهر ڪري ٿو ته جيئن انهن تائين متاثره عورتون وقت تي رسائي حاصل ڪري سگهن.
علينا راڄپر: ان ڳالهه سان آئون اتفاق ڪريان ٿي ته سجاڳي جي تمام گهڻي کوٽ آهي، پر وومين چائلڊ پروٽيڪشن سيل ۽ اسان وومين پي ايس کوليو هو ان جي اسان ڪافي حد تائين سجاڳي ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي هئي، پر پوءِ اها هڪڙي پوائنٽ کانپوءِ ختم ٿي وئي. ان کي مڪمل طور تي جاري رهڻ کپي ۽ شيلٽر هومز جي جيڪا ڳالهه آهي ان جي لاءِ به آئون توهان سان متفق آهيان ته جيئن اسان ٻاهرين ملڪن ۾ rehabilitation اسٽرڪچر ڏسون ٿا. اسان وٽ ان طرح مضبوط ناهن ۽ ٻي ڳالهه ته اسان وٽ انهن سينٽرن ۾ عورت جو رهڻ به مثبت نظر سان نٿو ڏٺو وڃي ۽ سوچيو وڃي ٿو ته اتي شايد خراب ڪم ٿيندا آهن. تازو هڪڙو ڪيس ٿيو جنهن ۾ ڇوڪري نه پنهنجن ساهرن ۾ وڃڻ پئي چاهي ۽ نه پنهنجن مائٽن وٽ، نه وري شيلٽر هوم وڃڻ پئي چاهي، هن چيو ته بهتر آهي ته آئون پنهنجي ڏاڏي وٽ وڃي ٿي رهان. ان سان اسان کي به مسئلو ٿئي پيو ۽ توهان جي ڳالهه درست آهي ته عورتن کي به انهن ادارن تي اڃان مڪمل ڀروسو ناهي. حڪومت ۽ اسان جي سول سوسائٽي کي گڏجي ان تي ڪم ڪرڻو پوندو، انهن اسٽرڪچرز کي مضبوط ڪرڻ جي ضرورت آهي. جيڪڏهن انهن جاين تي عورتن کي مڪمل تحفظ ملڻ شروع ٿي ويو ته شايد عورتن جي مٿان گهريلو تشدد جنهن حد تائين ٿي رهيو آهي اوترو نه ٿيندو. ڇو ته هڪ عورت سوچيندي ته آئون گهر کان وڌيڪ جيڪڏهن ڪنهن ٻئي هنڌ محفوظ آهيان ته هوءَ پنهنجا چار ٻار وٺي اوڏانهن ضرور نڪري ويندي. انهن سڀني شين تي اسان کي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي، انهن جي معيار کي بهتر ڪرڻ جي ضرورت آهي ۽ انهن جي ايڊورٽائيز ڪرڻ جي به ضرورت آهي. اسان کي انهن کي هر وقت بهتر بنائڻ جي لاءِ ڪوششون وٺڻيون آهن ته جيئن عورتن جو اسان تي ڀروسو قائم ٿي سگهي.
زاهده ابڙو: اسان جي سماج ۾ هن وقت غير مسلم ڇوڪرين جو اغوا ۽ پوءِ انهن جو زوري زبردستي مذهب مٽائڻ سماج مٿان هڪڙو ڪارو ڌٻو آهي، جنهن اسان کي ملڪ اندر ۽ دنيا ۾ بدنام ڪيو آهي. اهي ڇوڪريون نه واپس پنهنجي مذهب کي اختيار ڪري سگهن ٿيون نه ئي انهن جو گهر ٺهي سگهي ٿو، پوليس اهڙن ڪيسن ۾ ڪهڙو ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي.
علينا راڄپر: اها تمام بدقسمتي جي ڳالهه آهي ته اها صورتحال اسان جي سماج ۾ موجود آهي. ايڪهين صديءَ جي دور ۾ اسان اهڙين شين کي ڏسي رهيا آهيون. اسان جو ملڪ ان بنياد تي قائم ٿيو هو ته قيام پاڪستان کانپوءِ هر ماڻهو آزاد هوندو جنهن کي مسجد وڃڻو آهي اهو مسجد وڃي، جنهن کي مندر وڃڻو آهي اهو مندر وڃي، جيڪڏهن ڪنهن کي چرچ وڃڻو آهي ته چرچ وڃي، پنهنجي ڪنهن به مذهبي عبادتگاهه ۾ آزاديءَ سان وڃي سگهي ٿو. هن وقت اهو سڀ ڪجهه جيڪو ٿي رهيو آهي غلط آهي. پوليس ان ۾ اهو ڪردار ادا ڪندي آهي ته جيئن اسان وٽ ڪوبه ڪيس رپورٽ ٿئي ٿو ته اسان پهرين پهرين ايف. آءِ. آر درج ڪندا آهيون ۽ ان کانپوءِ اسان مڪمل قدم کڻي ڇوڪريءَ کي هٿ ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهيون، انهن ماڻهن کي ان ڳالهه جي سمجهه جي ضرورت آهي جيڪي هن ڪم ۾ ملوث آهن ته مذهب تمام گهڻو ذاتي معاملو آهي، هر ماڻهوءَ کي پنهنجي قبر ۾ وڃڻو آهي. اسان جي نبي صلي الله عليه و آلهي وسلم جي دور ۾ به ڪنهن ماڻهوءَ کي زبردستي مسلمان نه ڪيو ويو، جيڪڏهن ڪنهن کي مسلمان ڪرڻو آهي ته پنهنجي عمل سان ان کي مسلمان ڪرڻو آهي. اسان جي سماج ۾ عورت کي هڪ ڪمزور ڪڙي جي طور تي ڏٺو وڃي ٿو ۽ اسان ان جو استحصال ڪرڻ کان نٿا ڪيٻايون. پوليس جي ڀرپور ڪوشش اها هوندي آهي ته اسان ڇوڪري کي هٿ ڪريون ۽ پوءِ وري ٻئي خاندان ان ۾ هڪٻئي سان رابطي ۾ اچي ويندا آهن، پر پوليس جي ڪوشش اها هوندي آهي ته ڇوڪريءَ کي rehabilitate ڪريون ڪڏهن ڪڏهن سماجي دٻاءُ ايندا آهن ۽ ڇوڪريون به اهڙو بيان ڏينديون آهن ته اهي هن ڪيس کي وڌيڪ اڳتي وڌائڻ نٿيون چاهين ۽ اهو چئي ڇڏينديون آهن ته اسان نه انٽرويو ڏيڻ ٿا چاهيون نه اسان ڪنهن سان ڳالهائڻ ٿا چاهيون اسان کي ڇڏيو ۽ ساهه کڻڻ ڏيو. اميد ٿا ڪريون ته هڪڙي ڏينهن اها ذهنيت تبديل ٿيندي، جيڪا ڇوڪرين کان زوري زبردستي مذهب مٽرائي ٿي.
زاهده ابڙو: پوليس جي محڪمي ۾ جيڪي ڪوتاهيون اسان کي نظر اچن ٿيون ان جا ڪهڙا سبب آهن؟ ڇا انهن جو بجيٽ گهٽ آهي يا انهن جا تربيتي ڪورس نٿا ٿين؟ يا vigilant نفري موجود ڪونهي يا پوليس جي ڪائونسلنگ ڪونه ٿي ٿئي ۽ پگهارن جو گهٽ هجڻ به سبب ٿي سگهي ٿو.
علينا راڄپر: سڀ کان پهرين ته اسان وٽ مستقل تربيتي پروگرام نٿا ٿين. شروع ۾ توهان کي induction phase۾ هڪڙي ٽريننگ ملندي آهي ان کانپوءِ ٽريننگ کي تمام گهٽ ماڻهو چونڊيندا آهن. پوليس ۾ گهڻو ڪري پروموشنل ٽريننگ ٿينديون آهن، هڪ اهڙي ٽريننگ جنهن کي سوڪ ٽريننگ چئجي، جنهن ۾ نفسياتي ڪائونسلنگ ڪئي ويندي آهي اها محڪمي ۾ نظر نٿي اچي. توهان سماج ۾ رهو ٿا جتي توهان اهڙن ماڻهن کي ڊيل ڪريو ٿا جيڪو تشدد به ڪري ٿو، قتل به ڪندو، ڪارو ڪاري ۾ ڇوڪرين کي ماريو ويندو ۽ توهان کي هر قسم جو ٻيو تشدد نظر ايندو، پر توهان وٽ اهڙو ڪوبه سرشتو ڪونهي جو انهن جي نفسياتي ڪائوسلنگ ڪري سگهجي. ڊپارٽمينٽ ۾ نفسيات واري پاسي کي تمام گهٽ ترجيح ڏني وڃي ٿي ۽ هونئن به سڄي سماج ۾ ان جو رجحان گهٽ آهي. جيڪڏهن ڪير چوي ته مان سائيڪا ٽرسٽ کان مدد ٿي وٺان ته ماڻهو چوندا ته هيءَ چري آهي يا چريو آهي، هن جو دماغ خراب آهي، هن کي گدو موڪلي ڇڏيو. اهو ڪير به قبول نٿو ڪري ته اهو سڀ نفسياتي سگهه وڌائڻ جي لاءِ ڪيو وڃي ٿو. جيئن مون پهرين به چيو ته اسان جي آبادي جي حساب سان پوليس جي شرح تمام گهٽ آهي ۽ آبادي هر وقت وڌي پئي ۽ پوليس ۾ ماڻهن جي ڀرتي ان حساب سان نٿي ٿئي جنهن سطح تائين ٿيڻ گهرجي. جنهن کي اسين چئون ته بين الاقوامي سطح جي اسٽينڊرڊ سان مطابقت رکندڙ هجي. ٻيو هڪڙو اسان وٽ تصور موجود آهي ته پوليس ڪرپٽ آهي. توهان انڊيا ۾ ڏسندا ته پوليس جي هيرو ازم تي فلمون ٺهيل آهن، پر اسان وٽ پوليس ۾ ٺٺوليون ڪيون ٿيون وڃن ۽ انهن جي مورال کي هيٺ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ٿي وڃي، ڪو ٿلهو وڏي پيٽ وارو رشوت وٺي رهيو هوندو، ان قسم جا توهان پوليس تي ڊراما يا فلمون ٿا ٺاهيو. توهان ڪنڌڪوٽ وارو واقعو ڏسو جنهن ۾ هڪ پوليس آفيسر honey trap جي لاءِ پنهنجي ڌيءَ کي اڳيان ڪيو ۽ ان قسم جا واقعا مختلف طريقن سان اسان جي محڪمي ۾ ٿيندا رهن ٿا اسان وٽ تمام سٺا ۽ محنتي آفيسر موجود آهن. آئون هڪ پوليس آفيسر جي حساب سان هتي ڪم ڪري رهي آهيان ۽ مون کي خبر آهي ته ڪيترو سٺو ڪم ٿي رهيو آهي. هڪڙي ننڍڙي ٻارڙي سان ڪٿي زيادتي ٿي ۽ جڏهن مون رپورٽ ورتي ته ان جو سڄو تفتيشي ڪم مڪمل ٿي چڪو هو، پر ان جي باوجود به پوليس کي تنقيد ۽ طنز جو نشانو بڻايو ٿو وڃي ته پوليس ته پئسا ٿي وٺي، سماج کي پوليس تي ڀروسو ڪرڻو پوندو ۽ ان ڳالهه کي مڃڻو پوندو ته پوليس انهن مان آهي ۽ انهن جي لاءِ آهي جڏهن ان قسم جو لاڳاپو سماج ۽ پوليس جي وچ ۾ ٺهندو ته پوليس وڌيڪ بهتر ڪم ڪندي.
زاهده ابڙو: اهو ڪيئن ٿيندو؟ ان جي لاءِ پوليس کي اڳيان اچڻو پوندو يا عوام کي؟
علينا راڄپر: اسان جا اهڙي قسم جا پروگرام ٿيندا رهندا آهن جيئن ”پوليس عوام ساٿ ساٿ“ ”اسان جي هيلپ لائين.“ ”اسان آفيس ۾ اوهان لاءِ موجود آهيون.“ عوام کي سمجهڻو پوندو ته پوليس عوام لاءِ آهي هن محڪمي جو ٻيو ڪو مقصد ناهي. ٻئي ڪنهن محڪمي يا فورس وانگر جيڪي بارڊر تي وڃي وڙهن ٿيون اسان کي پنهنجي سماج جي وچ ۾ ئي ماڻهن سان وڙهڻو ٿو پوي. جيڪي اسان جي گهرن ۾ رهن ٿا اسان کي انهن مان ڏوهاري ماڻهن کي تلاش ڪرڻو ٿو پوي. وقت سان گڏ يقينن پوليس جي شڪل به تبديل ٿيندي. پوليس جي هڪ سافٽ اميج کي پيدا ڪرڻ لاءِ وڌ کان وڌ عورتن جي انڊڪشن ڪئي پئي وڃي. اسان آٽو ڀان تي هينئر هڪ بائيڪر يونٽ قائم ڪيو آهي، جنهن تي ڇوڪريون گشت ڪن ٿيون جيڪي ٻڌائين ٿيون ته عورت پوليس هر وقت موجود آهي توهان جي مدد جي لاءِ. آهستي آهستي اميد آهي ته اهو گيپ ختم ٿي ويندو.
زاهده ابڙو: معاشري ۾ هڪ انتهائي ڏکوئيندڙ ڏوهه جون خبرون ٻڌڻ ۾ اچن ٿيون جنهن ۾ ڇوڪرين سان انهن جي خاندانن جي اندر جنسي ڏاڍائي ٿئي ٿي. مون کي اسلام آباد کان واپس ايندي هڪ فلائيٽ ۾ هڪ ڊاڪٽر ملي جنهن هڪ پير فيملي جي باري ۾ ٻڌايو ته ڏاڏو پنهنجي ڏهن ٻارنهن سالن جي ڌيءَ سان جنسي ڏاڍائي ڪندو هو. ان ڏوهه کي ڪيئن روڪي سگهجي ٿو ان جو ڇا حل آهي؟
علينا راڄپر: جڏهن توهان هڪ واقعو بيان ڪيو ته هڪ ڏاڏو جنسي ڏاڍائي ۾ ملوث آهي ته اهڙن واقعن کي ڪير رپورٽ ڪندو. پهرين ڳالهه ته ٻارڙي جي ماءُ ڪڏهن به اڳيان ڪونه ايندي ڇو ته ان جو مڙس ان کي روڪيندو ته منهنجو پيءُ آهي. جيستائين ڪوبه واقعو رپورٽ نٿو ٿئي تيستائين پوليس ڪجهه نٿي ڪري سگهي. ان ڪري آئون بار بار چوان ٿي ته واقعن جي رپورٽنگ انتهائي اهم آهي. تازو ئي هڪڙو واقعو ٿيو هو، جنهن ۾ هڪ ڇوڪريءَ سان هڪ پاڙيسري ڏاڍائي ڪئي ۽ مون ان جي ماءُ کي تمام گهڻو همٿايو ته هوءَ رپورٽ ڪري، پر هوءَ ايف آءِ آر درج ڪرائڻ کان ڪيٻائي پئي ۽ درج نه ڪرايائين. ڇو ته اسان وٽ جڏهن ڪنهن ڇوڪريءَ سان زيادتي ٿئي ٿي ته ڏوهه به مٿس ٿو اچي. جيئن مون هينئر ويجهڙائي ۾ هڪ 13 سالن جي ڇوڪري انمول جي تصوير پنهنجي فيس بُڪ تي رکي جنهن کي اغوا ڪيو ويو هو، جنهن کي اسان بلوچستان مان هٿ ڪيو ۽ مون تي تمام گهڻي تنقيد ٿي ته مون ان ڇوڪريءَ جي زندگي تباهه ڪئي آهي. اهو ان ڇوڪريءَ جو ڏوهه ته ناهي جو ان کي اغوا ڪيو ويو هو، ان جو ڏوهه ته ان جي اغوا ڪرڻ واري تي اچڻ کپي ان ڇوڪريءَ تي ڇو؟ جيستائين اسان جي سماج ۾ اهي شيون صحيح سمجهه ۾ نه اينديون ته جنهن ماڻهوءَ سان ظلم ٿيو آهي اهو غلط نه آهي، ظلم ڪندڙ کي ڏوهه ڏيڻ گهرجي. ان ڳالهه تي فوڪس نه ڪرڻ گهرجي ته ڇوڪريءَ جي عزت خراب ٿيندي، فوڪس ان ڳالهه تي هجڻ کپي ته اهو سڀ ڪرڻ وارو مرد ڏوهاري آهي، ان غلط عمل ڪيو آهي. اسان جي سماج ۾ ان جي ابتڙ ٿو ٿئي. اسان وٽ عزت جو بار عورت ٿي کڻي، مرد سان عزت جڙيل ناهي هوندي. اخبارن ۾ جڏهن اهڙا واقعا رپورٽ ٿيندا آهن ته هي جملو استعمال ٿيندو آهي ته ”ڇوڪريءَ جي عزت لٽي ورتي“ اهو تصور ڇو آهي ته هن عزت لٽي ورتي. جنهن اهو ڪم ڪيو آهي ان جي عزت لٽجڻ کپي هن پنهنجي عزت خراب ڪئي آهي هڪ معصوم ڇوڪريءَ سان اهو ڏوهه ڪري. عورت سان عزت جو لاڳاپو هڪ غلط تصور آهي، اهو بلڪل ابتڙ آهي. جڏهن اسان ان تصور کي سمجهڻ شروع ڪنداسين ته ان ڏينهن کان اڃان وڌيڪ رپورٽنگ ٿيڻ شروع ٿيندي. اسان کي ماڻهن کي سجاڳي ڏيڻ لاءِ سماج جا ڏنل taboos ختم ڪرڻا پوندا. عزت کي ڇوڪرين سان نه ڳنڍيو، هر ڪنهن فرد جي پنهنجي پنهنجي عزت آهي. جڏهن عورت کي ڪاري ڪري ماريو ٿو وڃي ته چون ٿا ته اسان جي عزت خراب ڪئي اٿس تڏهن ماريو اٿئونس، جڏهن ان جو ريپ ٿو ٿئي ته چون ٿا ته ان جي عزت لٽجي وئي آهي. ان تصور جي ختم ٿيڻ کانپوءِ اسان ان کي عام واقعي وانگر وٺنداسين، جيئن ٻين ملڪن ۾ ٻين واقعن وانگر ان کي به هڪڙو سماجي ڏوهه سمجهيو وڃي ٿو ۽ پوءِ ڏوهارين کي سزائون ملن ٿيون ۽ هتي به سزائون ملن ٿيون جڏهن انهن کي صحيح طرح سان pursue ڪيو وڃي ٿو. قصور واقعي واري ڏوهاري کي ڦاسيءَ جي سزا ملي. ڪراچي ۾ هڪڙو واقعو ٿيو آهي ان ڏوهاري جو ڊي اين اي ميچ ٿيو آهي ان کي به ڦاسيءَ جي سزا ملندي. هاڻي اسان وٽ شاهديون موجود آهن ٻاهتر ڪلاڪن جي اندر ٽيسٽ ڪرائي سگهجن ٿا ميڊيڪو ليگل ٽيمون موجود آهن، نفسياتي ڪائونسلنگ ٽيمون موجود آهن انهن سڀني شين جي سجاڳي پيدا ڪرڻ لاءِ اسان کي وڌ کان وڌ اشتهار ڏيڻا پوندا ۽ پوءِ پوليس به يقينن بهتر ڪم ڪري سگهندي.
زاهده ابڙو: اسان وٽ جيڪي ڪيسز هاءِ پروفائل ٿي ٿا وڃن گهڻو ڪري جن ڪيسن کي سوشل ميڊيا مٿي کڻي ٿي انهن ڪيسن جي لاءِ پوليس وڌيڪ متحرڪ نظر اچي ٿي، پر ڪا غريب ڇوڪري يا ڪا غريب عورت جنهن سان اهڙو ڪو واقعو ٿئي ٿو ته اتي پوليس اسان کي اوتري متحرڪ نظر نٿي اچي.
علينا راڄپر: اهو رات اندر نه ٿيندو، پوليس هن ئي سماج ۾ ڪم ٿي ڪري جنهن جي قدرن کي اها چئلينج به ڪري ٿي. ڪڏهن ڪڏهن ڪيس رپورٽ ٿين ٿا جيڪي انهن جي قدرن جي به خلاف هوندا آهن، پر انهن کي وري به ڊيل ڪرڻو هوندو آهي اهو رات اندر نه ٿيندو. اهو جڏهن بار بار ٿيندو رهندو بار بار ان تي عمل ڪيو ويندو. اسان پهرين ڀيري ۾ ناڪام ٿينداسين، ٻئين ڀيري ۾ ناڪام ٿينداسين، پر اسان کي مايوس ناهي ٿيڻو اسان کي مسلسل عمل ڪرڻو آهي، توهان جهڙن اسان جهڙن ماڻهن کي سڀني کي گڏجي ڪم ڪرڻو آهي ۽ اهو ايئن ئي آهي ته اسان کي شيشي جي ڇت کي ٽوڙڻو آهي، جيئن هينئر عائشه ملڪ سپريم ڪورٽ ۾ جج ٿي وئي آهي. هوءَ سپريم ڪورٽ ۾ ڪم ڪندي هئي. آهستي آهستي جيئن جيئن خواتين اڳيان اچن پيون خاص ڪري انهن جاين تي جتي طاقت جو سرچشمو موجود آهي، جتي فيصلا ورتا ٿا وڃن جڏهن اتي عورتون موجود هونديون. جيئن مان هتي آهيان مون ٻڌايو ته هڪڙي ٻارڙي جو ڪيس رپورٽ ٿيو، پر ان جي ماءُ ايف آءِ آر درج ڪرائڻ ۾ دلچسپي نه ڏيکاري، پر مون ان کي زور ڀريو ته هوءَ ايف آءِ آر ڪٽرائي ته جيئن آئنده لاءِ ٻين ڇوڪرين کي بچائي سگهجي. اڄ هتي مان آهيان سڀاڻي ممڪن آهي ته ڪا ٻي ڇوڪري هجي، ممڪن آهي ته مان ٺٽي هلي وڃان، ممڪن آهي ته هينئر ميڊم سهائي ايس ايس پي سجاول آهي، اهي جيڪي عورتون ڪم ڪن پيون اهي پنهنجي اسٽاف ۾ به سجاڳي پيدا ڪنديون ته اڄ ڪنهن هڪ جي ڌيءَ آهي سڀاڻي ٻئي ڪنهن جي ڌيءَ سان به اهڙو ڪو واقعو ٿي سگهي ٿو، تڏهن اسين انهن سڀني شين کي روڪي سگهون ٿا.
زاهده ابڙو: پوليس ۾ ڪهڙيون اصلاحات اچڻ کپن ۽ اهي ڪيئن آڻي سگهجن ٿيون ته جيئن پوليس وڌيڪ بهتر ڪارڪردگي ڏيکاري سگهي.
علينا راڄپر: اسان کي مستقل تربيت ڏيڻي پوندي، انهن جي ڀلائي جو خيال رکڻو پوندو يا توهان سينگاپور پوليس جو ماڊل ڏسو جنهن ۾ انهن جي ڪارڪردگي هيٺ ڪري رهي هئي، انهن جون پگهارون وڌايون ويون آهن جيئن جيئن توهان انهن کي بهتر لائف اسٽائل ڏيندا، انهن کي بهتر موقعا ڏيندا، انهن کي سٺو ڪم ڪرڻ جي لاءِ ماحول ملندو اسان کي ان غلاميءَ جي دور واري ذهنيت مان نڪرڻو پوندو، جنهن ۾ جونيئر ۽ سينيئر جي فرق موجود آهي، اسان کي سڀني کي هڪڙي نظر سان ڏسڻو پوندو. پوليس معاشري جو عڪس آهي. ان ۾ ڪوبه شڪ ناهي ته پوليس ۾ اصلاحات جي سخت ضرورت آهي. توهان لاڪ ڊائون جو ئي ڏسو، ماڻهو چوندا آهن ته پوليس لاڪ ڊائون ٿي ڪرائي ڏنڊا ٿي هڻي. اسان 15 ڏينهن نه وياسين ته ماڻهو دڪان ڪلاڪ دير سان پيا بند ڪن، ماڻهو ڇو نٿا ٻڌن جيڪڏهن ماڻهو ڏنڊن سان ٻڌنڌا ته پوليس ڏنڊا هڻندي، اهو واقعو اسان جي سماج جو عڪس ٿو ڏيکاري. هڪ سماج جي حيثيت سان اسان کي پوليس جي ڪارڪردگي کي ساراهڻ گهرجي نه ڪي چوويهه ڪلاڪ انهن جي مٿان ويهي اجائي تنقيد ڪرڻ گهرجي. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته پوليس جي اندر black sheep موجود آهن صرف انهن جي ڳالهه نه ڪريو جيڪي غلط ٿا ڪن، پر جيڪو صحيح ڪم ڪري ٿو انهن جي به ايڊورٽائيز ٿيڻ گهرجي ۽ ان جي لاءِ اسان کي نفسياتي طور تي ڌيان ڏيئي ڪم ڪرڻو پوندو ته جيئن انهن جي زندگين ۾ تبديلي اچي سگهي انهن کي بهتر زندگي ملي سگهي.
زاهده ابڙو: پوليس جي محڪمي کي روزاني جي بنياد تي ڪهڙا دٻاءُ برداشت ڪرڻا پون ٿا ڇا سياسي دٻاءُ به هوندو آهي؟
علينا راڄپر: ڪڏهن ڪڏهن شڪايت لکرائڻ وارن جو دٻاءُ هوندو آهي ۽ اهي چاهيندا آهن ته جيئن اسان شڪايت ڪرڻ چاهيون ٿا ان کي ايئن درج ڪريو. ان کان علاوه سوڪ سوسائٽي جا دٻاءُ هوندا آهن، ڪڏهن صحيح هوندا آهن ڪڏهن غلط هوندا آهن. سياسي به يقينن هوندا، پر جنهن سطح تي آئون هينئر ڪم ڪري رهي آهيان ته مون تي ته ڪونه آهن، پر سينيئر ليول تي انهن کي هوندا. مون سان ته جڏهن به سياسي شخصيتن ڳالهايو آهي ڏاڍي عزت سان ڳالهايو آهي ۽ منهنجي ڳالهه به هميشه ٻڌي آهي. ممڪن آهي ته اهو سبب هجي ته آئون اڃان ڪافي ننڍي آهيان، پر سماج جي طرفان روز نوان دٻاءُ ۽ چئلينجز اسان کي ملندا رهن ٿا ۽ اسان جي نوڪريءَ ۾ جيترو چئلينج هوندو آهي اوترو مزو به ايندو آهي.
زاهده ابڙو: پنجاب ۾ هڪ تمام وڏي فرنزڪ ليب شايد ايشيا جي وڏي ۾ وڏي ليب ڪم ڪري رهي آهي. ڇا سنڌ پوليس ان طرف سوچي رهي آهي يا اهڙي ڪابه درخواست پوليس کان سنڌ گورنمينٽ کي وئي آهي جنهن تي حڪومت ڪم ڪري.
علينا راڄپر: اسان وٽ ڪيميمل ليبارٽري ليب آهي، ان کان علاوه ڊي اين اي ليبارٽري ڄامشورو آهي، پر جيڪو اسٽيٽس پنجاب ۾Punjab Forensic Science Agency جو آهي سنڌ ۾ به ان قسم جي ليبارٽري ٺاهڻ گهرجي. اسان جي سينيئر ليڊرشپ ان تي ڪم به ڪري پئي. اميد آهي ته اهڙي قسم جي سائنٽيفڪ ليبارٽري ڪراچي ۾ به هوندي، جيڪو سنڌ جو حب آهي. ايئن ڪيميڪل ليبارٽري ڪراچي ۾ آهي جيڪا آپريشنل آهي. اسان وٽ ڊي اين اي ليبارٽري به آهي جيڪو توهان ٽيسٽ ڪرائڻ چاهيو ٿا هتي ٿي ٿو وڃي سواءِ آڊيو ٽيسٽنگ جي. جيڪڏهن ڪو موبائل کولرائڻو هجي يا ڊي ڪوڊ ڪرائڻو هجي ته اهو پنجاب موڪلڻو پوندو آهي، ان جي لاءِ آءِ. او کي وڃڻو پوندو آهي ان کي وري واپس کڻڻ لاءِ وڃڻو پوندو آهي. جنهن ۾ خرچ به تمام گهڻو اچي وڃي ٿو. پوليس کي فنڊس ايڊوانس ۾ نه ملندا آهن، بل پروسيس ٿيندا آهن، آڊٽ ٿيندي آهي، اهي glitches هوندا آهن، پر آهستي آهستي انهن تي ڪم ٿي رهيو آهي. ڪراچي ۾ به ڪجهه ادارا آهن جن کان اسان مدد وٺي سگهون ٿا جن ۾ ايف. آءِ. اي آهي ته جيئن اسان ان کي پروسيس ڪرايون. پوءِ اهو ٿيندو جو پوليس جو اهو پرسنل سيٽ اپ ٿي ويندو. پوءِ اسين پاڻ ئي ان کي پروسيس ڪرائي سگهنداسين.
زاهده ابڙو: توهان جڏهن عورتن جي ڏوهن جي ڊيٽا ڏسو ٿا ته ان ۾ عورتون ڪهڙي ڏوهه ۾ وڌيڪ پڪڙيون وڃن ٿيون.
علينا راڄپر: منهنجي سب ڊويزن شهر جي آهي ته ان حساب سان مون کي جيڪي شڪايتون اينديون آهن ۽ تمام گهڻيون شڪايتون اينديون آهن، اهي گهڻو ڪري واپارين جون هونديون آهن، ان ۾ اهي چوري ۾ ملوث هونديون آهن. مايون برقعي ۽ چادرين ۾ دڪانن تي وڃن ٿيون پوءِ دڪانن تي وڃي اتي پرس، موبائل، پئسا چوري ڪن ٿيون. ان کان علاوه ٿورا گهڻا تشدد جا واقعا به هوندا آهن جن ۾ عورتون ملوث به ٿين ٿيون، پر ان جا سبب ڪهڙا ٿا ٿين اهي گهٽ آهن، جيڪو ڏوهه عورتن جي سلسلي ۾ اسان وٽ رپورٽ ٿئي ٿو اهو چوري آهي. جنهن ۾ هو خود کي لڪائي بازارن ۾ هلن ٿيون ۽ ان ۾ عورتون تمام گهڻيون ملوث آهن. ٻارن جي اغوا ۾ جيڪي عورتون ملوث هونديون آهن انهن جو هڪڙو گينگ هوندو آهي جنهن ۾ نرسون به شامل هونديون آهن جنهن ۾ هيومن ٽريفڪنگ جو الڳ ايليمينٽ اچي ٿو وڃي.
زاهده ابڙو: آنر ڪلنگ ۾ اسان وٽ هر روز عورتون ماريون ٿيون وڃن ۽ قاتلن کي سزائون نٿيون ملن ڪهڙو قانون آهي جيڪو آنر ڪلنگ کي روڪي سگهي ۽ مردن کي ان جي سزا ملي سگهي.
علينا راڄپر: قانون ۾ اسان وٽ ”بلڊ مني“ جو هڪڙو پروويزن موجود آهي جيڪو عورت جو قتل ٿو ڪري اهو گهڻو ڪري ”بلڊ مني“ جو استعمال ڪري پاڻ کي آزاد ڪرائي ٿو وٺي ۽ جن جي ڇوڪري قتل ٿي هوندي آهي اها ڌر ان کي معاف ڪري ٿي ڇڏي. اسان جي قانون ۾ جنهن جي گهٽ ماڻهن کي خبر آهي ته سيڪشن 211 موجود آهي جنهن ۾ معافي ڏيڻ جو حق صرف رياست کي ئي هوندو آهي ۽ رياست معاف ناهي ڪندي. جيڪڏهن ڪا آنر ڪلنگ ٿئي ٿي ته ان جو ولي رپورٽ ڪندو آهي. اهو قانون جي حساب سان پيءُ به ٿي سگهي ٿو، ڀاءُ، مڙس، پٽ ٿي سگهن ٿا. هاڻي يا ته اهي پاڻ آنر ڪلنگ ڪندا يا وري ٻيا ڪي ويجها مائٽ ڪندا. اهڙن ڪيسن ۾ جيڪڏهن رياست جي طرف کان ڪيس رجسٽر ڪرائين ته ان ۾ معاف ڪرڻ ۽ بلڊ مني وارو آپشن ختم ٿي ويندو آهي ۽ اهو ڪيس ڪمپرومائيز نه ٿيندو آهي يا ان جو مارجن ئي نه رهندو آهي. جنهن ۾ ڪيس کي اهڙيءَ طرح رجسٽر ڪيو ويندو آهي ۽ اهڙا سيڪشن لڳندا آهن جو اهو معافي جي لائق ئي نه رهندو آهي. اهڙا ڪيس رجسٽر ٿيا به آهن ۽ اڃان انهن تي ڪم ٿي رهيو آهي. آنر ڪلنگ اسان جي معاشري جو تمام قبيح ڏوهه آهي ۽ ان ۾ به جيڪو فضول تصور آهي ته عزت عورت سان ڳنڍيل آهي. قانون ۾ اهڙيون پروويزن موجود آهن جن سان ڏوهاري کي سزا ملي سگهي ٿي.
زاهده ابڙو: جيئن جيئن عورت جي لاءِ قانون سازي ٿيندي پئي وڃي تيئن عورت جي مٿان تشدد ۾ اضافو ٿي رهيو آهي. ڇا عورت پنهنجي حق ۾ ٺهيل قانونن جو غلط استعمال ڪري ٿي جنهن جي ڪري آخر ۾ عورت جو ئي نقصان ٿو ٿئي؟
علينا راڄپر: مان توهان جي سوال جي پهرين حصي ڏانهن وڃڻ چاهينديس ته جيئن جيئن عورت جي لاءِ قانون سازي ٿئي ٿي تيئن ڏوهن جي رپورٽنگ وڌي ٿي. اڳ ۾ اسان وٽ ڪو قانون ئي نه هو جنهن جي مدد سان اسان ان کي رپورٽ ڪريون. هاڻي اسان وٽ قانون آهي ۽ ان قانون جي تحت اسان ان کي رپورٽ ڪريون ٿا. جنهن کي اسان مثبت رجحان چئون ٿا. پوليس ۾ اسان جي ڪارڪردگيءَ جي evaluation (پرک) ان ڳالهه تي ٿيندي آهي ته جتي وڌيڪ ايف آءِ آر درج ٿين ٿيون مطلب ته اتي ڪرائيم وڌي ٿو، پر آئون ان جي بلڪل ابتڙ ٿي سوچيان، جتي ايف آءِ وڌيڪ رجسٽر ٿئي ٿي اتي ماڻهو پوليس تي وڌيڪ اعتماد ڪن ٿا، ٿاڻي اچن ٿا ۽ پنهنجي مٿان ٿيل زيادتين جي باري ۾ ٻڌائين ٿا ته ساڻن هيءُ غلط ٿيو آهي ۽ هو فيصلو ڪن ٿا ته پوليس کي ٻڌائينداسين. جيڪڏهن رپورٽ وڌي ٿي ته پوليس آفيسر خوش ٿيندو. اهو نٿو چئي سگهجي ته جيڪڏهن رپورٽنگ نه پئي ٿئي ته ان جو مطلب اهو آهي ته اهي ڏوهه سماج ۾ ٿين ئي نٿا. جڏهن رپورٽنگ ٿئي ٿي عورتون اچن ٿيون، جڏهن قانون ٺهن ٿا ۽ انهن جي مطابق رپورٽنگ ٿيڻ قانون جو سڀ کان وڏو مقصد هوندو آهي. ڏوهه وڌن نٿا رپورٽ ٿين ٿا، جيڪو هڪ درست طريقو آهي ۽ توهان جي سوال جو ٻيو حصو اهو هو ته قانون جو عورتون غلط استعمال ڪن ٿيون، منهنجو خيال آهي ته نه، پر ممڪن آهي ته ان جو تمام گهٽ استعمال اهڙو ٿيندو هجي جنهن ۾ ٿي سگهي ٿو ته سئو مان ڪا هڪ عورت ان جو غلط استعمال ڪندي هجي. جيئن ته اسان جا سماجي قدر ئي اهڙا ڪونه آهن جو عورت جي قانون جو غلط استعمال ڪرڻ تي همت افزائي ڪن. عورت جيڪڏهن مثبت طريقي سان ئي قانون جو استعمال ڪري ته اها ئي وڏي ڳالهه آهي ۽ قانون غلط استعمال ناهن ٿيندا قانون مرد ۽ عورت جي لاءِ برابر ٿيندا آهن، ڇو ته اهي ملڪ جا برابر شهري آهن ۽ انهن کي قانون کي استعمال ڪرڻ جو آئيني حق حاصل آهي.
زاهده ابڙو: منهنجو مطلب اهو آهي ته ڪڏهن ڪڏهن عورتون مردن تي پنهنجي ورڪ پليس تي ڪوڙو الزام لڳائينديون آهن ته ڪنهن مرد انهن کي حراس ڪيو آهي يا ڪنهن تي الزام لڳائينديون آهن ته انهن سان ريپ ٿيو آهي ته ڇا ان ڪيس جو الزام لڳائڻ جا ڪي واقعا ٿيا آهن؟
علينا راڄپر: بلڪل ان جو نقصان عورت کي پهچندو ان جي لاءِ قانون ۾ هڪڙو سيڪشن موجود آهي. جنهن ۾ جيڪڏهن ڪو غلط الزام لڳائي ٿو ته ان جي تحت ان ماڻهوءَ کي سزا ملي سگهي ٿي ٽي کان ست سالن جي. ڇو ته اهو ماڻهو غلط رپورٽنگ ڪري اداري جو ٽائيم ۽ ان جي ذريعن جو نقصان ڪري رهيو آهي ۽ ٻيو ته ان جو نالو به اچي ويندو ته هن ڪوڙي ايف آءِ آر درج ڪرائي آهي، جنهن جي تحت اڳتي هلي هن جي ڪنهن به شڪايت جي ايف آءِ آر درج نه ٿيندي. فيڪ رپورٽنگ اسان جي سماج ۾ موجود آهي ان ۾ عورتون به آهن ته مرد به.
زاهده ابڙو: توهان جڏهن ڪنهن عورت جي قتل يا ريپ جي ڪيس جي تفتيش ڪندا آهيو ته ڪهڙن پروسيجرز ۽ ايس او پيز کي فالوو ڪندا آهيو؟
علينا راڄپر: هر ڏوهه جي لاءِ مختلف ايس او پيز هوندا آهن، جيڪڏهن گهريلو تشدد ٿيو آهي ڪنهن عورت تي ۽ اها رپورٽ ٿي ڪري ۽ چوي ٿي ته مون کي صلح ناهي ڪرڻو ته اسان وڃي پهرين ان جو ميڊيڪل معائنو ڪرائينداسين، ان جو ميڊيڪل ليٽر وٺنداسين جنهن ۾ مٿس ٿيل تشدد جي هر نشان جي تصوير ورتي ويندي ۽ ان کي اسان PPC ۾ ڪنداسين جيڪڏهن سندس هڏي ٽٽل آهي ته ان جي مٿان هڏي ٽٽڻ جو سيڪشن لڳندو. جيڪڏهن گوشت ڪٽيل آهي ته ان جا سيڪشن ڌار آهن اهي لڳندا ۽ ان ميڊيڪل رپورٽ جي بنياد تي ئي ڪيس اڳيان وڌنڌو. جيڪڏهن ڪنهن عورت جو ريپ ٿيل آهي ته 48 ڪلاڪن اندر اسان کي ان جو ميڊيڪو ليگل ايگزامينيشن ڪرائڻو هوندو آهي. اسان ان ڏوهاري جا sperm sample جمع ڪندا آهيون جيڪڏهن هن جي ننهن ۾ هن جي ڪا چمڙيءَ جا ذرا اچي ويا آهن ته اهي گڏ ڪنداسين ۽ ميڊيڪل ايگزامينيشن ۾ اسان کي ان ڏوهاريءَ جو evidence ملي ويندو ۽ يڪدم ايف آءِ آر درج ڪندا آهيون. جيڪڏهن قتل آهي ته پهرين اسان جاءِ واردات ڏسندا آهيون جيڪڏهن ڏوهاري اتي موجود آهي ته اسان جي پهرين ڪوشش اها هوندي آهي ته ان کي پنهنجي تحويل ۾ وٺون، جنهن جي خلاف ايف آءِ آر ٿي آهي. اسان جا بنيادي مرڊر پروٽوڪولز آهن جنهن ۾ شهادتون جمع ڪرڻ، فرانزڪ، لاش جو پوسٽ مارٽم، ميرٽ جي بنياد تي هميشه انهن سڀني شين کي فالوو ڪيو ويندو آهي.
زاهده ابڙو: جيڪڏهن ڪو ڪرائيم جي جاءِ کي تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ته ڇا پوليس کي ان جي خبر پئجي ويندي آهي؟
علينا راڄپر: ڪرائيم سين کي يڪدم سيل ڪيو ويندو آهي، پر جيڪڏهن ان کي تبديل ڪري به ورتو آهي ته هميشه اتي ثبوت موجود هوندو آهي ۽ سڀني کان وڏي ۾ وڏو ثبوت اهو لاش هوندو آهي. جيڪڏهن ڪير ڪنهن عورت کي ماري ۽ ان جي لاش کي ٽنگي ٿو ڇڏي ته اهو پوليس ان حساب سان تفتيش ڪري ثبوت حاصل ڪري وٺندي آهي. ان جي باري ۾ اسان کي پڙهايو به ويندو آهي ته ڪرائيم کي ڪيئن detect ڪيو وڃي. ڪرائيم جي جاءِ هميشه detectable هوندي آهي. ڪرائيم سين کي تبديل ڪرڻ جي قانون ۾ سخت سزا آهي ۽ اوتري سزا آهي جيئن ڪنهن ثبوت کي لڪائڻ. ڪڏهن ڪڏهن ڪجهه ڪيس اهڙا هوندا آهن جن جا نتيجا پندرهن پندرهن سالن کانپوءِ ايندا آهن.
زاهده ابڙو: اسان جي عوام کي ايف آءِ آر درج ڪرائڻ جي صحيح طريقيڪار جي باري ۾ ٻڌايو ته اها ڪيئن درج ڪرائجي؟ ان ۾ ڪهڙيون شقون داخل ڪرائڻ گهرجن ۽ گهربل شق جيڪڏهن پوليس ان ۾ داخل نه ڪئي آهي ته فريادي کي ڪيئن خبر پوي. ٻڌڻ ۾ اهو ٿو اچي ته اڪثر ايف آءِ آر ۾ پوليس گڙبڙ ڪندي آهي جنهن جو فائدو فريادي جي بجاءِ مخالف ڌر کي پهچي ٿو.
علينا راڄپر: هڪ صحيح ۽ سٺي ايف آءِ آر اها آهي جنهن ۾ جيڪو واقعو ٿيو آهي ان کي جيئن جو تيئن درج ڪرائجي. فريادي جي طرفان ان ۾ ڪوبه وڌاءُ نه هجي ته مون کي هيترن ماڻهن اچي ماريو جڏهن ته اهي هجن ئي نه يا ٻه ماڻهو هجن. ايف آءِ آر هميشه مختصر ۽ ننڍي هجڻ گهرجي ۽ حقيقت تي مبني هجي، اها ايف آءِ آر سڀني کان بهترين هوندي آهي. ايف آءِ آر جون چار ڪاپيون هونديون آهن. هڪڙي مئجسٽريٽ ڏي ويندي آهي، هڪڙي شڪايتي يا فريادي کي ڏني ويندي آهي، ايف آءِ آر درج ٿيڻ کانپوءِ ان فريادي جي هيٺان صحيح ٿيل هوندي آهي ۽ پوليس هڪدم ان تي ڪهڙو عمل ڪيو ان جو به تفصيل درج هوندو آهي. فريادي ٽن طريقن سان ايف آءِ آر درج ڪرائي سگهي ٿو. هڪ ته فون ڪري ايف آءِ آر درج ڪرائي يا درخواست داخل ڪرائي سگهي ٿو ۽ اها درخواست ايف آءِ آر سان اٽيچ ٿي ويندي آهي جيڪا ان ڳالهه جو ثبوت هوندي آهي ته هن ايف آءِ آر لاءِ درخواست ڏني هئي يا هو ٿاڻي تي اچي ايف آءِ آر ڪٽرائي سگهي ٿو. تمام گهٽ ماڻهن کي سيڪشنز جي خبر هوندي آهي. آئون پاڻ لاءِ به اهو چئي سگهان ٿي ته مون کي به سيڪشن اڃان ياد ڪونه آهن ۽ هڪ عام ماڻهو کي ته ان جي خبر نه هوندي آهي. ٿاڻي تي ايس ايڇ او، انسپيڪٽر ۽ منشي هوندا آهن جيڪي ان ڏوهه جي مطابق انهن شقن کي ان ۾ داخل ڪندا آهن ته جيئن اهو ڏوهه عدالت ۾ ثابت ڪري سگهجي ته اهو ڏوهه ڪيئن ٿيو. جيڪڏهن اهو سيڪشن ايف آءِ آر ۾ لڳايو ويو ته اهو ڇو لڳايو ويو. پوليس کي خبر آهي ته هو ڪوبه ڪوڊ ايئن نه هڻندي آهي، ايف آءِ آر لکجڻ کانپوءِ فريادي کي پڙهي ٻڌائي ويندي آهي ۽ ان جي آخر ۾ اهو لکيل هوندو آهي ته فريادي ان سان متفق ٿيو ته ساڻس اهو ئي ڏوهه ٿيو آهي جيڪو ايف آءِ آر ۾ درج ٿيل آهي ۽ ان کانپوءِ هن صحيح ڪئي. جيڪڏهن فريادي ان سڄي ايف آءِ آر جي متن سان متفق نٿو ٿئي ته هو ان تي صحيح نه ڪري ۽ پوءِ اها ايف آءِ آر بئڪ فائر ڪندي.
زاهده ابڙو: هڪڙو ڳوٺاڻو ماڻهو جيڪو اڻ پڙهيل آهي جنهن کي ڪا خبر ڪونهي ۽ اهو جڏهن ڪنهن ڏوهه جي خلاف ايف آءِ آر ڪٽرائي ٿو ته پوليس ڪڏهن ڪڏهن اهڙي ٻولي استعمال ڪري ٿي جنهن سان اڳيان هلي ان جو ڪيس ڪمزور ٿي وڃي ٿو. آئون سمجهان ٿي ته اتي پوليس ۽ عوام جي وچ ۾ ويڙهه محسوس ٿئي ٿي.
علينا راڄپر: هڪڙي عام ماڻهوءَ کي مان صرف ايترو ٻڌائڻ چاهينديس ته جيڪو واقعو جيئن ٿيو آهي صرف ان کي ان ئي طريقي سان درج ڪرايو وڃي ۽ جيڪا توهان ڳالهه ٻڌائي آهي توهان جو اهو حق آهي ته ايف آءِ لکجڻ کانپوءِ توهان کي پڙهي ٻڌائي وڃي. جيڪڏهن ڪو قانوني آفيسر جيڪو توهان جي اڳيان ويٺو آهي ۽ اهو توهان کي چوي ٿو ته ايف آءِ آر توهان کي پڙهي نٿا ٻڌايون ته ان کي چئو ته مون کي پڙهي ٻڌائي ۽ اهو هر شخص جو حق آهي ته ان کي اها ايف آءِ لکجڻ کانپوءِ پڙهي ٻڌائي وڃي ۽ جڏهن اهو فريادي انهيءَ ايف آءِ آر سان متفق ٿئي ته هن جيڪا ڳالهه ڪئي آهي اها ان ئي طريقي سان لکي وئي آهي ان ۾ ڪا ڦير گهير نه ڪئي وئي آهي تڏهن ان تي صحيح ڪري، ايف آءِ آر درج ڪرائڻ جو اهو طريقو ئي اهم آهي. جيڪڏهن ايف آءِ آر درج ڪرائڻ لاءِ توهان وڃو ٿا ۽ توهان پاڻ پڙهي نٿا سگهو ته پاڻ سان گڏ اهڙو ماڻهو وٺي وڃو جيڪو ايف آءِ آر کي پڙهي سگهي. ڇو ته هڪ اڻ پڙهيل ماڻهوءَ جيڪڏهن پنهنجي ايف آءِ آر تي دستخط ڪري ٿو ۽ ان کي ان وقت اها صحيح نه ٻڌائي وئي آهي ته اهو فريادي جو نقصان آهي. منهنجو خيال آهي ته انهن ٽن چئن شين تي عمل ڪرڻ سان هڪ سٺي ايف آءِ آر درج ٿي سگهي ٿي جنهن جو فائدو اسان جي عوام کي ٿيندو.
زاهده ابڙو: اسان جي انهن عورتن جي لاءِ هڪڙو ننڍڙو مئسيج ڏيو جيڪي گهريلو تشدد کي برادشت ٿيون ڪن ته اهي تشدد برداشت ڪرڻ بجاءِ ان جي رپورٽ ڪن.
علينا راڄپر: مٿي به آئون چئي آهيان تهa divorced daughter is better than a dead daughter توهان کي جيڪڏهن پنهنجو خيال ناهي، پنهنجي ٻارن جو خيال ڪريو، پر آئون چونديس توهان کي پنهنجو خيال ڇو نه هجڻ گهرجي، پنهنجو خيال ڪريو، پنهنجن ٻارن جو خيال ڪريو ۽ اهو حق ڪنهن کي به ناهي ته هو توهان جي حقن کي پائمال ڪري. اسان جا ادارا موجود آهن، اين جي اوز ڪم ڪري رهيون آهن، فيميل پوليس آفيسر موجود آهن، اهي توهان جي مدد ڪرڻ لاءِ هر وقت تيار آهن. جيڪڏهن هڪڙو دفعو توهان ان نظام تي ڀروسو ڪرڻ شروع ڪيو ۽ رپورٽنگ ڪندئو ته سسٽم توهان جي لاءِ اڃان وڌيڪ بهتر طريقي سان ڪم ڪري سگهندو. جيڪڏهن سسٽم استعمال ئي نه ٿيندو ته ان کي بهتر بنائڻ جو ڪو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي. اسان سڀني عورتن کي گڏجي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. ڀلي هڪ پوليس آفيسر جي طور تي مون کي يا هڪ فريادي جي طور تي ڪنهن متاثره عورت کي.

