سنڌ ڌرتي ھڪ اھڙي عظيم ڌرتي آهي، جنهن جي ڪک مان ھميشه عظيم ڪردارن بھادري جو مثال قائم ڪندڙ انقلابي عوامي ماڻھن جنم ورتو آهي. جيڪڏهن اسان اسلام جي تاريخ بيان ڪيون ۽ اسلام جي سر بلندي جي لاءِ جدوجھد ۽ قربانين جو ذڪر ڪنداسين ته پوءِ حضرت علي رضه الله تعاليٰ عنه جي اولاد حضرت امام حسين عليه السلام ۽ ان جي ساٿين جو لازوال مثال بڻيل قربانين کي مثال طور ڏسڻو پوندو. جيئن دين جي لاءِ ڏنل حضرت علي رضه الله تعاليٰ عنه جي اولاد جي قربانين کي وساري نٿو سگهجي ته پوءِ اسان کي پنهنجي ڌرتي ۽ وطن پاڪستان جي سلامتي ۽ سياست جي سر بلنديءَ لاءِ شھيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ ان جي خاندان جي قربانين کي به وساري نه وسارڻ گهرجي. هن ملڪ، عوام، مسلم دنيا، جھموريت ۽ انساني حقن جي حاصلات لاءِ جاکوڙيندڙ ھن عظيم خاندان پنهنجن ھزارن پيروڪارن سان گڏ پنهنجي جانين جا نذرانا پيش ڪري ھڪ اھڙي تاريخ رقم ڪئي آهي جيڪا هن خاندان جي دشمنن جي دلين تي به سواليه نشان بڻيل آهي.
شھيد ذوالفقار علي ڀٽو جي ھن موڀي پٽ محترم مير مرتضيٰ ڀٽو جي قرباني ۽ تاريخ رقم ڪندڙ ڪردار کان دنيا واقف آهي. ڀٽو خاندان کي ڀيٽا ڏيڻ جي لاءِ استعمال ٿيندڙ لفظ مون جھڙي ننڍڙي قلمڪار کي ملڻ مشڪل آھن، اھڙن ڪردارن کي سرخ سلام پيش ڪرڻ لاءِ ليکڪ ھميشه اڻ ملھ لفظن جو سھارو وٺي ڀيٽا پيش ڪندا آهن. شھيد ذوالفقار علي ڀٽو جي گهر 18 سيپٽمبر 1954ع ۾ جنم وٺندڙ ھي عظيم سورهيه ڪردار مير مرتضيٰ ڀٽو جي نانءُ سان دنيا ۾ مشهور سياستدان ۽ انقلابي ڪمانڊر بڻجي ويو. مير مرتضيٰ ڀٽو جي باري ۾ ته دنيا ڄاڻي ٿي، پر سندس سياسي تاريخ انقلابي ڪمانڊر واري ڪردار کي سمجهڻ ۽ پرکڻ جي ضرورت اڄ به محسوس ڪئي وڃي ٿي. مير مرتضيٰ ڀٽو، شاھنواز ڀٽو ۽ سندن وڏي ڀيڻ محترمه بينظير ڀٽو پنهنجي والد سميت ھزارين ڀٽو ازم جي پيروڪارن سان گڏ شھادتون ماڻيندڙ تاريخ رقم ڪندڙ ڪردار آهن. شھيد ذوالفقار علي ڀٽو جي جھموري آئيني حڪومت کي جڏهن جنرل ضياءُالحق ڊڪٽيٽرشپ جي ذريعي راتاھو ھڻي ختم ڪيو، 5 جولاءِ 1977 تي، انھيءَ وقت وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽو کي فوج گرفتار ڪري ڪوھ مري آرمي ريسٽ هائوس منتقل ڪيو ۽ سندس خاندان کي وزيراعظم ھائوس مان 70 ڪلفٽن واري گھر منتقل ڪيو ويو. ملڪ تي آمريت مسلط ڪيل ھئي، آئين ٽوڙي آمريت لاڳو ڪئي وئي ھئي.
انھيءَ دوران ڀٽو خاندان کي سياست جي ميدان ۾ شامل ٿيڻو پيو. بيگم نصرت ڀٽو ۽ سندس اولاد ضياءُ الحق جي مارشلا جي خلاف جدوجھد جو فيصلو ڪري ميدان تي نڪرڻ مناسب سمجهيو ته مير مرتضيٰ ڀٽو پنهنجي پھرين سياسي سرگرمي جو آغاز 14 آگسٽ 1977ع تي المرتضيٰ ھائوس لاڙڪاڻي ۾ سپاف جي ضلعي ڪنوينشن جي صورت ۾ڪيو. بعد ۾ ذوالفقار علي ڀٽو عدالت مان ضمانت منظور ٿيڻ بعد 13 سيپٽمبر تي آزاد ڪيو ويو، پر ضياءُ الحق ذوالفقار علي ڀٽو کي شايد سياسي طور ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو ۽ کيس ٻيھر 17 سيپٽمبر 1977ع تي رات جو المرتضيٰ ھائوس لاڙڪاڻي مان فوجي دستن ھٿان گرفتار ڪرايو. انھيءَ وقت ذوالفقار علي ڀٽو ضمانت ملڻ بعد فيملي سان عيد ملھائڻ جي لاءِ لاڙڪاڻي ۾ ھو پوءِ ايترو ته ضياءُ الحق جي مارشلا نافذ ٿيڻ بعد ظلم، بربريت، وحشت ۽ دھشت جو رياستي راڄ نافذ ڪيو ويو. سياسي ڪارڪنن کي سر عام گرفتار ڪري جيلن ۾ ڦٽڪا هنيا ويا، ڦاهيون ڏيڻ، گولين جو نشانو بڻائڻ جو سلسلو شروع ٿيو، جيڪو ضياءُ الحق جي جهاز جي ڪريش ٿيڻ سان سندس خاتمي سان ئي ختم ٿيو.
مير مرتضيٰ ڀٽو ۽ شاهنواز ڀٽو 4 اپريل 1979ع کانپوءِ جڏهن سندن والد ذوالفقار علي ڀٽو کي آمر جنرل ضياءُ الحق ڦاسي ڏئي شهيد ڪيو، ان کانپوءِ ٻنهي ڀائرن “الذوالفقار تنظيم” جو بنياد وڌو. ٻئي ڀائر 1977ع ۾ پاڻمرادو جلا وطني اختيار ڪري ٻاهر رهيا ۽ بين الاقوامي سطح تي ضياءُ الحق جي مارشلا کي للڪارڻ جو فيصلو ڪيو ۽ بيگم نصرت ڀٽو ۽ محترمه بينظير ڀٽو پاڪستان ۾ رهي سياسي آئيني جھموري تحريڪن جي ذريعي جدوجهد ڪئي. نيٺ وحشي آمر جنرل ضياءُ الحق پنهنجي ڏاڍ، طاقت ۽ جبر جي ذريعي عدالت وسيلي ذوالفقار علي ڀٽو کي ھڪ ڪوڙي ڪيس ۾ 4 اپريل 1979ع ڦاسي ڏياري شھيد ڪرائي ڇڏيو ته پوءِ سياست ڏوھ بڻجي وئي. ذوالفقار علي ڀٽو جي شھادت کانپوءِ ھڪ فيملي مٽينگ ٿي ھئي جنھن ۾ ڀٽو خاندان موجود ھو. بيگم نصرت ڀٽو، محترمه بينظير ڀٽو، مير مرتضيٰ ۽ شاھنواز ڀٽو ۾ جدوجهد جي طريقيڪار تي سخت جذباتي بحث ڪيو ويو، جنهن ۾ بيگم نصرت ڀٽو محترمه بينظير ڀٽو جو خيال اهو هو ته ضياءُ الحق جي مارشلا خلاف سياسي جدوجھد ڪئي وڃي، لانگ مارچ، ڌرڻا، هڙتالون، بک ھڙتالن کان ويندي جيل ڀريي تحريڪ ھلائي ضياءُ الحق کي عوامي طاقت سان ھٽايو وڃي، پر مير مرتضيٰ ۽ شاھنواز ڀٽو جو خيال مختلف ھو ته ضياءُ الحق کي طاقت سان ھٽايو وڃي، کيس سبق سيکارڻ گهرجي. ھن کي صرف ھٿيارن جي زور تي شڪست ڏجي. جڏهن محترمه چيو ته ائين ڪرڻ سان ضياءُ الحق کي طاقت جو استعمال جو جواز ملندو پاڪستان ۾ لکين بي گناھ ڪارڪنن کي شهيد ڪرائي ڇڏيندو، دھشتگرد قرار ڏئي. جھموري ۽ آئيني طريقي سان احتجاج ڪرڻ کپي، جنهن تي ڀائرن کيس چيو ته ادي ضياءُ الحق ڇا سمجھي جھموريت ۽ آئين مان، ڇا بابا سائين جي حڪومت آئين تحت ختم ڪيائين، بابا کي گرفتاري کان جيل ۾ ڦاسي ڏيارڻ تائين ڪھڙو ڪردار ضياءُ الحق جو آئيني آهي. ملڪ ۾ ڪهڙي آئين تحت خوف ۽ مارشلا نافذ ڪيو ويو آهي جو اسان جي جدوجهد غير آئيني هوندي.
محترمه بينظير ڀٽو پرامن عوامي جھموري تحريڪن سان ضياءُ الحق جي مارشلا جو خاتمو ڪري آئيني ۽ قانوني طريقي سان جمهوريت بحال ڪرائڻ جي حق ۾ هئي، پر ٻنهي ڀائرن گوريلا جدوجهد ڪري پنهنجي والد جي ڦاسيءَ جو بدلو وٺڻ ٿي چاهيو.
بعد۾ھنن ضياءُ الحق جي مارشلا خلاف مسلح جدوجھد جو فيصلو ڪيو ۽ انھيءَ ڏينھن کان سندن سياسي راھون سندن والده ۽ ڀيڻ کان الڳ ٿي ويون. پوءِ انقلابي ڀائرن پاڪستان لبريشن آرمي جوڙي شروعات ڪئي، اھا تنظيم ايتري مشهور نه ٿي سگهي، پر تاريخ جي دريءَ مان ھڪ اھڙي لاٽ ٻرندي نظر آئي، جنهن جھر جھنگ ۾ مير مرتضيٰ ڀٽو کي انقلابي ڪمانڊر طور مشهور ڪري ڇڏيو. جڏهن 2 مارچ 1981ع تي پاڪستان انٽرنيشنل ايئرلائينز، پي آءِ اي جو بوئنگ جهاز پي ڪي 326 ڪراچي کان پشاور ويندڙ مسافر جھاز جنهن ۾ 145 مسافر سوار هئا کڻي وڃي رھيو ھو جھاز ڊيره اسماعيل خان جي مٿان فضائن ۾ ھاءِ جيڪرن جي ھٿان ھاءِ جيڪ ڪيو ويو ۽ پوءِ اھو ھڪ ڊگھو داستان آهي، پر اھو جھاز ھاءِ جيڪرن پھرين افغانستان جي شھر ڪابل۾ لاٿو جنهن جي ذميواري الذوالفقار تنظيم قبول ڪئي. جڏهن ته ھاءِ جيڪرن جا مطالبا هي هئا 1. ھڪ ضياءُ الحق اقتدار کان الڳ ٿي وڃي. 2. جھموريت آئين تحت بحال ڪري چونڊون ڪرايون وڃن. 3. ملڪ ۾ قيد سمورا سياسي قيدي آزاد ڪيا وڃن. جڏهن ته ضياءُالحق سرڪار سندن مطالبا مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ۽ ھاءِ جيڪرن پنهنجي سچاڻپ به ڪرائي ڇڏي جن جو اڳواڻ سلام الله ٽيپو ھو ۽ ساڻس جمال ناصر ۽ ارشد علي گڏ ھئا. اهي سڀ جديد ھٿيارن سان ليس هئا سندن مطالبا نه مڃڻ جي صورت ۾ جھاز کي تباھ ڪرڻ جي ڌمڪي ڏئي رهيا ھئا، نيٺ افغان سرڪار پاڪستان سرڪار ۽ ھاءِ جيڪرن سان رابطي ۾ رھي، پر ضياءُ الحق بضد هو. نيٺ افغان سرڪار سندن رابطو مير سان ڪرايو ته انھيءَ جلد بازي نه ڪرڻ ۽ مسافرن کي ڪوبه نقصان نه پھچائڻ جو حڪم ڏنو. ايتري ۾ ھاءِ جيڪرن کي ڪٿان ڪا معلومات ملي ته جھاز ۾ ھڪ شخص سوار آهي جيڪو ذوالفقار علي ڀٽي جو ملٽري اي ڊي سي رھندڙ ڪيپٽن طارق رحيم به آهي، جيڪو ضياءُ الحق جو مخبر ھو پوءِ ھاءِ جيڪرن انھيءَ جي سڃاڻپ بعد سيٽ تان اٿاري گوليون هڻي قتل ڪري سندس لاش جھاز مان رن وي تي اڇلائي ٻين مسافرن کي به قتل ڪرڻ جي ڌمڪي ڏني ۽ ڳالھين دوران باقي مطالبن تان ھٿ کڻي 54 قيدين جي فھرست فائنل رکي، پوءِ دنيا جي دٻاءُ سبب افغان سرڪار ھاءِ جيڪرن کي ڪابل ڇڏڻ جو حڪم ڏنو ۽ پوءِ ھاءِ جيڪرن جھاز کي ليبيا آندو، پر اتي به کين لھڻ نه ڏنو ويو ۽ ايتري ۾ جھاز جو تيل ختم ٿيڻ تي ھو ته انساني ھمدردي جي بنياد تي کين يونان ۾ لھڻ ۽ تيل ڀرائڻ بعد واپس وڃڻ جي شرط تي جھاز لاٿو ويو. تيل ڀرائڻ بعد جھاز کي ھاءِ جيڪرن شام جي شهر دمشق ۾ پھچايو جتان بعد ۾ ضياءُ الحق سرڪار سندن آڏو گوڏا کوڙي 54 قيدين کي آزاد ڪري دمشق پھچايو جن ۾ ناليوارا سياسي ڪارڪن شامل ھئا، جن کي آمريت جي ڪاري دور جي خلاف جدوجھد جي ڏوھ ۾ سنگين الزامن تحت قيد ڪيو ويو ھو ۽ ھي دنيا جي تاريخ جي سڀ کان وڏي تاريخي ھاءِ جيڪنگ ھئي، جنھن ۾ ھڪ مسافر جھاز کي 145 مسافرن سميت ڏهن ڏينهن تائين قيد رکيو ويو. ائين مير مرتضيٰ ڀٽو دنيا جي دلين تي راڄ ڪندڙ سياسي ڪارڪن بڻجي ويو، بس نيٺ وقت بدلجي ويو، جنرل ضياءُ الحق به فضائي حادثي جو شڪار بڻجي ويو ۽ ملڪ ۾ سندس ظلم جي ڪاري دور جو خاتمو ٿي ويو. ملڪ ۾ جھموريت بحال ٿي وئي پوءِ وقت جي رفتار سان فيصلا تبديل ٿيڻ لڳا. مير مرتضيٰ ڀٽو تي ضياءُ الحق جي مارشلا ۾ الائي ڪيترا ڪيس داخل ٿيل ھئا. ملڪ ۾ اليڪشن جي ذريعي محترمه بينظير ڀٽو وزيراعظم پاڪستان بڻجي وئي، مگر مرتضيٰ ۽ بينظير جون سياسي راھون ڪيترائي سال پھريان جدا ٿي چڪيون هيون. باقي بيگم نصرت ڀٽو ئي رابطن جو ذريعو ھئي. جڏھن بينظير وزير اعظم ٿي 1989ع تي شام جي صدر حافظ الاسد جي دعوت تي دمشق پھتي، رات جي ماني مير مرتضيٰ ڀٽو سان گڏ کاڌي اھا ملاقات ڪافي عرصي بعد ٿي ھئي. پوءِ وري جڏهن 1993ع جي اليڪشن ٿي ھئي ته مير مرتضيٰ اليڪشن ۾ حصو وٺڻ سياست ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ته محترمه سندس سياسي الڳ پارٽي ٺاهڻ ۽ انهن حالتن ۾ پاڪستان اچڻ جي مخالفت ڪئي ته پاڪستان ۾ توهان تي ڪيترائي ڪيس داخل ٿيل آهن اتي ضياءُ الحق جي پيداوار موجود آهي، توهان کي خطرا لاحق ٿي سگھن ٿا، پر مرتضيٰ ھر حال ۾ اليڪشن وڙهڻ جو فيصلو ڪيو ۽ پي ايس 31 لاڙڪاڻي تان ميمبر سنڌ اسيمبلي چونڊجي ويو ۽ محترمه بينظير ڀٽو اليڪشن کٽي ملڪ جي وزيراعظم ٿي وئي ته بيگم نصرت ڀٽو مرتضيٰ ڀٽو جي واپسي جي لاءِ جاکوڙ ڪئي. سرڪاري ادارن وزيراعظم سان رابطي ۾ رھي راھموار ڪئي نيٺ مير مرتضيٰ ڀٽو وطن واپسي جو اٽل فيصلو ڪيو، جنهن جي مطابق 3 نومبر 1993ع تي ڪراچيءَ ائيرپورٽ تي پهچڻ سان سندس تاريخي استقبال ڪيو ويو ۽ کيس ايئرپورٽ تان گرفتار ڪري کيس لانڍي جيل ڪراچيءَ ۾ رکيو ويو، دوران قيد ئي سنڌ اسيمبلي جي ميمبر طور حلف کڻايو ويو ۽ پوءِ ڪجهه وقت جيل ۾رھڻ کانپوءِ سنڌ ھاءِ ڪورٽ مان ضمانت ملڻ تي کيس آزاد ڪيو ويو.
جيئن ئي آزاد ٿيو ته پوري ملڪ ۾ رابطا مهم شروع ڪري ڏنائين ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ عوامي جدوجھد شروع ڪري ڏنائين. ڀٽو ازم جي نظريي جي مطابق وڏيرن، سردارن، جاگيردارن ۽ سرمائيدارن کي للڪارڻ شروع ڪيائين. زبردست عوامي موٽ ملڻ لڳي ته محترمه بينظير ڀٽو انھيءَ دوران ساڻس ملڻ جون ڪافي ڪوششون ڪيون، بيگم نصرت ڀٽو ذريعي پيغام ڏياريو ته جيل ۾ ملڻ اچان ته سيڪيورٽي سميت ڪافي اشوز ملاقات ۾ رڪاوٽ بڻيل آهن، تنهنڪري جيل جي وزٽ جي بھاني اچي ملاقات ڪيان، پر مرتضيٰ ڀٽو چيو ته ادي بينظير کي تڪليف نه ڪرڻ گھرجي. جڏهن ته ھڪ موقعي تي بينظير ڀٽو کيس پيرول تي آزاد ڪرڻ جو پيغام موڪليو ته به چيائين ته انھيءَ سان غلط تاثر ويندو، هن عدالت ذريعي آزادي حاصل ڪرڻ ٿي چاهي. 7 جولاءِ 1996ع تي 7 سالن کانپوءِ ڀاءُ ڀيڻ جي ملاقات ٿي، اها ملاقات تمام خوشگوار ھئي ماني گڏجي کاڌي ھئي، ذاتي سياسي حال احوال ڪيا ويا تمام عزت احترام سان ھي ڀاءُ ڀيڻ جي ملاقات ھڪ سنگ ميل قرار ڏني پئي وئي، پر شايد ڀٽو خاندان جي دشمنن ضياءُ الحق جي باقيات کي اھا ڳالهه پسند نه آئي ۽ پوءِ 20 سيپٽمبر 1996ع ۾ کيس محترمه بينظير ڀٽو جي حڪومت ۾ ئي سندس گھر جي سامھون شھيد ڪيو ويو.
مير مرتضيٰ ڀٽو جي قتل جي واقعي جي جاچ جي لاءِ اسڪاٽ لينڊ يارڊ جي ٽيم کي گھرائي جاچ شروع ڪرائي وئي. جڏهن ته محترمه بينظير ڀٽو، مير مرتضيٰ جي چاليهي جي موقعي تي راولپنڊي جي جلسي۾سموريون سازشون بي نقاب ڪيون ته بعد ۾ سندس حڪومت کي سازشن جي ذريعي ختم ڪئي ويو ۽ مير مرتضيٰ ڀٽو ھڪ بھادر بيباڪ سياستدان ھو، هو سرمائيداري، جاگيرداري ۽ سرداري نظام جي خلاف سخت موقف اختيار ڪندڙ بھادر ۽ وفادار ليڊر ھو. ڀٽو خاندان جي تاريخ رھي آھي ته ھنن سوديبازي ڪرڻ بجاءِ اکيون اکين ۾ ملائي جيئن سکيو آهي ۽ ڪنڌ جھڪائڻ جي بجاءِ ڪنڌ ڪٽائڻ سکيو آهي. ڀٽو خاندان جي جھموري عوامي سياسي ڪردار کان انڪار نٿو ڪري سگهجي انهن عظيم ڪردارن جي خلاف سازشون ھر سطح تي ٿينديون رهيون، پر ڀٽو ازم جي پيروڪارن جي لاءِ اڄ به زخم تازا آهن. مير مرتضيٰ ڀٽو جھڙو سياسي ۽ انقلابي ڪمانڊر صدين ۾ جنم وٺندو آهي ۽ صدين تائين عوامي دلين تي راڄ ڪندو رهندو. جھموريت ۽ آئين جي بحالي لاءِ وطن دشمنن سان مھاڏو اٽڪائڻ خاطر ڀٽو ازم ھر قرباني ڏيڻ جي لاءِ تيار آهي.