شاه جي ڪردارن جون مزارون
(حصو ٻيون)
ليهور جو دڙو
ميرپورخاص ضلعي جي سنڌڙي تعلقي جي يونين ڪائونسل کيراهو ۽ ميرپورخاص کان اوڀر طرف ميرپورخاص ۽ کپرو روڊ مان نڪرندڙ ڦلهڏيون واري رستي تي هلندي پنجن ڪلوميٽرن تي ڳوٺ حاجي همير درس جي ڀرسان هڪ تاريخي قديم ماڳ جا پنجاهه ايڪڙن ۾ پکڙيل آثار نظر ايندا ۽ هاڻي والار ٿيڻ بعد به اڃا ڏهن ايڪڙن ۾ پکڙيل لاڳيتي ايراضي جا هي آثار ڏسڻ سان اهو اندازو لڳائڻ مشڪل نه ٿيندو ته هتي هڪ قديم دور جو اجڙيل شهر هو، هوڏانهن مقامي ڏند ڪٿائن ۾ اهو به چيو وڃي ٿو ته شاهه جي رسالي جي سر ليلان چنيسر جي اهم ڪردار ليلان هن شهر جي هئي انهيءَ شاهديءَ مان خبر پوي ٿي ته هي شهر سما دور ۾ به وسندڙ ۽ آباد شهر هو ۽ بنا کوٽائي ٿيل هن شهر جي آثارن ڏسڻ سان ۽ دڙي جي مٿاڇري تي پکڙيل سرن ۽ ٺڪرين منجهان اهو اندازو ٿئي ٿو ته هي شهر ڪافي آڳاٽو ۽ پڪين جاين ۾ رهندڙ خوشحال ماڻهن جو وسندڙ شهر هو وڌيڪ صحيح پتو هن دڙي جي کوٽائي بعد پوندو.
داسڙن جو دڙو
هي دڙو عمرڪوٽ ضلعي جي حدن ۾ شادي پلي کان اولھ طرف هاڪڙي ندي جي قديم وهڪري جي ڪناري سان موجود آهي، انهيءَ ڪري هي قديم ماڳ به سرسوتي تهذيب جي ڳاڻاٽي ۾ آهي، هن دڙي بابت مقامي ماڻهن جي چوڻ موجب شاهه جي سر ليلان چنيسر جي داستان ليلان چنيسر جو چنيسر داسڙو هن شهر جو حاڪم هو، پر آثارن جي اوچائي مٿاڇري تي پکڙيل ٺڪرن منجهان اندازو ٿئي ٿو ته هي شهر به آڳاٽي وقت کان آباد هو، هتان ماڻهن کي قيمتي پٿر وغيره، برساتن جي وسڻ بعد ملندا رهن ٿا، وڌيڪ شهر بابت کوٽائي ۽ جديد بنيادن تي سائنسي کوجنا بعد ئي ڪجھ چئي سگهبو.
منهنجي مٿي ٿيل کوجنا مطابق ليلان چنيسر جو قصو ٽن ۽ مختلف هنڌن تي ٻڌايو وڃي ٿو، جنهن کي هيل تائين تاريخ سلجهائي نه سگهي آهي ۽ جنهن به جيڪو به جيترو به لکيو آهي انهيءَ پنهنجي ڏات سوچ ۽ ٻڌ سڌ تحت تحرير ڪيو آهي، سو محققن آثار قديمه ۽ آرڪيالاجي کاتي کي گڏجي اهو طئه ڪرڻ گهرجي ته آخرڪار ليلان چنيسر ڪٿي دفن ٿيل آهن ته جيئن ايندڙ نسل جي رهنمائي ٿي سگهي، ڇو ته شهدادپور ٻرهوڻ ۽ ٻڍو وسان کان سنڌڙي کپرو ۽ ڦلهڏيون ڪافي پنڌ تي واقع شهر آهن ۽ ايئن ئي شادي پلي به هتان يا انهن مٿين ٻنهي هنڌن کان ڪافي پري آهي، جنهن منجهان اهو اندازو يا پڪ ڪرڻ نهايت ئي مشڪل آهي ته آخر ليلان چنيسر جون قبرون يا مزار ڪٿي آهن، جن جو هيل تائين پتو نه پئجي سگهيو آهي.
08 موکي ۽ متارا
موکي ۽ متارن بابت تاريخ ۾ مختلف رايا ملن ٿا ڪراچيءَ ۾ ديھ موکي ۽ ديھ ناراٿر ۾ موکي ۽ متارن جون ڌار ڌار قبرون آهن، گڏاپ ڀرسان ڪونڪر کان اڳتي بنديجا کان اولھ طرف ڪجھ ڪلوميٽرن جي فاصلي تي ناراٿر جبل تي متارن جون قبرون آهن، جڏهن ته موکيءَ جي قبر موکيءَ جي مڪان/قبرستان ۾ آهي.
ناراٿر جبل
ناراٿر جبل تي هڪ ننڍڙي چوديواري ۾ ڇھ قبرون اندر ۽ هڪ قبر ٻاهر آهي، انهن مان ڪجھ قبرن تي متارن جا نالا به لکيل آهن، دلچسپ ڳالھ اها آهي ته اهي سڀ حاجي آهن، هڪ قبر تي حاجي حالار لکيل آهي، ٻي قبر تي محمد اسماعيل حاجي لکيل آهي، ٽين قبر تي اسحاق خان، چوٿين تي روستم ۽ پنجين تي يادگار اسماعيل حاجي لکيل آهي، ٻين قبرن تي نالا ناهن، پر سڀ هڪ جهڙيون آهن، چوديواري ۾ هڪ پٿر کي اهڙي طرح تراشي رکيو ويو آهي جو اهو پيالي جهڙو لڳي ٿو اهو پٿر اڄڪلھ ٻه ٽڪر ٿيل آهي.
متارن جي قبرن تي لکيل نالن مان خبر پئي ٿي ته اهي يا ته هڪ ئي خاندان جون قبرون آهن ۽ انهن مان ٽي ڀائر آهن، جيڪي حاجيءَ جا پٽ آهن يا اهي ذات جا حاجي آهن، انهن مان هڪ قبر تي حالار حاجي اڀريل لکڻي سان لکيل آهي ۽ باقي نالا پٿر کي کوٽي تراشي لکيا ويا آهن.
معلومات خاطر اوهان کي اهو به ٻڌائيندو هلان ته ناراٿر جبل جي اها چوٽي جتي متارن جون قبرون آهن، تنهن جي مٿين سطح تي چڙهڻ لاءِ اڃا به مٿي وڃبو ته اُتي هڪ 12 فوٽ ڊگهي قبر آهي، اها قبر ڪنهن جي آهي ان جي ڪا خبر ڪونهي. هيءَ قبر به عام قبرن وانگر آهي، البته ان تي عقيدتمندن پاران پڙ به چڙهيل آهن، پر جي متارن جي قبرن جي پٿرن کي صاف ڪري نالا پڙهجن ته انهن جا نالا به نمايان ٿي پوندا جڏهن ته هڪ قبر چوديواري کان ٻاهر پيراندي ۾ ساڳي ئي ڊزائين سان آهي، باقي انهن جي اٺين سنگتيءَ جو ڪو به ڏس پتو ڪونهي ڪو، مون ۽ لجپت راءِ ناراٿر ٽڪري مڪمل ۽ هر طرف جو جائزو وٺي گهمي ڏٺي ۽ مٿي چوٽيءَ تي چڙهي سڄي علائقي جو نظارو ڪيوسين، اسان کي ناراٿر ٽڪري هڪ قبرستان وانگر لڳي، جيڪو تمام آڳاٽو آهي، مٿي اتانهين چوٽي تي به قبرون نظر آيون ۽ حيراني ٿي ته ان دور ۾ ماڻهن مڙهن/ميتن کي مٿي ڪيئن پڄايو هوندو، جبل جي دامن ۾ به قبرستان آهي، جتي نيون ۽ آڳاٽيون قبرون پڻ موجود آهن، ناراٿر ٽڪري جي قبرستان بابت اهو به ذڪر آهي ته هتي جنگ لڳي هئي ۽ اهي قبرون جنگ ۾ مارجي ويل ماڻهن جون آهن، بهرحال ناراٿر جبل تي موجود جيڪي متارن جي نالن سان قبرون آهن، انهن تي وڌيڪ کوجنا جي ضرورت آهي، ڇو ته متارا جڏهن موکيءَ جي مئخاني تي ئي مري ويا هئا ته پوءِ انهن کي موجوده موکي جي قبر واري هنڌ کان ايترو پري اوچي ٽڪريءَ تي ڪيئن ۽ ڇو دفن ڪيو ويو؟
سائين گل حسن ڪلمتي جنهن ڪراچيءَ جي تاريخ ۽ ماڳن مڪانن تي وڏي تحقيق سان لکيو آهي، سوال اٿاريندي چوي ٿو ته ديھ موکيءَ ۾ جتي موکي جي قبر آھي ڇا اھا موکي جي قبر آھي؟
بدر ابڙي، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، استاد لغاري ۽ مون سميت ڪيترن محققن موکي ۽ متارا جي باري ۾ لکيو آھي، موکي جي جيڪا قبر آھي مون کي ياد ٿو اچي سڀ کان پهرئين فوٽو بدر ابڙي ڏنو ھو، اھا قبر ھڪ دڙي تي ديھ موکيءَ ۾ آھي جنهن سان گڏ ھاڻي قبرستان به آھي. تازو جڏھن 1915ع جي انگريز دور جي ديھ موکيءَ جي نقشي کي غور سان ڏٺم ته ھتي مقام جي بجاءِ لکيل آھي دڙو موکيءَ جو، ڇا ائين ته ناھي جو انهيءَ دڙي تي موکيءَ جو گهر ۽ مئخانو ھوندو ھو، ھتي ڪنهن قبر ٺاھي موکيءَ جي دڙي کي قبر ۾ تبديل ڪيو هجي، تنهنڪري انگريزن سروي وقت ھن کي موکي جو دڙو لکيو، جيڪڏھن قبر ھجي ته ضرور ”مقام“ لکن ھا، جتي به اھڙيون قبرون، قبر ۽ پراڻا قبرستان آھن، سروي وقت ھتي مقام لکيل ملي ٿو، دڙي جي مٿان آس پاس ٺڪراٺو گهڻو آھي، تنهنڪري ھن تي اڃا به تحقيق جي ضرورت آھي ته موکيءَ جو مئخانو ڪٿي ئي ھجي. اھڙيءَ طرح گڏاپ جا گهڻا ماڻهو متارن جي قبر کي ناراٿر جي ھيٺين چوٽيءَ بجاءِ مٿي آخري چوٽيءَ واري ڊگهي قبر ۽ ان سان گڏ ٻين قبرن کي چون ٿا، پر اسان مان گهڻن بنا تحقيق جي ھيٺ ھڪ رانڪ مطلب چوديواري ۾ ڇهن قبرن کي متارن جون قبرون چوڻ شروع ڪيو آھي، ڇهين ھڪ خاندان حاجي جي خاندان جون لڳن ٿيون، رومين جي اھا اڏاوت سمن جي دور جي آھي، جڏھن ته موکي متارن جو واقعو سومرن جي دور جو آھي.
منهنجي راءِ اھا آھي ته موکي ۽ متارن جي قبرن بابت نئين سر کوجنا جي ضرورت آھي ته جيئن اصل حقيقتون واضح ٿين ۽ موکي متارن جي قبرن جي به حتمي نشاندهي ٿي سگهي ته گڏوگڏ شاهه جي ڪردارن سان انصاف به ٿي سگهي ته جيئن ايندڙ نسلن کي ڪنهن به مونجهاري يا تضاد کان بغير واري تاريخ ملي سگهي.
09 مورڙو ميربحر
ڪراچي سنڌ ۾ گل ٻائي (گل ٻائي جمشيد مهتا جي امڙ جو نالو آهي هن چورنگي کان هڪ رستو هاڪس بي ٻيو رستو شير شاهه کان ٿيندو حب ريور روڊ ڏئي حب چوڪي، شاهه نوراني، دريجي بلوچستان ۽ ٽيون رستو ڪراچي شهر طرف ٿو وڃي، هتي ڪجھ عرصو اڳ ٽريفڪ جي رواني کي برقرار رکڻ خاطر اور هيڊ برج تعمير ڪئي وئي آهي) لڳ مورڙي جي ڀيڻ ۽ ڀائرن جون قبرون آهن، انهن ڇهن گهاتوئن ۽ سندن ڀيڻ سيرئين جون قبرون ست سئو سال پراڻيون آهن، مورڙي جو واقعو سومرن واري دور جو آهي، سنڌ جي تاريخ ۾ هيڻائي جي باوجود ڏاهپ ۽ سورهيائي جي علامت بڻجي جيئرو رهندڙ ڪردار مورڙي ميربحر جي ڀيڻ ۽ ڇهن ڀائرن مطلب ته شاهه جي هن سورمي ۽ سندس ڀائرن جون قبرون گل ٻائي چورنگي وٽ موجود آهن، جن جي مٿان هن وقت اوورهيڊ برج ٺهيل آهي جڏهن ته قبرون لاوارث حالت منجھ آهن بقول سائين گل حسن ڪلمتي صاحب جن جي ته مورڙي جي اصل مزار مسرور ايئر بيس جي اندر موجود آهي، جتي ايئر بيس وارا ڪنهن کي داخل ٿيڻ جي اجازت نه ڏيندا آهن.
ها ته ڳالھ پئي ڪيم گلبائي وٽ مورڙي ميربحر جي مزارن جي ته هتي جيڪي پراڻيون قبرون هيون انهن قبرن کي شهيد ڪري نئين سر ڀراءُ وجهي، مٿي ڪري ٺاهيون ويون آهن، جن جي چوڌاري هڪ سٺي ديوار اڏي ويئي آهي اڳ ۾ هتي ڪافي وڻ به هوندا هئا، جيڪي وڍي ختم ڪيا ويا آهن ۽ جيڪا ديوار ٺاهي وئي آهي، انهيءَ تي مورڙي جو نالو لکيو ويو آهي، جڏهن ته هئڻ ايئن گهربو هو ته جتي دروازي جي جاءِ ڇڏيل آهي، ڇو ته هيل تائين دروازو به نه لڳايو ويو آهي، اتي سنگ مرمر جي ڪتبي تي نالو لکيو وڃي ها يا وري سائن بورڊ هنيو وڃي ها، ڇو ته ديوارن تي لکيل نالا برساتين ۽ مختلف پارٽين طرفان لڳندڙ پمفليٽن جي ڪري ميسارجي ويندا، هتي خاص ڳالھ کي واضح ڪندي پڙهندڙن کي آگاهي ڏيندو هلان ته هنن مزارن کي اڃا تائين دروازو نه لڳايو ويو آهي، جڏهن ته دروازي جي جاءِ ڇڏيل آهي دروازي نه هئڻ سبب اسان جڏهن اندر وياسين ته اتي ڪافي سارا موالي ۽ هيروئني پنهنجي پنهنجي نشي ۾ دنيا کان بي خبر مصروف هئا، جيڪو عمل دل کي ايذائي رهيو هو، جنهن سان امر ڪردارن جي مزارن جي توهين ۽ بي حرمتي پڻ ٿي رهي هئي ۽ هڪ ٻه ڪتا پڻ اتي آزادي سان مزارن جي مٿان گهمي مزارن جو تقدس پائمال ڪري رهيا هئا.
انهيءَ جي ڪري سنڌ حڪومت آثار قديمه آرڪيالاجي کاتي سنڌ جي ثقافتي کاتي ۽ سياسي سماجي ڌرين وس وارن شاهه جي پارکن بلڪ پوري سنڌي قوم کي هن مختصر تحرير وسيلي اپيل ٿو ڪريان ته خدارا شاهه جي هن امر ۽ باغي ڪردار جي اهڃاڻ جي سار لهو سنڀال ڪيو، ڪٿي ايئن نه ٿئي جو سڀاڻي مورڙي ۽ سندس ڀائرن جي قبرن تي رڳو موالي هيروئني ۽ ڪتن کان سواءِ ڪجھ به نظر ڪين اچي، اميد ته وس وارا نوٽيس وٺي ڪو عملي قدم ضرور کڻندا.
اهڙيءَ ريت جتي جنهن شهر ۾ يا ڳوٺ ۾ شاهه جي ڪردارن، سورمين ۽ سورمن جون مزارون آهن، انهن جي سهڻي نموني سار لڌي وڃي ۽ انهن جي تحفظ خاطر جوڳا اپاءَ وٺي قومي ۽ تاريخي ورثي کي ايندڙ نسل خاطر محفوظ ڪيو وڃي، ڇو ته اهي ماڳ مڪان جتي لطيف جي سڃاڻپ آهن، اتي ئي سنڌي قوم جو سرمايو پڻ آهن، سو جي اسان ئي پنهنجي تاريخي ماڳن کي درگذر ڪري ڇڏينداسين ته ڪوئي ارغون يا ترخان اچي ڪا سنڀال نه ڪندو.
مددي حوالا:
انسائيڪلوپيڊيا/سنڌيانا
يوٽيوب
مختلف فيس بوڪي دوست
***

