عبدالحفيظ جوکيو: جنهن ڪاري جبل مال ماڙيءَ کان ڪراچي ماڙيپور تائين پورهيو ڪيو! :سنڌو سنڌي
ڪوھستان جي اورچ ڪردارن تي سنڌ جي نامور ليکڪه جنت علي محمد مُنگھاڻيءَ جو ڪتاب ”مانجو ڪوھستان“ پئي پڙھيم ته دل ۾ خيال آيو ڇو نه آئون به ج. ع منگھاڻيءَ وارن ڪاري جبل سان واسطو رکندڙ ڪوھيارن جي ڪردار تي لکان. ان ڏس ۾ ڪيترائي نالا ذھن تي تري آيا، جن بابت جيڪڏھن لکجي ته سنڌي ادب جي تخليقن ۾ نواڻ سان گڏ وڏو واڌارو ٿي سگھي ٿو. ان ڏس ۾ ڪاري جبل سان لاڳاپو رکندڙ پورھيت ڪردارن بابت لکڻ سان ايندڙ نسل کي اتساھ ملندو. ڇاڪاڻ ته ايندڙ وقت سرڪاري نوڪريءَ جو نه پر محنت ۽ پورھيو ڪري سنڌ جي آئيندي کي ٺاھڻ جو آھي.
ڪارو جبل سنڌ جي مشھور جابلو سلسلي کير ٿر جو مشھور جبل آھي، جنھن کي شاھ عبداللطيف کان علاوه ٻين لوڪ شاعرن به ڳايو آھي. ان جبل سان لاڳاپيل ھڪ تاريخي ڳوٺ مالماڙي جي واديءَ ۾ خوشخط اکر لکندڙ پرائمري استاد حاجي محمد بن خان محمد بن سکيه بن جانو جوکيو جي گھر ۾ پھرين ڊسمبر 1974ع تي ھڪ ڪمزور جسم جي ٻار جنم ورتو جنھن جو نالو سندس تيل مکڻ جي رسم ۾ مائٽن عبدالحفيظ رکيو. ياد رھي ته ھتي ڄاول ٻار جي پئدا ٿيڻ جي رسم يعني ”ڇٺيءَ“ کي ”تيل مکڻ“ چيو ويندو آھي، جنھن ۾ ٻار جي مٿي تي تيل ھڻڻ سان گڏ راڄ جا مرد مولود ۽ عورتون وري ڳيچ ڳائينديون آھن.
عبدالحفيظ کي مالماڙي جي تاريخي پرائمري اسڪول ۾ داخل ڪيو ويو، جتان ھن پرائمري پاس ڪئي. ڀرسان ئي ھلندڙ گورنمينٽ ھاءِ اسڪول مالماڙيءَ مان ھن 1993ع ۾ مئٽرڪ ڪئي. کيس جڏھن والدين ڪاليج ۾ موڪليو ته ھن پڙھڻ کان ھٽي ڪري محنت مزدوري ۽ پورھيو ڪرڻ جو شوق ڏيکاريو ته والدين کيس اجازت ڏني ته پڙھائيءَ سان گڏ پورھيو ڪرڻ ۾ به ڪو عيب ناھي. اھو ٻڌي ھن باقاعده ڪاروبار طرف پنھنجو لاڙو رکي مالماڙيءَ ۾ موجود مشھور جانواڻي تلاءُ ڀرسان ھڪ ڄار جي وڻ اندر چانھه جي اوطاق نما ھوٽل کولي. گڏوگڏ اسڪولن ٻاھران چڻا ٺاھي وڪرو ڪري سڀني کي پورھئي ۽ ڪاروبار جي شروعات ڪري حيران ڪري ڇڏيو.
گذريل صديءَ جي مالماڙي کي اڄ جي جديد مالماڙيءَ جي مقابلي ۾ سھولتن کان وانجھيل ۽ پراڻي مالماڙي چئي سگھجي ٿو، جتي ان زماني ۾ دڪانن جي بدران ھَٽ جو رواج ھو. ان لاءِ ڀلي ھڪ سئو کان ٻه سئو رپيا ئي ڇونه ھجن، ھٽ کولي ماڻھو وندر ڪندا ھئا. عبدالحفيظ نه صرف ثقافتي ڪچھرين ۽ بحثن لاءِ گڏ ٿي چانھه پيئڻ جي جڳھ (جنھن کي ھتي ھوٽل چون ٿا) کولي، پر ان کانپوءِ ھن ٺٽي ننگر مان ھڪ پيتي ورتي ان ۾ ٻارن جي ”واوا“ وٺي ننڍڙو ھٽ کوليو، جنھن مان پئسا گڏ ڪري ڪوشش ڪيائين وڏو ڪاروبار ڪريان. ڪوھستان ۾ ٻارن جي کائڻ جي شين کي ”واوا“ چئبو آھي. ان ڪاروبار ۾ کيس ننڍي سيڙپ تي وڏي اپت حاصل ٿي رھي ھئي ته پاڻ وڌيڪ ترقي ڪري سائي ڀاڄي جي وڪري ڏانھن آيو. ھن سائي ڀاڄي ٽماٽا، مرچ بصر، پٽاٽا وغيرہ جو به مالماڙيءَ ۾ ھڪ ننڍڙو ھٽ کوليو ھو، جنھن تان سڄي ڳوٺ وارن سودو خريد ڪيو.
ڪاري جبل مالماڙيءَ جي اونداھي گِيپَ ۾ بتي ٻارڻ مھل ننڍا توڙي وڏا سڀ گڏ ٿي ٻرندڙ اوئيس ڏسندا ھئا. ھن ننڍڙن ٻارن ۾ روشني جو شوق پئدا ڪرڻ لاءِ ڪجھ بتيون ٻاريندڙ شيون جھڙوڪ: ڦٽاڪا، سُسراليون ۽ آڳھيسر جي پلاسٽڪ جي شين جو ڪاروبار ڪري مالماڙيءَ جي ٻارن کي رات جو جھنگ ۾ بتين سان سرھو ٿيڻ جا موقعا ڏنا. اھي ٻار ڪاڄ توڙي عيد جي موقعي تي تمام گھڻو خوش ٿيندا ھئا. ان کانپوءِ ھن جو وري چوپائي مال جي جانورن طرف لاڙو ٿيو. ھن اٺ، ڳئون، ڍڳا ۽ ٻڪريون ڌاريون ۽ انھن کي جھنگ ۾ چارڻ دوران سندس مالوند ماڻھن سان ٿيل دوستي سڀني کي ياد آھي. وسيل جي بٺيءَ تان عبدالمنان سان گڏ وڃي مائو وٺندو ھو. سندس چاچو محمد بلاول ڍڳن جو پراڻو خفتي آھي، جنھن سان سندس ھجت ھجڻ ڪري سندس ڍڳن سان گڏ ھو. ڪوھستان جي علائقي ۾ پنھنجون اباڻيون زمينون يعني کيٽ به آباد ڪيائين. مال پالڻ ۽ زمين جو ڪم ڪار وڏي شوق سان ڪري مزدوري ڪندو رھيو. ھن پنھنجي زندگي ڪاروبار، محنت مشقت ۾ ھڻي ڇڏي.
عبدالحفيظ مالماڙي کانپوءِ گجو ۾ محنتون ڪيون پئي، اتي سندس ڪراچي ۾ رھندڙ چاچا حافظ محمد جوکيو کيس ڪراچي گھرايو. حافظ محمد جوکيو خود ھڪ ڪاروباري ھجڻ ڪري، چاچو ڀائيٽو ٻئي پاڻ ۾ ملي ويا ۽ گڏجي ڪاروبار ڪيائون. حافظ محمد پنھنجي ڀائيٽي کي ماڙيپور لڳ سنڌي ڳوٺ گريڪس ۾ الفيصل ڪولڊ ڪارنر تي رکيو. جتي عبدالحفيظ پنھنجي چاچي جي گھر ماڙيپور ۾ رھندو ھو. ياد رھي ته ماڙيپور ۾ ھي اھو گھر ھو جتي مالماڙي جو پھريون اديب ۽ ليکڪ جناب عبدالعزيز جوکيو به رھيو. حافظ محمد جي دڪان کي عبدالحفيظ سنڀاليو ۽ پنھنجي چاچي جي صلاح تي عمل ڪندي محنت ڪئي. ساڻس گڏ مشھور نوجوان شاعر احسان اللہ آگم جوکيو به ٻانھن ٻيلي ٿي ھلندو ھو. عبدالحفيظ اتي سنڌي کان علاوه بلوچي، مڪراني، جدگالي ۽ ٻيون ٻوليون به سکيون. ان وقت ڪراچي ميرين اڪيڊمي ۾ مشھور ليکڪ الطاف شيخ رھندو ھو، جنھن سان سندس دوستي ٿي ۽ ان کيس پنھنجا ڪتاب به تحفي ۾ ڏنا.
عبدالحفيظ جڏھن چاچا حافظ محمد جي دڪان الفيصل ڪولڊ ڪارنر تي ڪم ڪندو ھو، اتي گاڏين جي ايڏي رش ٿيندي ھئي جو ماڙيپور روڊ ڳاڙھي ڪنوار وانگر جاتيرين گاڏين سان سينگارجي ويندو ھو. ساڻس گڏ ٻيا مزدور به ھوندا ھئا. 14 آگسٽ ۽ آچر ڏينھن گرمين ۾ پير رکڻ جي جڳھ ڪونه ھوندي ھئي.
سندس سادي طبيعت ۾ سخاوت ۽ دوستن سان ڪوبه حساب نه ڪرڻ جي عادت ھئي، جيڪو وٽس ويندو ھو ان جي محبتن سان گڏ ھر ممڪن مدد ڪندو. ھو سڀني کي موٽ ۾ ”جيءُ جيءُ“ چوندو ھو، جيڪا ڪوھستان جي رھڻي ڪھڻي جي ثقافت آھي. چوندا آھن شوق جو ڪو ملھ ناھي. عبدالحفيظ جو شوق مال وجھ تي ھو. جنھن ڪري نقصان به کائيندو ھو. اوڌر سوڌر به ڪندو ھو، پر پوءِ به پنھنجي شوق کي ترڪ نه ڪيائين ۽ ڪاروبار جاري رکيائين. ماڙيپور ۾ رھندي، گريڪس روڊ تي بلال مدرسي سامھون چاچا حافظ محمد جي ”جوکيا نرسري“ جڏھن ھن ڏٺي ته مالماڙي مان قرباني جي عيد تي عبدالحفيظ چوپايو مال وٺي ٻه کان ٽي سال لڳاتار مال پڙي لڳائي، اھو ڪاروبار به ڪيو. ان دوران کيس مصروفيت گھڻي ٿي وئي. ڇاڪاڻ ته پنھنجي چاچي محمد بلاول جي وڏي نياڻيءَ سان 9 ڊسمبر 2009ع تي مڪلي ۾ سندس شادي ٿي. شادي کانپوءِ ھن پنھنجي فيملي کي به گريڪس ۾ ھڪ ننڍڙي گھر ۾ رھايو. اللہ جي فضل ڪرم سان کيس ٻه نياڻيون ندا حفيظ، تسنيم حفيظ ۽ ھڪ پٽ جونيئر حاجي محمد بن عبدالحفيظ جو اولاد ٿيو.
زندگي جو سلسلو ھلندو رھيو، ھن پنھنجي زندگي پنھنجن ٻچن مٿان وقف ڪري ڇڏي. ڪڏھن به ٻچن کي ڪابه تڪليف نه ڏنائين. ھميشه ٻچن مٿان نوٽ ڪمائي وسائيندو رھيو. گھر ۾ آيل مھمانن مٿان به دل کولي خرچ ڪندو ھو. ايتري قدر جو مالماڙي مان ايندڙ مھمان ماروئڙن کي واپسيءَ مھل سڀني کي خرچين سان به رواڻيندو ھو. چوندا آھن ضرورت ايجاد جي ماءُ آھي. سندس ڪولڊ ڊرنڪ جو دڪان ھو. سياري جي موسم منجھ اھو بند ھو ته پاڻ منرل واٽر جو ڪاروبار ڪيائين. ان ڏس ۾ منرل واٽر جي مختلف ڪمپنين کان اوڌر تي پاڻي کڻي ماڙيپور، گريڪس، نيول ڪالوني، مشرف ڪالوني، جاويد بحريه کان علاوه مورڙي جي ماڳ جي مشھور جڳھ جتي مورڙا دفن آھن، يعني گلان ٻائي تائين پھريان پنڌ ئي پنڌ ۽ پوءِ سوزوڪي وٺي، ان ۾ پاڻيءَ کي وڪيائين. سندس ڳچ ماڻھو: ننڍا توڙي وڏا، آفيسر توڙي پورھيت، پاڻيءَ جا گراھڪ ٿيا. اللہ سائين کيس ايڏي طاقت ۽ ھمت ڏني جو ھو سڄو ڏينھن ڪولڊ ڊرنڪس بوتلن جي ڪريٽن جا ڪريٽ کڻندو ھو ۽ گھر گهر وڃي پاڻي جا ڪين ڪلھن تي رکي پيادل به پهچائيندو ھو! کيس ھر ماڻھو اھو چوندو ھو ته پنھنجي صحت جو خيال رک، پر ھن ھڪ به نه ٻڌي، چوندو ھو ته جيسين ھجون جيئرا ته ڪبي محنت! ان دوران آھستي آھستي سندس طبيعت خراب ٿيڻ لڳي، پر ان باوجود ھن ھمت نه ھاري ۽ دڪان تي محنت ڪندو رھيو. سندس پيءُ ۽ ان کانپوءِ چند سالن ۾ ئي سندس ڀلوڙ چاچو حافظ محمد جوکيو به اللہ کي پيارو ٿي ويو ته پاڻ دل ننڍي ڪري وڏا ڏسڪا ڀري رنو ھو.
الفيصل ڪولڊ ڪارنر گريڪس ڳوٺ لڳ سندس گھر ۾ طبيعت خراب ٿي ته حڪيمن، پيرن ۽ فقيرن کان دعا وٺڻ سان گڏوگڏ جناح اسپتال جي اورل سرجري ڊپارٽمينٽ ۾ ڏيکاري دوا ورتائين. ڪجھ ڏينھن جي لاءِ ٿورو گھڻو فائدو ٿيندو ھئس، پر مستقل کيس وات ۾ زخم ٿي پيا ھئا. جناح اسپتال جي سرجن ڊاڪٽر ڪنزه فاطمه جيڪا جسارت جي شاگردياڻي آھي، ان کيس بائيوپسي جو چيو، جيڪا ھن ڪرائي ۽ ان ۾ خطرناڪ بيماري ڪينسر ظاھر ٿي، پر پوءِ به ھن ھمت نه ھاري ۽ بيماري سان وڙھندو رھيو. پنھنجو ڪاروبار جاري رکيائين. جيتوڻيڪ جناح اسپتال جي 20 سالن جي ماھر تجربيڪار پروفيسر کيس فورن داخل ٿي، علاج جي صلاح ڏني، پر پاڻ نه مڃيائين. نيٺ جڏھن تڪليف وڌندي وئي ته 28 سيپٽمبر 2018ع تي جناح وارن آپريشن جي تاريخ ڏني. سندس روز اتي اچڻ وڃڻ ٿيندو ھو. اتي ڊاڪٽر ڪنزه پڻ سندس تمام گھڻي مدد ڪئي. ڊاڪٽرن سان رابطا ڪرڻ مٍ عبدالحفيظ کي مريض نہ پر ھڪ سڳو ڀاءُ سمجھي علاج ڪيائين. ھڪ ڀيرو گريڪس ۾ سندس گھر تي به ڊاڪٽر ڪنزہ فاطمه کي آئون وٺي ويس.
علاج دوران اوچتو اسپتال ۾ ڊاڪٽرن جي مطالبن جي مڃتا لاءِ ھڙتال ٿي وئي. ان دوران سندس وڏو ڀاءُ عبدالرحيم حج تي ويل ھو. جنھن اتان کان رابطو ڪري کيس جلد آپريشن لاءِ آماده ڪيو. ايئن کيس ڀائر عبدالوحيد ۽ عبدالباري سول اسپتال وٺي ويا، جتي نئين سري سان سندس ٽيسٽون ٿيون ۽ سول وارن پنھنجو علاج شروع ڪيو. اتفاق سان جنھن ڏينھن ڀاءُ عبدالرحيم حج تان واپس اچي ان ڏينھن يعني 5 آڪٽوبر 2018ع تي سندس آپريشن رکيل ھئي. ھيڏانھن وڏو ڀاءُ حاجي حج تان آيو، ھوڏانھن ست ڪلاڪ سندس آپريشن ھلي. آپريشن کانپوءِ ڇھ مھينن تائين عبدالحفيظ جي طبيعت بلڪل ٺيڪ ھئي. ھفتي ۾ ھڪ دفعو ڪيمو ٿراپي جي لاءِ مڪليءَ کان ڪراچي سول اسپتال ويندو ھو. ھو مڪليءَ کان صبح جو سوير نڪرندو ھو. واپس ڪيمو ٿراپي ڪرائي رات جو پنھنجن ٻچن وٽ مڪلي گھر ويندو ھو. چوندو ھو ھاڻي آئون بلڪل ٺيڪ ٿيندو پيو وڃان کاڌو وغيرہ به کائي پيو سگھان، پھرين کان ڪمزوري ختم ٿيندي پئي وڃيم. سندس بدن ۾ ڪجھ سگھ واپس اچي رھي ھئي پوءِ سڀ سئوٽ، ماسات خوش ٿيندا رھيا ته ھاڻي کيس پرواھ ناھي ۽ علاج ھلي پيو ته آھستي آھستي طاقت ملندس ۽ اڳوڻي جھڙو ٿيندو.
ڪجھ ئي ڏينھن ۾ سول اسپتال اچڻ وڃڻ دوران وري به ٿوري ٿوري ڪمزوري ظاھر ٿيڻ لڳس ۽ طبيعت خراب ٿي پيس. ڪراچي سول اسپتال کانپوءِ وري ٻي اسپتال ”ڪرن“ اسپتال ۾ ريڊيو ٿراپي يعني شعاعن ذريعي علاج شروع ٿيو ٻه مھينا ھليو. ڪمزوري ۾ سندس طبيعت تمام گھڻو خراب ٿي پئي. ھمت وري به نه ھاريائين ۽ سياري جي موسم ۾ ٿڌي ھوا ۾ ڪڏھن ڪراچي جي بسن ۾ ته ڪڏھن ڪرائي جي ٽيڪسيءَ ۾ وڏا سفر ڪيائين. سندس ڀائر واري واري سان ساڻس گڏ ايندا ويندا ھئا ته ڪڏھن ڪڏھن اھڙي حالت ۾ اڪليو به ھليو ويندو ھو. ھن ڪڏھن به ھاءِ گھوڙا نه ڪئي. تڪليف ۾ به سڀني گھروارن کي دلداريون ڏيندو رھيو ته مون کي ڪجھ به ناھي ۽ صفا ٺيڪ آھيان. سندس دل وڏي ھئي آخري دم تائين! ھڪ ڏينھن صفا ناچاق ٿي پيو ته ادا حاجي عبدالرحيم ٽيڪسي واري کي چيو جيڪو اجھو ئي گھر اچي ويو. ڪنھن کي به اھا خبر نه ھئي ته سندس ھي گھر مان نڪري وڃڻ ڪو آخري ڀيرو آھي! سندس معصوم گلڙن جھڙا ننڍڙا ٻچا ننڊ ۾ ستل ھئا…! ٻارڙن کي ننڊ ۾ ستل ڇڏي پنھنجي گھر واريءَ کان موڪلائي، جيجل امڙ جي قدمن ۾ ڪِري چمي امڙ کان دعا وٺي، گھر طرف واجھائيندو، حاجي عبدالرحيم ۽ عبدالوحيد سان گڏ صبح ساجھر نڪري ويو…!
اهي سول اسپتال ڪراچي پھچي ويا جتان کان وري ھڪ بھترين ۽ عاليشان ڪينسر جي مشھور وڏي اسپتال ”المحراب طبي امداد اسپتال“ ڪراچيءَ ۾ ريفر ٿي پھتو. جتي سندس ھڪ مھيني تائين سٺو علاج ھلندو رھيو. اتي ڊاڪٽرن چيو رت جو بندوبست ڪريو ۽ ٽيسٽون ڪرايو. جتان کان وري سول اسپتال ويا، جتي رت چڙھندو رھيو. الائجي ڪيتريون 30 کان مٿي اڇي رت جون بوتلون ۽ ٻيون عام رت جون ٿيلھيون کيس لڳيون، پر فرق نه پيو. وري ٽيسٽون ٿيون ۽ وري رت جي ڪمي خبر پئي ته وري رت لاءِ سمورن ڀائرن، دوستن، مائٽن ۽ راڄ وارن رت ڏنا. ياد رھي ته پاڻ به زندگيءَ ۾ ڪل 10 کان 15 ڀيرا رت ڏيئي چڪو ھو، ان ڪري سڀني کيس وڏي رضامندي سان رت ڏنا. پاڻ سدائين سڀني جي جان بچائڻ لاءِ بيمار مريضن وٽ يڪدم پھچي ويندو ھو. اگر انھن کي رت جي ضرورت پوندي ھئي ته چوندو ھو، آئون حاضر آھيان. انھن کي پنھنجو رت ڪڍرائي ڏيندو ھو. ھو وٽن ميوون ۽ جوسن سان ڀرجي ويندو ھو ۽ مريضن کي خرچي به ڏيندو ھو. سماجي ڪم ڪندي، ڪڏھن به پنھنجو پاڻ کي ظاھر نه ڪيائين. سندس سڀني مائٽن آخر تائين مدد ڪئي. اسپتال ۾ وڃي کيس پڇيائون. انھن سڀني کي ڏسي عبدالحفيظ ڏاڍو خوش ٿيندو ھو. آخري ڏينھن ۾ آئون به جسارت سان گڏ المحراب طبي امداد اسپتال شاھراهه فيصل ڪراچي ويس. سندم پياري ڀاءُ عبدالحفيظ جي تڪليف کي آئون ڏسي ڏاڍي رنس!! مون کي جسارت اشارو ڏنو ته ٻاھر وڃان… پوءِ ته مون زوريءَ، پنھنجو پاڻ کي، روئڻ کان روڪيو… اتي ڏٺم ته عبدالحفيظ جي اکين مان به لڙڪ اچي ڪريا.
لڙڪن سان جي ھجي مون اجازت
ته ڪر روئي، ڀريان سڄو ”سنڌو“!
عبدالحفيظ جي سامھون ٽيبل تي ڪاغذ رکيل ھئا. ڪاغذن طرف اشارو ڪري چيائين جيڪو مون ڪونه سمجھيو. عبدالباري ساڻس گڏ ھو. ان کان پڇيم ته عبدالحفيظ ڇا ٿو چوي؟ ان ٻڌايو ته پاڻ چوي ٿو ته جسارت کي ڪاغذ ڏيکار ته ڏسي ٻڌائي ته اڃان آئون ھتي ڪيترا ڏينھن ھوندس.!! کيس پڙڪاءُ پئجي ويو ھو ته ھو چند ڏينھن جو مھمان آھي، پر ڳالھائڻ ھو ئي ڪونه جو ڪجھ ڪُڇي، ڪي ٻول ٻولي ۽ درد سوري!! اشارن ۾ مون کي چيائين، منھنجي لاءِ دعا ڪرائج، سڀني کان ۽ امان کي چئجو ته منھنجي لاءِ دعا ڪري! منھنجا ٻار سڀ ٺيڪ آھن؟ ننڍڙو بابا؟ ندا ۽ تسنيم سڀني کي منھنجا سلام ڏج ۽ رابعه، ننڍڙي امان ۽ ننڍڙو صفوان سڀني کي، منھنجي سڀني ڀاڄائين سميت سلام ۽ دعا لاءِ عرض ڪج! ان مھل مون کي اھا خبر نه ھئي ته عبدالحفيظ سان ڪا ھيءَ منھنجي آخري ملاقات آھي!! خير آئون موڪلائي نڪري ھلي آيس، پر رستي ۾ منھنجي دل ڏاڍو اداس ھئي!! اسان جو انھن ڏينھن ۾ وري ڄامشورو ۾ رھڻ ھوندو ھو. جسارت، سنڌ يونيورسٽي ۾ ريسرچ ۾ ڏاڍو مصروف ھوندو ھو. ان ڪري اسان به رينٽ واري گھر ۾ رھيل ھئاسين. ھڪ ڏينھن، تڏھن به مون وڊيو ڪال ڪري عبدالباري کان حال احوال ورتو، پر عبدالحفيظ آرام ۾ ستل ھو.
بس ھڪ يا ٻن ڏينھن ۾ ھڪ رات 9 وڳي عبدالحفيظ جي طبيعت وري تمام گھڻو خراب ٿي وئي. ڊاڪٽر آيو، جنھن اچي ڏسي چيو ته جناح اسپتال وڃو. ھن ليٽر لکي ريفر ڪيو. عبدالوحيد وري سئوٽ فيصل عزيز بن حافظ محمد کي فون ڪري گھرائي ورتو ۽ اتان کيس جناح اسپتال کڻي پھتا، پر جناح وارن جواب ڏنو. منٿ ڪرڻ تي آخر ۾ آءِ سي يو ۾ رکيائونس. ڊاڪٽرن چيو ته جي اڄوڪي رات خير جي نڪري وئي ته چانس آھن ته زندگي بچي ويندي. رات جو ٻارنھن وڳي، عبدالحفيظ جي وڏي ڀيڻ ۽ ان جو گھر وارو عبدالنبي جوکيو به مورڙي ماڳ سعيد آباد لڳ حب چوڪي روڊ کان جناح پھچي ويا. ڀيڻ کي ڏسي، ڪنڌ لوڏي اک جي اشاري سان ڳالھائڻ جي ڪوشش ڪيائين. ھٿن جون ٽي آگريون (ٽن ٻارن جي پارت ڪندي) کڻي اشارا ڏنائين… ته سندس ھڪڙي اک مان لڙڪ ھيٺ ڪري پيو! بس زندگي جا آخري لمحا ھئا. سانڀائي مھل 4 لڳي 15 ٿيا ته ان مھل، ڪاري جبل جو ھي ڪوھيارو، پنھنجا ٻچا ٻار، ڀائر ڀينرون، سئوٽن ماساتن جا ولر، ڌڻ اللہ جي ڏنل نعمتن جا، کيٽ، ٻني ٻارا، گھر، وڻ، جبل جون اڌوڪون ۽ ھزارين يادون ڇڏي، نيٺ ڌڻيءَ سان وڃي ملي سُکي ٿيو!! آئون ان وقت ڄامشوري واري گھر ۾ ھيس. مون کي وڏي ڀاءُ حاجي عبدالرحيم فون ڪئي. ان مھل زارو زار رئڻ لڳيس… اکين مان رت جا ڳوڙھا ڳاڙي روئيندي رھيس…! پر رب سائين جي رضا تي راضي به رھڻو آھي.
کيس 18 اپريل 2019ع تي خميس ڏينھن، يعني جمعي جي رات تاريخي مُقام جنگشاھي پير ۾، بابا حاجيءَ سان لڳ، مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو! آخري سفر ۾ آئون پنھنجي ڀاءُ سان گڏ مڪليءَ کان جنگشاھي ويس. پيارا حفيظ! وري به آخر ۾ لکندي لکندي؛ توکي دل ۽ جان سان دعائون ٿي ڏيان ته اللہ تنھنجا درجا بلند ڪري! آمين… انشاءَ اللہ پيارا عبدالحفيظ جوکيه! قيامت ڏينھن ملنداسين! پوءِ الله واھي!

