بلاگخاص

بينظير بعد پاڪستان ۾ مشهور ترين عورت

الطاف شيخ جو سفر نامون “بنارس کان برموڊا تائين” مان کنيل

بينظير بعد پاڪستان ۾ مشهور ترين عورت

الطاف شيخ

نواب آف پٽوڊي منصور علي خان جي زال شرميلا ٽئگور بنگال جي آهي ۽ نوبل انعام يافته رابندر ناٿ ٽئگور جي خاندان سان هن جي پري جي مائٽي آهي. دراصل اوڻيهين صدي جي آخري سالن ۾ گاگيندرا ناٿ نالي هڪ بنگالي پينٽر جون ٺاهيل تصويرون دنيا ۾ بيحد مشهور ٿيون ۽ اڄ تائين آرٽ جي دنيا ۾ هن جو وڏو نالو آهي. شرميلا ٽئگور هن آرٽسٽ جي پڙ پوٽي ۽ ڪانا ڪندر ناٿ جي پوٽي آهي. شرميلا 1944ع ۾ حيدرآباد دکن ۾ ڄائي جِتي سندس پيءُ گِيتندر ناٿ ٽئگور ايسٽ انڊيا ڪمپني جي هڪ ڪارخاني جو مئنيجر هو. حيدرآباد دکن ۾ رهڻ ڪري شرميلا جي اردو سٺي آهي ۽ ڪانوينٽ اسڪولن مان پڙهڻ ڪري انگريزي پڻ سٺي ڳالهائي ٿي.

شرميلا ۽ پٽوڊي (منصور علي خان) کي ٽي ٻار آهن: انڊيا جي بالي ووڊ جو مشهور ايڪٽر سيف علي خان ۽ ٻه ڌيئرون: فلم ايڪٽريس سوحا علي خان ۽ زيورن جي مشهور ڊزائنر صبا علي خان.

نواب پٽوڊي ۽ سندس زال شرميلا ٽئگور کان جيترو اسان جي ٽهي واقف هئي ان کان وڌيڪَ اڄ جا نوجوان بالي ووڊ جي ايڪٽر سيف علي خان کان ۽ سندس ڪنوار ڪرينا ڪپور کان آهن جيڪا پڻ بالي ووڊ جي ٽاپ ايڪٽريس آهي جنهن جا مختلف اشتهار صابڻ ۽ شئمپو کان ڪارن ۽ ٽي وي تائين تي، سندس تصويرون نظر اچن ٿيون.. ۽ نه فقط پنهنجي ملڪ انڊيا ۾ يا دبئي، سري لنڪا، نيپال، بنگلاديش ۾ پر اسان جي ملڪ جي به شهر شهر ۽ ڳوٺ ڳوٺ ۾ ڪرينا ڪپور جون تصويرون بل بورڊن، رسالن، اخبارن ۽ ٽي وي تي ايندڙ اشتهارن ۾ نظر اچن ٿيون… سو ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته اسان جي ملڪ جا ماڻهو شهيد بينظير ڀُٽو بعد ٻئي نمبر تي ڪرينا ڪپور کي سڃاڻن ٿا.

اسان جي جواني وارن ڏينهن ۾ يعني سٺ واري ڏهي ۾ جِتي شرميلا ٽئگور، ممتاز، وجينتي مالا ۽ آشا پاريک جهڙيون بالي ووڊ جون اداڪارائون مشهور ٿيون اتي سنڌ کان لڏي آيل سنڌي هندو ڇوڪرين پڻ فلمن ۾ نالو پئدا ڪيو. انهن سڀني ۾ گهڻي مشهور ۽ سهڻي ساڌنا هئي.. يعني تن ڏينهن ۾… هينئر ته اهي سڀ جيئريون آهن به ته اسان وانگر ستر سالن کان وڌيڪَ پوڙهيون ڏاڏيون نانيون هونديون. بهرحال ٻئي نمبر تي ڪمود ڇڳاڻي هئي ۽ ٽئين نمبر تي ساڌنا جي ڪزن ببيتا شِو ڏاساڻي هئي.

ساڌنا پنهنجي ايڪٽنگ جي شروعات سنڌي فلم “اباڻا“ سان ڪئي ان بعد لو ان شمله، ميري محبوب، وقت، وه ڪون ٿي ۽ راجڪمار جهڙين فلمن ۾ هيروئن ٿيڻ بعد سگهوئي فلم ڊائريڪٽر آر. ڪي نير سان شادي ڪري گهر وڃي وسايو. ان بعد وري فلمن ۾ نظر نه آئي. ببيتا ساڌنا کان چار پنج سال ننڍي آهي ۽ سندس پيءُ هري شو ڏاساڻي پڻ پنهنجي وقت جو هلڪو ڦلڪو ايڪٽر هو. ببيتا جي ماءُ هيرآباد (حيدرآباد) جي ڪرسچن هئي جنهن جي گهر ۾ منهنجا ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو جا ڪلاس ميٽ ۽ درٻيلي جي جج مخدوم عبدالوالي جا پٽ احمد حسين مخدوم ۽ خالد حسين ننڍي هوندي انگريزي ٽيوشن پڙهيا.

ببيتا شادي تائين ويهارو کن فلمن ۾ ڪم ڪيو، جهڙوڪ: دس لاکهه (1966ع)، فرض (1967ع)، حسينه  مان جائي گي (1969ع)، اولاد، ڪب، ڪيون اور ڪهان… وغيره. 1971ع ۾ سندس شادي راج ڪپور جي پٽ رنڌير ڪپور سان ٿي ۽ ڪپور فئملي جي رواج موجب هن کي فلمون ڇڏي گهر وسائڻو پيو. کين ٻه ٻار (ڌيئون) آهن: ڪرشما ڪپور ۽ ڪرينا ڪپور… جيڪي ٻئي فلمي ايڪٽريس آهن. ڪرشما ڪپور (ڄم جو سال 1974ع) پريم قيدي، اناڙي، راجا بابو، سهاگ، قولي نمبر 1، سجن چلي سسرال جهڙين فلمن ۾ ڪم ڪيو آهي ۽ ڪيترائي ايوارڊ حاصل ڪري چڪي آهي. سندس مڱڻو اميتاڀ بچن جي پٽ اڀيشيڪ سان ٿيو جنهن جو اعلان 2002ع ۾ اميتاڀ بچن جي 60 هين سالگره جي موقعي تي ڪيو ويو هو، پر پوءِ ڪجهه مهينن بعد اهو ختم ڪيو ويو ۽ ڪرشما 2003ع ۾ سنجي ڪپور نالي هڪ سک ڪارخانيدار سان شادي ڪئي جنهن مان کيس ٻه ٻار: هڪ ڌيءَ سمائرا ۽ هڪ پٽ ڪيان راج ڪپور آهن. سندن تازو گذريل سال عليحدگي ٿي آهي ۽ ڪرشما ٻارن سميت پنهنجي ماءُ ببيتا سان گڏ رهي ٿي.

ببيتا ۽ رنڌير ڪپور جي ننڍي ڌيءَ ڪرينا ڪپور 1980ع ۾ ڄائي ۽ بالي ووڊ فلمن ۾ وڏو نالو پئدا ڪيو اٿس خاص ڪري رفيوجي، ڪبهي خوشي ڪبهي غم، چميلي، جب وي ميٽ، باڊي گارڊ، قربان ۽ هيروئن وغيره. سندس گذريل سال (2012ع ۾) نواب آف پٽوڊي جي پٽ سيف علي خان سان شادي ٿي آهي. ڪرينا بالي ووڊ جي اداڪارائن ۾ ڪافي پڙهيل ڳڙهيل آهي. پاڻ بنيادي تعليم جمنا ٻائي پارسي اسڪول مان حاصل ڪرڻ بعد ديراد ون جي ويلهم گرلس اسڪول مان پڙهي جِتان پوءِ ممبئي جي مِٺي ٻائي ڪاليج مان ڪامرس ۾ گريجوئيشن ڪيائين. ان بعد مائڪرو ڪمپيوٽر جي تعليم آمريڪا جي هارورڊ يونيورسٽي مان حاصل ڪيائين. بعد ۾ هن کي Law پڙهڻ جو شوق ٿيو ۽ ممبئي جي گورنمينٽ ڪاليج آف لا ۾ داخلا ورتائين ان بعد کيس ايڪٽنگ جو شوق ٿيو ۽ ”ايڪٽنگ انسٽيٽيوٽ آف ممبئي“ مان تعليم حاصل ڪرڻ بعد فلمي دنيا ۾ آئي. ڪرينا جي سس شرميلا ٽئگور جڏهن منصور علي (نواب آف پٽوڊي) سان شادي ڪئي هئي ته هوءَ هندو مان مسلمان ٿي هئي، پر ڪرينا ۽ سندس مڙس سيف علي خان جي وچ ۾ اهو طئي ٿيو آهي ته ڪرينا پنهنجو هندو ڌرم ئي قائم رکندي. ڪرينا پنهنجي مڙس سيف علي خان کان 10 سال ننڍي آهي.

1971ع کانپوءِ جيتوڻيڪ انڊيا سرڪار هندستان جي سڀني نوابن جي قانوني حيثيت ختم ڪري ڇڏي آهي، پر خانداني ريتن رسمن کي قائم رکڻ لاءِ سيف علي خان جي پيءُ منصور علي خان (پٽوڊي جي نائين نواب) جي 2011ع ۾ وفات تي ”پڳڙي“ رسم رچائي وئي جنهن ۾ سيف علي خان کي پٽوڊي خاندان جو ڏهون نواب قرار ڏنو ويو. سيف علي خان 1970ع ۾ نيو دهلي ۾ ڄائو. سندس پهرين فلم 1992ع جي يش چوپڙا جي ”پرمپرا“ هئي سندس ڪامياب فلمون 1994ع جون ”مين کلاڙي تو اناڙي“ ۽ ”يه دل لگي“ ثابت ٿيون. ان بعد ڏهاڪو کن سال ڪو ٻوٽو نه ٻاريائين، پر پوءِ 2003ع ۾ ”ڪل هو نا هو“ ۽ 2004 ۾ فلم ”هم تم“ ۾ فلم فيئر ۽ نيشنل ايوارڊ حاصل ڪري نالو روشن ڪيو اٿس.

سيف علي خان جي ڪرينا ڪپور سان ڪا پهرين شادي نه آهي. 1991 ۾ هن فلم ايڪٽريس امرتا سنگهه سان شادي ڪئي جنهن مان کيس هڪ ڌيءَ سارا علي ۽ هڪ پٽ ابراهيم خان آهي. 2004ع ۾ طلاق ٿيڻ بعد ٻئي ٻار ماءُ وٽ رهن ٿا.