سنڌ جي گورنر ۽ وڏي وزير جي ملاقات، وفاق ۽ صوبي ۾ لاڳاپا بهتر بڻائڻ تي اتفاق
گورنر هائوس جي ترجمان مطابق سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاه وفد سميت گورنر هائوس پهتو. جتي هن سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل سان ملاقات ڪئي. هن ملاقات ۾ لوڪل گورنمينٽ وارو صوبائي وزير سعيد غني، صوبائي وزير مڪيش چاولا۽ مرتضيٰ وهاب کان علاوه سنڌ اسيمبلي ۾ حزب اختلاف جو اڳواڻ فردوس شميم نقوي ۽ پي ٽي آءِ جو پارلياماني ليڊر حليم عادل شيخ به موجود هئا. ترجمان مطابق ملاقات ۾ ورڪنگ رليشن کي بهتر بڻائڻ سان گڏ دلچسپي جي معاملن تي غور ڪيو ويو. جڏهن ته عوام جي مفاد ۾ رابطن کي بهتر بڻائڻ جي ضرورت تي به زور ڏنو ويو. ترجمان مطابق گورنر ۽ وڏي وزير سنڌ جي عوام جي بهتريءَ لاءِ وفاق ۽ سنڌ حڪومت وچ ۾ رليشن شپ کي بهتر بڻائڻ کان علاوه سنڌ اسيمبليءَ جي ماحول ۾ بهتري آڻڻ تي به اتفاق ڪيو.