تاريخ 28 فيبروري جي صبح جو لڳ ڀڳ 9:32 وڳي دنيا هڪ اهڙي خبر سان ڏڪي وئي، جنهن عالمي سياست، معيشت ۽ سيڪيورٽي جي صورتحال کي مڪمل طور بدلائي ڇڏيو. رپورٽن موجب سئو کان وڌيڪ آمريڪي ۽ اسرائيلي جنگي جهازن ايران جي گادي واري شهر تهران تي وڏو حملو ڪيو. ان حملي دوران هڪ اهم فوجي ڪمپائونڊ تي ٽيهه کان وڌيڪ بم ڪيرايا ويا. ان حملي جي نتيجي ۾ ايران جو سپريم ليڊر آيت الله علي خامنائي پنهنجن ڏهن اهم فوجي ڪمانڊرن سميت مارجي ويو. هن واقعي نه رڳو ايران، پر سڄي دنيا ۾ سخت رد عمل پيدا ڪيو ۽ وچ اوڀر جي صورتحال انتهائي خطرناڪ ٿي وئي. اهو واقعو رڳو هڪ حملو نه رهيو، پر وچ اوڀر ۾ وڏي جنگ جي شروعات بڻجي ويو. ايران، آمريڪا ۽ اسرائيل جي وچ ۾ ڪيترن ئي سالن کان جاري سياسي ۽ فوجي ڇڪتاڻ هاڻي کليل جنگ جي صورت اختيار ڪري ورتي.
وچ اوڀر اڳ ئي بارود جي ڍير تي بيٺل خطو آهي، وچ اوڀر ڊگهي عرصي کان سياسي بحرانن، جنگين ۽ عالمي مفادن جي ٽڪراءَ جو مرڪز رهيو آهي. عراق، شام، يمن ۽ فلسطين جهڙن ملڪن ۾ اڳ ئي ڇڪتاڻ جاري هئي. ايران تي ٿيندڙ سڌي حملي سڄي علائقي کي جنگ جي باهه ۾ ڌڪي ڇڏيو.
ايران خطي ۾ هڪ وڏي فوجي ۽ سياسي طاقت طور سڃاتو وڃي ٿو. ان وٽ جديد ميزائل سسٽم، ڊرون ٽيڪنالاجي ۽ خطي ۾ ڪيترائي اتحادي گروهه موجود آهن. قيادت تي حملي کانپوءِ ايران سخت رد عمل ظاهر ڪيو ۽ اسرائيل تي سڌا ميزائل حملا ڪيا. ان سان گڏ خليجي ملڪن ۾ موجود آمريڪي فوجي اڏن کي به نشانو بڻايو ويو.
عالمي معيشت جي اهم شاهراهه اسٽريٽ آف هرمز هن تڪرار جو سڀ کان حساس پهلو بڻجي ويو. هي سامونڊي گذرگاهه دنيا جي سڀ کان اهم توانائي رستن مان هڪ آهي، جتان دنيا جو لڳ ڀڳ ٽيون حصو تيل گذري ٿو. جنگ شروع ٿيڻ کانپوءِ ايران اعلان ڪيو ته هرمز مان گذرندڙ جهازن کي نشانو بڻايو ويندو ۽ هن اهم گذرگاهه کي بند ڪيو ويو. ان سان عالمي واپار ۽ توانائي جي فراهمي سخت متاثر ٿي وئي آهي. چين، جاپان، ڏکڻ ڪوريا ۽ ڀارت جهڙا ملڪ جيڪي وڏي حد تائين خليجي تيل تي ڀاڙين ٿا، توانائي جي سخت بحران کي منهن ڏيڻ لڳندا ٻيو ته ايران ۽ خليجي ملڪن جي وچ ۾ اڳ ئي سياسي ڇڪتاڻ موجود هئي. جنگ شروع ٿيڻ کان پوءِ ايران اڪثر خليجي علائقن ۾ تيل جي تنصيبات، بندرگاهن ۽ آمريڪي فوجي اڏن کي به نشانو بڻايو. اهڙي قسم جا حملا اڳ به ٿي چڪا هئا، جهڙوڪ: سعودي عرب جي تيل ڪمپني آرامڪو تي ٿيل ڊرون حملا، جن دنيا کي ڏيکاريو ته توانائي جون تنصيبات ڪيتريون حساس آهن. جنگ وڌڻ سان خليج جي ڪيترن ئي ملڪن کي پنهنجون ريفائنريون ۽ تيل جا مرڪز عارضي طور بند ڪرڻا پيا. خليجي ملڪن مان تيل جي فراهمي متاثر ٿيڻ سان عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جا اگهه تيزي سان وڌي ويندا. تيل جديد دنيا جي معيشت جي بنيادي قوت آهي، تنهنڪري ان جي اگهن ۾ واڌ جو اثر هر شعبي تي پوندو.
ٽرانسپورٽ مهانگي ٿيندي، صنعتن جا خرچ وڌي ويا ۽ بجلي جي پيداوار تي به اثر پوندو. نتيجي طور خوراڪ سميت تقريبن هر شئي جي قيمت وڌڻ جا امڪان آهن. جنگ جا سڀ کان وڏا اثر انهن ملڪن تي پوندا جيڪي اڳ ئي معاشي مسئلن کي منهن ڏئي رهيا آهن. ايشيا ۽ آفريڪا جا ڪيترائي ملڪ اڳ ئي مهانگائي، بيروزگاري ۽ قرضن جي بحران ۾ ڦاٿل آهن. پاڪستان جهڙا ملڪ، جيڪي پنهنجي توانائي جي ضرورتن لاءِ درآمد ٿيل تيل تي ڀاڙين ٿا، انهن لاءِ حالتون وڌيڪ ڏکيون ٿي ويون آهن. مهانگائي وڌڻ سان عام ماڻهن جي زندگي سخت متاثر ٿيندي. هن جنگ عالمي سياست کي به نئون رخ ڏئي ڇڏيو. روس، چين ۽ يورپي يونين جهڙيون وڏيون طاقتون پنهنجن مفادن موجب پاليسيون ترتيب ڏيڻ لڳيون آهن. دنيا آهستي آهستي نون سياسي بلاڪن ۾ ورهائجڻ لڳي آهي. جتي ڪجهه ملڪ آمريڪا ۽ اسرائيل سان گڏ بيٺا آهن جڏهن ته ڪجهه ايران يا ان جي حامين جي حمايت ڪري رهيا آهن. ٻيو تاريخ هميشه اهو سيکاريو آهي ته جنگين ۾ حقيقي فاتح ڪو به نه هوندو آهي. جنگ جو سڀ کان وڏو نقصان عام ماڻهن کي ٿيندو آهي. حڪمران فيصلا ڪندا آهن، پر انهن فيصلن جي قيمت عوام کي ادا ڪرڻي پوندي آهي. سنڌي ۾ هڪ مشهور چوڻي آهي “وڙهن سان، لتاڙجن ٻوڙا.” يعني وڏين طاقتن جي ٽڪراءَ جو نقصان هميشه ڪمزور ماڻهن کي ڀوڳڻو پوندو آهي.
آمريڪا، اسرائيل ۽ ايران جي وچ ۾ شروع ٿيل هن جنگ جا اثر صرف وچ اوڀر تائين محدود نه رهندا، پر سڄي دنيا جي معيشت، سياست ۽ سماجي حالتن تي پوندا. اهو واقعو دنيا لاءِ هڪ وڏو سبق بڻجي ويندو ته جنگ ڪڏهن به مسئلن جو مستقل حل نه هوندي آهي. جنگ رڳو تباهي، معاشي بحران ۽ انساني الميا پيدا ڪندي آهي. ان ڪري عالمي برادري لاءِ ضروري آهي ته مستقبل ۾ اهڙن تڪرارن کي سفارتڪاري، ڳالهين ۽ امن جي ذريعي حل ڪرڻ جا رستا اختيار ڪيا وڃن، جيئن دنيا کي وڌيڪ تباهي کان بچائي سگهجي.