هن وقت پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ سيڪيورٽي جون حالتون تمام گهڻيون ڳڻتيءَ جوڳيون آهن. والاريل ڪشمير جي علائقي پهلگام ۾ ٿيل دهشتگرديءَ واري واقعي ۾ 26 سياحن جي قتل کانپوءِ ڀارت پاڪستان تي الزام مڙهي پاڪستان سان 65 سال پراڻو سنڌ طاس معاهدو معطل ڪري هڪ قسم جو اعلان جنگ ڪري ڇڏيو آهي. ڏٺو وڃي ته نه ڀارت معاشي طور تي ايترو مستحڪم آهي جو ان کي جنگي جنون سوار ٿيو آهي ۽ نه ئي پاڪستان جي معيشت ايتري مضبوط آهي جو پاڪستان جنگ جي خواهش ڪري سگهي ٿو. ان جي باجود به جيڪڏهن پاڪستان جي مٿان ڀارت زوريءَ جنگ مڙهيندو ته يقينن پاڪستان ان جو جواب ڏيڻ جي ڀرپور صلاحيت رکي ٿو.
اڱاري جي ڏينهن 6 مئي 2025 تي رات جو ڀارت پاڪستان جي مٿان فضائي حملو ڪيو، جنهن جي جواب ۾ پاڪستان جي مسلح فوجن ان جو ڀرپور جواب ڏئي ڀارتي ايئرفورس جا ٽي رافيل جهاز ۽ 2 ٻيا جنگي جهاز تباهه ڪري ڪيرائي ڇڏيا. جڏهن ته هڪ برگيڊ هيڊڪوارٽر سميت ڪيتريون ئي فوجي چيڪ پوسٽون تباهه ڪري ڇڏيون. ڀارت تي هن وقت جنگي جنون سوار آهي، جڏهن ته ڀارت ۽ پاڪستان ٻئي نيو ڪليئر پاور ملڪ آهن. هن دنيا ۾ طاقت جو توازن ان ڪري قائم ڪرڻ جي ضرورت محسوس ڪئي ويندي آهي ته جيئن ملڪ امن امان واري صورتحال ۾ پنهنجي عوام کي پرسڪون زندگي فراهم ڪري سگهن، ملڪ ترقي ڪري سگهن ۽ ڪنهن به حملي کي منهن ڏيڻ جي لاءِ انهن وٽ پنهنجا عسڪري ادارا مضبوط هجڻ گهرجن، پر خبر ناهي ته ڀارت کي هن وقت ڪهڙو جنگي جنون سوار آهي جنهن جي ڪري هو پاڪستان جي مٿان حملو ڪرڻ جي لاءِ ايترو اتاولو نظر اچي رهيو آهي. هن وقت ڀارت جي ميڊيا تمام گهڻي سينسرشپ جو شڪار آهي، پاڪستان جي ميڊيا کي اتي مڪمل طور تي بليڪ آئوٽ ڪيو ويو آهي ته جيئن هڪڙو آزادانه بيانيو ڀارت جي عوام تائين نه پهچي سگهي، نه صرف ايترو پر ڀارت جي هڪ انگريزي ڊيلي اخبار “دي هندو” به مودي ميڊيا جي پاليسين تي عمل ڪندي پنهنجي ويب سائيٽ تان ڀارت جي ٽن جنگي جهازن جي تباهه ٿيڻ جي خبر جيڪا پهرين اتي شايع ڪئي وئي هئي، پوءِ اتان هٽائي ڇڏي.
هن وقت ڀارت جو ميڊيا مودي سرڪار جي ڪنٽرول هيٺ عمل ڪري رهيو آهي ۽ ڀارتي ميڊيا صحافتي اصولن کان منهن موڙي بيٺل نظر اچي ٿو. 6 مئي جي رات ڀارت پاڪستان جي مختلف جاين تي 9 حملا ڪيا، جنهن سان اتان جا ڪجهه شهري به شهيد ٿي ويا، جنهن جي جواب ۾ پاڪستان ڀرپور جوابي ڪارروائي ڪندي دشمن کي وڏو نقصان پهچايو. پاڪستاني ميڊيا ڀارت جي حملي کانپوءِ شهيد ٿيل شهرين جي کلئي عام رپورٽ جاري ڪئي، نه صرف پاڪستاني ميڊيا بلڪه فوج جي ترجمان به ڀارتي جارحيت سبب ٿيڻ واري نقصان جا تفصيل ميڊيا تي اچي ٻڌايا. ڀارت جي انهن بزدلانه حملن کانپوءِ پاڪستان جي هٿياربند فوج به 9 حملا ڪري ڀارت کي اهو جواب ڏنو آهي ته پاڪستاني فوج پنهنجي ملڪ جو دفاع ڪرڻ جي لاءِ مڪمل طور تي تيار آهي.
ڀارت ۽ پاڪستان جي سرحدن تي عسڪري ڪارروائين تي اقوام متحده جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس به شديد تشويش جو اظهار ڪيو آهي ۽ ٻنهي ملڪن کان صبر ۽ تحمل جو مظاهرو ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي. گذريل ڏينهن ڀارت جي متنازع ٽي وي ميزبان ارناب گوسوامي جي شو ۾ پاڪ فوج جي طاقت جا چرچا ٻڌڻ ۾ آيا. شو ۾ ميزبان پنهنجي مهمان اڳوڻي ڀارتي ايئر مارشل سنجيو ڪپور کان موجوده صورتحال تي راءِ ورتي، جنهن تي اڳوڻي ڀارتي ايئر مارشل سنجيو ڪپور چيو ته پاڪستان بلڪل اسان ڏانهن ايندو سندن فوج ڏاڍي مضبوط آهي. سنجيو ڪپور وڌيڪ چيو ته ڀارت هنگامي صورتحال جي تياري ڪري ڇڏي آهي. ڇو ته پاڪستان وٽ هڪ پيشه وراڻي ۽ بهترين مسلح فوج آهي. چيني پرڏيهي وزارت 6 مئي 2025 واري واقعي کي افسوس ناڪ ۽ تشويشناڪ قرار ڏنو آهي.
پاڪستان جي پرڏيهي آفيس ڀارتي ناظم الامور کي گهرائي تنبيهه ڪئي آهي ته ڀارت جي اهڙي لاپرواهي واري رويي سان علاقائي امن ۽ استحڪام کي تمام گهڻو خطرو درپيش آهي. ڀارت جا کنيل قدم گڏيل قومن جي چارٽر ۽ بين الاقوامي قانونن جي ڀڃڪڙي آهن. پاڪستان ڀارت جي دشمن رويي جي بي بنياد سببن کي سختيءَ سان مسترد ڪيو آهي. پاڪ فوج جي ڀرپور ۽ هڪٻئي پٺيان حملن کانپوءِ ڀارت لائين آف ڪنٽرول تي اڇو جهنڊو ڦڙڪائي پنهنجي شڪست تسليم ڪري ڇڏي آهي. اميد ڪجي ٿي ته ان ڪارروائي کانپوءِ ڀارت جي جوش ۾ ڪجهه گهٽتائي ايندي ۽ پاڪستان جي فوج پنهنجي طاقت جو مظاهرو ڪري پنهنجي دشمن کي جيڪو پيغام ڏيڻ چاهيو آهي اهو ان تائين چڱيءَ طرح پهچي چڪو آهي ته پاڪستان جي عسڪري صلاحيت کي معمولي نه سمجهيو وڃي. پاڪستان جي بري، بحري ۽ فضائي فوجون پاڪستان جي دفاع لاءِ ڀرپور طريقي سان تيار آهن ۽ انهن وٽ اها صلاحيت موجود آهي جو اهي ڀارت کي ڀرپور جواب ڏيئي سگهن. ان فوجي ڪارروائي کانپوءِ ڀارت کي سوچڻ گهرجي ته اهو سڄو خرچ جيڪو هو جنگ تي ڪرڻ چاهي ٿو پنهنجي ملڪ جي غريب عوام جي ترقي ۽ خوشحالي تي خرچ ڪري ۽ ٻنهي ملڪن کي گڏجي سٺن پاڙيسري ملڪن وانگر پنهنجا لاڳاپا قائم ڪرڻ گهرجن ته جيئن ٻنهي ملڪن جو عوام پرامن زندگي گذاري سگهي ۽ ٻنهي ملڪن جي معاشي ترقيءَ جو خواب پورو ٿي سگهي.