ايڊيٽوريلنئون

افغان طالبان جي اقتدار ۾ واپسي جي چوٿين سالگره

اسلام آباد ۾ افغان طالبان پنهنجي ٻيهر اقتدار ۾ اچڻ جي چوٿين سالگره تي گادي واري شهر ڪابل ۾ جلوس ڪڍيو ۽ خوشيون ملهايون. سڀ کان اهم ڳالهه پاڪستان جي گادي واري شهر اسلام آباد ۾ ٿي آهي، جتي هڪ مقامي هوٽل ۾ اها سالگرهه هڪ نمايان تقريب جي طور تي ملهائي وئي آهي. انهيءَ تقريب ۾ چين، روس، ملائيشيا ۽ ٻين ڪيئي ملڪن جي غير ملڪي سفارتڪارن سان گڏ صحافين ۽ پاڪستان جي معروف سياسي شخصيتن شرڪت ڪئي.

اقوام متحده جو نمائندو به انهيءَ تقريب ۾ موجود هو. پاڪستان جي سياسي شخصيتن ۾ مخالف ڌر جا رهنما شريڪ ٿيا. جن ۾ محمود خان اچڪزئي، اسد قيصر، خيبر پختونخواهه حڪومت جو ترجمان بئريسٽر سيف، سابق وفاقي وزير محمد علي دراني ۽ ٻيون شخصيتون شامل هيون.

تقريب کي خطاب ڪندي گورنر خيبر پختونخواهه فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته پاڪستان افغانستان سان دوستاڻن لاڳاپن جو خواهشمند آهي ۽ سمجهي ٿو ته هڪ پرامن ۽ مستحڪم افغانستان، پاڪستان لاءِ ضروري آهي. نئون مقرر ٿيل افغانستان جو پاڪستان ۾ مقرر ٿيل نئون سفير سردار شڪيب هن تقريب ۾ پهريون دفعو ماڻهن جي سامهون آيو. هن موقعي تي امارات اسلامي افغانستان جو سربراهه هيبت الله آخوند زاده حڪومت جي چوٿين سالگره تي پنهنجي وزيرن کي اهو چيو آهي ته اهي هاڻي پنهنجو پاڻ کي قائم مقام يا عارضي وزير نه چون. ڇاڪاڻ جو طالبان جي اڳواڻي ۾ افغان حڪومت مستقل آهي. جڏهن ته دوحا مذاڪرات ۾ جيڪي آمريڪا ۽ افغانستان جي وچ ۾ ٿيا هئا. انهيءَ ۾ اقتدار ۾ ايندڙ حڪومت کي عبوري حڪومت چيو ويو آهي، پر طالبان حڪومت پنهنجي سرڪار جي چوٿين سال ۾ پنهنجو پاڻ تان عبوري حڪومت جو ٺپو لاهي ڇڏيو آهي.

افغان طالبان جي حڪومت جا 4 سال اهو سڄي دنيا تسليم ڪري ٿي ته امن جو دور رهيو آهي. عورتن جي حقن ۽ معيشت تي سوال ضرور پيدا ٿيا آهن. عورتن جا حق طالبان حڪومت مڃڻ لاءِ تيار ڪونهي. معيشت ڏينهون ڏينهن پٺتي پئي وڃي. افغانستان ۾ غربت وڌي آهي.

انهن سڀني عملن جي باوجود افغان طالبان سفارتي تعلقات لاءِ آهستي آهستي دنيا کي مجبور ڪيو آهي ته اهي اهو سوچڻ تي مجبور ٿين ته طاقتور طالبان سان ڪيئن هلجي. پاڪستان، چين ۽ روس، افغانستان سان تعلقات کي بهتر ڪيو آهي. روس طالبان حڪومت کي باقاعده تسليم ڪيو آهي. پاڪستان کي اها شڪايت ضرور آهي ته افغانستان ۾ پناهه وٺندڙ دهشتگرد تنظيمون تحريڪ طالبان پاڪستان ۽ داعش پاڪستان ۾ وڳوڙي ڪارروايون ڪنديون رهيون آهن.

افغانستان جي سرڪار جي پٺڀرائي سان خطي ۾ وڳوڙ ٿي رهيو آهي. طالبان سرڪار کي پنهنجي پاڙيسري ملڪ پاڪستان سان تعلقات کي بهتر ڪرڻ گهرجي. اسانجي ملڪ طالبان جي دوحا مذاڪرات ۾ مدد ڪئي آهي ۽ افغان طالبان جي سرڪار ۾ واپسي لاءِ رهنمائي ڪئي آهي. پنهنجي محسن ملڪ سان افغانستان جي اها حالت مناسب ناهي. هتي وري اسلام آباد ۾ ٿيل تقريب جي ڳالهه ڪرڻ ضروري آهي ڇاڪاڻ جو انهيءَ ۾ افغانستان جي طالبان سرڪار جي پاليسي کي واضح ڪيو ويو آهي.

طالبان اقتدار جي چوٿين سال اسلام آباد ۾ ٿيل تقريب گهڻي اهميت واري آهي. انهيءَ کي خطاب ڪندي افغانستان جي پاڪستان ۾ متعين سفير سردار شڪيب ڪابل جي مداخلت نه ڪرڻ جي پاليسي کي ورجايو ۽ افغان حڪومت ۽ ان جي سربراهه هيبت الله آخوندزاده جي سرڪار جي ساراهه ڪئي ته طالبان حڪومت افغانستان جي عوام لاءِ امن کي يقيني بڻايو آهي. پنهنجي تقرير ۾ هن ٻيهر واضح ڪيو ۽ يقين ڏياريو ته افغان سرزمين ڪنهن به پاڙيسري ملڪ جي خلاف استعمال نه ڪئي ويندي.

افغان سفير جو اهو بيان پاڪستان سرڪار جي موقف جي حق ۾ آهي، ڇاڪاڻ جو اسين سمجهون ٿا ته افغان سرزمين پاڪستان ۾ دهشتگردي جي لاءِ استعمال ٿي رهي آهي. افغانستان جو دهشتگردي جي خلاف موجوده موقف، جيڪو افغان سفير جي خطاب جي ذريعي بيان ٿيو آهي. افغانستان انهيءَ تي عمل ٿو ڪري ته اهو عمل پاڪستان ۽ افغانستان جي امن ۽ استحڪام لاءِ ضروري آهي. خطي ۾ پاڪستان ۽ افغانستان جي وچ ۾ پرامن تعلقات ضروري آهن، انهيءَ سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تعلقات بهتر ٿيندا ۽ واپار ۽ سياحت جون سرگرميون پاڪستان کان وچ ايشيائي رياستن تائين پکڙجي وينديون. انهيءَ سان هن سڄي خطي ۾ خوشحالي اچي سگهي ٿي.