بلاگنئون پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم به هاڪي ٽيم وارو دڳ ورتو آهي June 8, 2024 Zahida Abro صحتمند زندگيءَ جي لاءِ راند هڪ اهم جز آهي، هڪ فرد جڏهن ڪنهن به راند ۾ حصو وٺي ٿو ته هو نه صرف جسماني طرح مضبوط ٿئي ٿو، پر سندس ذهني صلاحيتون پڻ وڌن ويجهن ٿيون. هوشياري، جسماني طاقت، برداشت ۽ فرد جي حيثيت ۾ پوري ٽيم سان ٽيم بڻجي بيهڻ ۽ سامهون واري ٽيم سان مقابلو ڪرڻ ۽ قائدانه صلاحيتون پيدا ٿين ٿيون. انهيءَ ڪري پوري دنيا مختلف راندين کي هٿي وٺرائيندي آهي. سٺن ڪاليجن ۾ پڻ تعليم سان گڏ راند کي اهم حيثيت حاصل هوندي آهي. پنهنجي ملڪ جي قومي راند هاڪي آهي، پر پاڪستاني قوم ڪرڪيٽ جي وڌيڪ شيدائي آهي. پاڪستان جي هاڪي ٽيم پڻ ڪنهن وقت ۾ مضبوط هئي، جنهن وٽ هر وقت ڪونه ڪو بين الاقوامي اعزاز موجود هوندو هو، يا ورلڊ چئمپين هوندي هئي يا اولمپڪ چئمپين هوندي هئي، پر گذريل 20 سالن کان هاڪي تي زوال اچي ويو ۽ هن وقت اسان جي هاڪي ٽيم دنيا جي ڪمزور ٽيمن ۾ شمار ٿئي ٿي. ان کانپوءِ اسان جي ملڪ ۾ جيتري پذيرائي ڪرڪيٽ راند کي ملي آهي شايد ئي ڪنهن راند کي ۽ ان جي رانديگر کي ملي هجي. ڪرڪيٽ جا رانديگر تمام گهڻا پئسي وارا هجن ٿا، انهن جا پاڪستان ۾ توڙي پرڏيهه ۾ مداح موجود آهن. هن وقت به پاڪستاني ٽيم جي هڪ عورت مداح بهتر ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ رانديگرن جي لاءِ مهانگي ڪار جو تحفو ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي. پاڪستاني ٽيم جيڪا هن وقت ٽي- ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ کيڏڻ لاءِ آمريڪا ۾ پهتل آهي. پنهنجي افتتاحي ميچ ۾ آمريڪا جي ڪمزور ٽيم جيڪا پهريون دفعو ڪنهن وڏي ٽورنامينٽ ۾ حصو وٺي رهي آهي ان کان هارائي وئي. اهو پهريون دفعو نه ٿيو آهي اها تاريخ اسان جي ٽيم جي پراڻي آهي 1999ع واري ورلڊ ڪپ ۾ بنگلاديش جهڙي ڪمزور ٽيم کان هارائي وئي هئي، 2007 ۾ آئرلينڊ کان، 2022 ۾ زمبابوي کان ۽ 2023 ۾ افغانستان کان هارائڻ جو تاج به پاڪستاني ٽيم پائي چڪي آهي. پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ وٽ اربين رپين جو بجيٽ موجود هوندو آهي. دنيا مان ناميارا ڪوچ گهرايا ويندا آهن جن جي ادائگي ڊالرن ۾ ڪئي ويندي آهي، پر جڏهن وڏا وڏا ٽورنامينٽ ٿين ٿا ته رزلٽ اها ٿي نڪري ته ڪمزور ٽيمون به اسان کي هارائي وڃن ٿيون. ان جا گهڻائي سبب آهن، پر وڏي ۾ وڏو سبب پنهنجا نوازي آهي، جيئن اسان ذڪر ڪيو آهي ته ڪرڪيٽ راند ۾ حد کان وڌيڪ پئسو ۽ شهرت آهي. انهيءَ ڪري ڪرڪيٽ ٽيم ۾ سفارش جو ڪلچر پڻ عام آهي. جيڪڏهن رانديگر جي پويان طاقت موجود آهي ته پوءِ ان جي خراب ڪارڪردگيءَ کي نظر انداز ڪيو ٿو وڃي ۽ کيس بار بار ٽيم ۾ کيڏڻ جو موقعو ڏنو وڃي ٿو. هاڻي ته ائين محسوس ٿيندو آهي ته ڪرڪيٽ مخصوص علائقن ۽ مخصوص ماڻهن جي ٽيم بڻجي چڪي آهي. پاڪستان جي سڀني علائقن مان مهارت کي نظر انداز ڪيو ٿو وڃي. خاص طور تي سنڌ ۽ بلوچستان جي ٻهراڙين جا علائقا. سوال ٿو پيدا ٿئي ته ڇا ايڏي وڏي آبادي ۾ هڪ ٻه رانديگر به اهڙا ناهن جيڪي قومي ٽيم ۾ شامل ٿي سگهن؟ هڪ ڪرڪيٽر ڏاهاڻي لاڙڪاڻي جو هو، هن کي موقعو ضرور ڏنو ويو هو، پر هاڻ هو به ٽيم ۾ ڪٿي نظر نٿو اچي. هن وقت بي سي سي پي جو چيئرمين محسن نقوي آهي جيڪو ساڳئي وقت ملڪ جو وزير داخلا پڻ آهي. سندس ڪارڪردگي تي پڻ سوال پيدا ٿي رهيا آهن. هتي اسان سنڌ حڪومت کان پڻ پرزور مطالبو ڪيون ٿا ته راندين طرف خاص ڌيان ڏنو وڃي ۽ اسان جي رانديگرن کي بهتر تربيت ڏيئي ملڪي ۽ بين الاقوامي مقابلن لاءِ تيار ڪيو وڃي. هڪ گذارش سنڌ جي سرمائيدارن ۽ جاگيردارن کان پڻ آهي ته اهي مختلف شوق پورا ڪرڻ لاءِ اربين رپيا لٽائين ٿا، ڇا راند کي هٿي وٺرائڻ جي لاءِ پنهنجي رقم استعمال ڪري سگهندا؟ گهٽ ۾ گهٽ ڪرڪيٽ جي هڪ ٽيم ته تيار ڪن جيڪا ملڪي ليول تي کيڏي ويندڙ پي ايس ايل ۾ حصو وٺي ۽ پنهنجو پاڻ مڃرائي. شادين ۾ ته ٻه ارب رپيا خرچ ڪرڻ کان ڪونه ٿا ڪيٻائين، ڪجهه رقم راند جي شوق تي به خرچ ڪيو ته سنڌي نوجوان به پنهنجي مهارت جو اظهار ڪري پنهنجو پاڻ کي راندين ۾ مڃرائي سگهي. Post Views: 140