16 آگسٽ 2023 واري ڏينهن پاڪستان جي مسيح برادري تي مذهبي نفرت جي بنياد تي جڙانوالا ۾ حملو ڪيو ويو هو، جنهن جي هر ساڃاهه وند مذمت ڪئي هئي. اهو ڪيس سپريم ڪورٽ ۾ هلندڙ آهي. ان وقت پنجاب حڪومت ۽ مرڪزي حڪومت نگران سرڪار وٽ هئي ۽ اڃا به سرڪار ساڳي آهي، انهيءَ حڪومت جي آئي ٽي تشڪيل ڏني هئي ته اها تفتيش ڪري ۽ ڏوهارين کي وائکو ڪري ته جيئن انهن کي قانوني سزا ڏئي سگهجي. ان جي آئي ٽي طرفان ڪالهه 13 فيبروري 2024 تي ايس ايس پي انويسٽيگيشن سپريم ڪورٽ ۾ رپورٽ پيش ڪئي.
جي آئي ٽي آگسٽ کان فيبروري تائين 6 مهينا تفتيش ڪرڻ باوجود اهڙي ناقص تفتيشي رپورٽ ٺاهي سپريم ڪورٽ ۾ پيش ڪئي، جنهن تي چيف جسٽس سپريم ڪورٽ ناراضگي جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته هيءَ رپورٽ ردي جي ٽوڪري ۾ اڇلائڻ جهڙي آهي. ڪامورڪي راڄ تي ڪيترا سوال پئدا ٿين ٿا.
آخر اهي ڪهڙي مرض جي دوا آهن. ڪامورن جو فرض ته اهو آهي ته اهڙي قسم جي واقعي کي ٿيڻ کان پهرين روڪيو وڃي. هي اهو واقعو هو جنهن ۾ هڪ مسيحي ڪامورو اي سي پنهنجي جان بچائڻ لاءِ آفيس مان ڀڄي ويو هو، اهو آهي اسانجي ملڪ ۾ تحفظ جو احساس. جڏهن ڪامورا شاهي صرف پنهنجي مفادن جو خيال رکندي اچي پئي ۽ انهن کي سياسي سپورٽ حاصل هجي، انهيءَ ڪري جو وقت اچڻ تي اهي ئي ڪامورا سياستدانن کي غلط طريقن سان چونڊن ۾ کٽرائي اسيمبلين ۾ موڪلين. ائين اهڙو چرخو هلي پوي ٿو. جنهن ۾ ڪمزور پيسجي ٿو ۽ طاقتور آرام سان حڪومت ڪري ٿو. هاڻي جڏهن ڪامورو واقعي ٿيڻ کان پهرين روڪڻ جي ڪوشش نه ڪندو ۽ جڏهن جڙنوالا جهڙو افسوسناڪ واقعو ٿي رهيو هو ان وقت به سرڪاري ڪامورو نظر نه ٿي آيو ۽ جڏهن ان واقعي جي ڪري ماڻهو ۽ ماڻهن جا گهر سڙي رک ٿيا. ان کانپوءِ عوامي دٻاءُ تحت ٺهندڙ جي آئي ٽيز جو رويو پڻ ظالماڻا رهيو، جيئن سڀني جي آئي ٽيز جو رهندو آهي. هو بجاءِ حقيقتون پيش ڪرڻ جي ۽ ڏوهارين کي ظاهر ڪرڻ جي اهڙي قسم جي منجهيل تفتيشي رپورٽون ڪورٽن ۾ جمع ڪرائينديون آهن، جنهن جي ذريعي ڪنهن به ڏوهاري کي ڪابه سزا نه ايندي آهي، هن وقت به ائين ئي ٿيو آهي. هيءَ ڏکوئيندڙ صورتحال پوري ملڪ ۾ هلي رهي آهي. انهيءَ ڪري نه صرف اقليتون، پر پوري ملڪ جو عوام عدم تحفظ جو شڪار آهي، هو ڪڏهن به نه چاهيندو آهي ته پنهنجي جائز حق جي لاءِ ڪنهن آفيسر وٽ وڃي يا ڪورٽ سڳوري جو در کڙڪائي، ڇو ته ڪورٽن ۾ پڻ انصاف وٺڻ جي لاءِ وقت ۽ پئسي جو تمام گهڻو زيان ڪرڻ کانپوءِ به انصاف ملندي نظر نه ايندو آهي. اسانجو مطالبو آهي ته ڇا تفتيشي رپورٽ کي ردي جي ٽوڪري ۾ اڇلائڻ سان جڙانوالا واقعي جي متاثرين جي دلجوئي ٿيندي؟ ٿيڻ ائين کپي ته اهڙي قسم جي ڪمزور ۽ منجهيل رپورٽ ٺاهيندڙ سڀني آفيسرن کي نوڪري تان برخاست ڪيو وڃي، اهو هڪڙو اهڙو مثال ٺهي پوندو جنهن کي نظر ۾ رکندي ايندڙ وقت ۾ ڪوبه ڪامورو اهڙي قسم جي منجهيل رپورٽ ڪورٽ سڳوري ۾ پيش نه ڪندو، پر صرف ڪامورن تي ڏوهه ڇو ٿا ڏيو؟ اسانجون ڪورٽون ماڻهن کي ڪيترو ۽ ڪهڙو انصاف ڏئي رهيون آهن، اها ڳالهه به ڍڪيل ڇپيل نه آهي. سڌريل دنيا ۾ ڏوهه گهٽ ٿيندا آهن، پر جي ٿين به ٿا ته هڪدم ڏوهارين کي سزا ملندي آهي.
ان ڪري اتي امن امان جي صورتحال بهتر آهي، جيستائين پنهنجي ملڪ ۾ عام ماڻهو کي ترت انصاف نه ملندو، آفيسرن کي قانون جو ڊپ نه هوندو ان وقت تائين اسان وٽ انصاف جو بول بالا نه ٿيندو، قانون جي حڪمراني نظر نه ايندي، باقي ميڊيا جي آڏو رپورٽن کي ردي جي ٽوڪري ۾ اڇلايو يا ڪنهن گندي گٽر ۾ ان سان ڪو فرق نه پوندو، ماڻهن کي انصاف ڏيو. اهي ڏوهاري آهن جن هنن جا گهر ساڙيا آهن، انهن کي قانوني سزا ڏيو ۽ جيڪي انهن گهر ساڙڻ وارن ڏوهارين کي تفتيشي رپورٽ ذريعي بچائن ٿا، انهن کي به قانوني سزا ضرور ملڻ کپي، ان سان ئي ملڪ ۾ بهتري ايندي.