ايڊيٽوريل

پيٽرول جي اگهه ۾ ايندڙ پندرهن ڏينهن جي لاءِ لاٿ

وفاقي سرڪار ايندڙ پندرهن ڏينهن جي لاءِ اوگرا جي سفارش تي پيٽروليم جي شين جي اگهه ۾ لاٿ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو آهي، جنهن مطابق پيٽرول 8 رپيا 67 پئسا ۽ ڊيزل تقريبن 7 رپيا سستو ٿي ويو آهي. وفاقي سرڪار انهيءَ لاٿ کي پاڪستان جي عوام جي لاءِ 14 آگسٽ جو تحفو چئي رهي آهي.
پاڪستان جو عوام وفاقي سرڪار جي ان فيصلي جي آجيان ڪندي اهو مطالبو ڪري ٿو اهڙا تحفا هر مهيني عوام کي ڏنا وڃن. پاڪستان جو عوام مهانگائي جي جنهن چڪيءَ ۾ پيسجي رهيو آهي انهيءَ وقت ۾ جيڪڏهن ٿورو ئي سهي، پر سندس بجيٽ جو بار گهٽجي ٿو ته عوام کي خوشگواري جو احساس ٿئي ٿو. جڏهن هر روز عام واهپي جون شيون بجلي، گئس، پيٽرول ۽ کاڌي پيتي جون شيون مهانگيون ٿينديون رهيون هجن انهيءَ وقت ۾ پيٽرول جي اگهن ۾ گهٽتائي حڪومت جو هڪ بهتر قدم آهي. ان سان گڏ گئس جي اگهن ۾ واڌ جو نوٽيفڪيشن پڻ وفاقي سرڪار جاري ڪري ڇڏيو آهي. هڪ طرف عوام جي لاءِ آساني ٻئي طرف گئس جيڪا پڻ عام واهپي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿي ان جي اگهن کي وڌائڻ ڪو بهتر عمل نه آهي. نظر ايئن ٿو اچي ته وفاقي سرڪار کي اهو احساس بلڪل واضح ٿي چڪو آهي ته سرڪار کي خطرو مخالف ڌر کان گهٽ، پر مهانگائي جي جِنَ مان وڌيڪ آهي، جيڪو هر روز ماڻهن جي پريشانين ۾ اضافو ڪري رهيو آهي. ايستائين جو ماڻهو مهانگائي کان مجبور ٿي خودڪشيون ڪري رهيا آهن. انهن پريشانين کي گهٽائڻ ۾ حڪومت بهتر قدم کڻي سگهي ٿي. پيٽرول جي اگهن ۾ لاٿ کي پڻ انهن قدمن مان هڪ قدم چئي سگهجي ٿو، پر اهو صرف ايندڙ پندرهن ڏينهن جي لاءِ آهي. ٿيڻ ته ايئن گهرجي ته پيٽرول جو اگهه جي مقرري ٽماهي هجڻ گهرجي. ان سان عام ماڻهو کي پنهنجي گهر جي بجيٽ ٺاهڻ ۾ آساني ٿيندي. اسان کي اهو پڻ نظر اچي ٿو ته کاڌي پيتي جي شين ۾ جنهن ۾ اٽو، گيهه، کنڊ شامل آهن انهن ۾ پڻ واڌ جي بجاءِ گهٽتائي نظر اچي ٿي، پر پاڪستان جي عوام جي قوت خريد تمام گهڻي گهٽجي چڪي آهي، مٿان وري مهانگائيءَ جي بار روزگار جو نه هجڻ، بجلي مهانگي هجڻ جي ڪري گهرو بجلي جي بلن جو ڳاٽي ٽوڙ هجڻ ۽ بجلي مهانگي هجڻ سبب ملڪي صنعت کي هلڻ ۾ تمام ڏکائيون هجڻ ۽ ان سبب جي ڪري بيروزگاري وڌڻ واريون مشڪلات آهن. هنن سڀني ڏکائين جو حل حڪومت کانسواءِ ڪنهن وٽ نه آهي. ان طرف حڪومت کي مڪمل ڌيان ڏيڻ گهرجي. حڪومت پنهنجا خرچ گهٽائي، بجلي پيدا ڪندڙ پلانٽن سان نوان معاهده ڪري في يونٽ بجليءَ جي اگهن ۾ لاٿ ڪرڻ جي پوري ڪوشش ڪري، ان سان صنعت جو ڦيٿو آساني سان ڦري سگهندو، جنهن جي ڪري روزگار جا ذريعا هڪ دفعو ٻيهر بهتر ٿيندا. انهن سڀني ڏکائين جي احساس جو اظهار وفاقي حڪومت خاص طور تي وزيراعظم ميڊيا سان بار بار ڪندو رهيو آهي. اهو واعدو به ڪري ٿو ته حڪومت پوري ڪوشش ڪري رهي آهي ته جيئن عام ماڻهن جي ڏکائين کي دور ڪري سگهجي. انهيءَ ڏس ۾ عملي طور تي پيٽرول جي اگهن ۾ لاٿ وارو کنيل قدم نظر اچي رهيو آهي. وفاقي سرڪار مان ۽ وزيراعظم شهباز شريف کان پاڪستان جي عوام کي اميد به آهي ۽ پاڪستان جو عوام مطالبو به ڪري ٿو. جيئن ته پاڪستاني عوام کي مهانگائي جو بار وڌيڪ کڻڻ جي طاقت نه رهي آهي ۽ جهڙي نموني مهانگائي کي ڏينهون ڏينهن چوٽ تي چاڙهيو ويو آهي، هاڻي وقت اچي ويو آهي ته انهيءَ مهانگائي جي ڇڙواڳي کي قابو ڪري آهستي آهستي چوٽ تي چڙهيل مهانگائي کي هيٺ لاهي اچجي، ان سان عام ماڻهو جو حڪومت ۾ ويساهه وڌندو.
پيٽرول ۽ ڊيزل جي اگهن ۾ لاٿ سان بسن ۽ مال بردار ٽرڪن جي ڀاڙن ۾ لاٿ اچڻ گهرجي، پر ٽرانسپورٽر جڏهن پيٽروليم جون شيون مهانگيون ٿينديون آهن ته هڪ ڏينهن اندر ڀاڙا وڌائي ڇڏيندا آهن، پر جڏهن پيٽروليم جي شين ۾ لاٿ ٿيندي آهي ته هو ڀاڙن ۾ لاٿ ڪرڻ جي بدران انهن کي برقرار رکيو ايندا آهن ان طرف پڻ حڪومت کي ڌيان ڏيڻ گهرجي ته سندس پيٽروليم جي شين ۾ لاٿ واري بهتر قدم جو فائدو عام ماڻهو تائين منتقل ٿي سگهي.