بلاگنئون

خودڪشي مايوسي جي انتها آهي

خودڪشي جو رجحان پوري دنيا ۾ وڌي رهيو آهي. پوري دنيا ۾ ان تي تحقيق ٿي رهي آهي ته ان جا سبب ڪهڙا آهن. ان جو بنيادي سبب انتهائي مايوسي يا ڊپريشن آهي، جنهن جي ڪري فرد نفسياتي مريض بڻجي اهڙو فيصلو ڪري ٿو ته ان کي وڌيڪ زنده رهڻو ناهي ۽ پنهنجي حياتي کي پنهنجي هٿان ئي ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪري ٿو. مايوسي جا سبب تمام گهڻا آهن. ڪٿي سماجي ۽ معاشي دٻاءَ آهن، ڪٿي بليڪ ميلنگ آهي، ڪٿي عشق ۽ محبت ۾ ناڪامي آهي، ڪن ڪن جڳهن تي ذهني مريض پڻ خودڪشي ڪن ٿا. شادي شده ماڻهن جي زندگي ۾ ناخوشگواري جي ڪري جوڙي مان ڪو هڪڙو ڄڻو تنگ ٿي خودڪشي جو فيصلو ڪري ٿو. غير قانوني لڳ لاڳاپن جي ڪري معاشري ۾ بدنام ٿيڻ جو خوف پڻ فرد کي انهيءَ عمل تي راغب ڪري ٿو. سوال اهو آهي ته ڇا ڪوبه فرد اهڙو انتهائي فيصلو هڪدم ڪندو آهي يا انهيءَ فيصلي جي پويان تمام گهڻي مايوسي موجود هوندي آهي. انهيءَ مايوسي جي ڪري هو ڪنهن نه ڪنهن ذهني بيماري جو شڪار بڻجي خودڪشي طرف راغب ٿيندو آهي. هڪ تحقيق مطابق اهڙن فردن جو تناسب 94 سيڪڙو آهي. جڏهن تحقيق ٿئي ٿي ته مردن جي نسبت عورتن جو خودڪشي ڪرڻ جو انگ وڌيڪ ملي ٿو. انهيءَ ڪري ته شايد هو معاشري جو دٻاءُ برداشت نه ٿيون ڪري سگهن ۽ اها ئي ڪمزوري کين خودڪشي ڪرڻ تي مجبور ڪري ٿي. تحقيق مان اهو به معلوم ٿيو آهي ته شهرن جا ماڻهو ٻهراڙي جي ماڻهن جي مقابلي ۾ وڌيڪ خودڪشيون ڪن ٿا. دنيا ۾ هر 11 منٽن کانپوءِ ڪو نه ڪو فرد خودڪشي ڪري ٿو. اسانجي ملڪ ۾ خاص طور تي سنڌ صوبي ۾ خودڪشي جو رجحان وڌي رهيو آهي. ٿر جون اڻ پڙهيل غريب عورتون هجن يا شهرن جون پڙهيل لکيل وچولي طبقي سان تعلق رکندڙ نوجوان ڇوڪريون يا عورتون هجن، اهڙي قسم جا واقعا روز ميڊيا ۾ رپورٽ ٿين ٿا. عام طور تي اهو سمجهيو ويندو آهي ته خودڪشي ڪنهن شخص جو ذاتي فيصلو آهي، پر انهيءَ جي اندر ۾ ڏسجي ته ان فرد کي خودڪشي ڪرڻ تي ڪهڙا عوامل مجبور ڪن ٿا. اسانجي سماج ۾ هر طرف ناانصافي، فريب، دوکو ۽ استحصال آهي، پوءِ اهو استحصال معاشي هجي يا جسماني خودڪشي ڪرڻ جو سبب بڻجي ٿو. ان رجحان کي روڪڻ لاءِ سماجيات جي ماهرن کي ٻڌائڻو پوندو ته آخر ڪهڙا سبب آهن، جنهن جي ڪري ان قسم جو رجحان وڌي رهيو آهي ۽ اهڙو معاشرو ڪيئن اڏجي جنهن ۾ هر فرد پُرسڪون خوش ۽ خوشحال هجي ۽ فرد تي ڪو به دٻاءَ نه هجي، جنهن جي ڪري هو خودڪشي جهڙي خراب عمل کان پنهنجو پاڻ کي بچائي سگهي. اسان مان هر ڪنهن کي پنهنجي ارد گرد جي ماڻهن کي پنهنجن دوستن، عزيزن، رشتيدارن کي غور سان ڏسڻ ۽ انهن جو تجزيو ڪرڻ گهرجي ته اسانجي وچ ۾ ڪو اهڙو شخص ته موجود نه آهي، جيڪو ڪنهن ذهني دٻاءَ جو شڪار آهي ۽ ان کي اسان جي مدد جي ضرورت آهي. جيئن ته گهڻي حد تائين ان ڳالهه تي سڀ متفق آهن ته خودڪشي ڪرڻ وارو فرد ذهني دٻاءَ جو شڪار هوندو آهي يا وري ڪجهه اهڙين حالتن ۾ ڦاٿل هوندو آهي، جنهن مان هو آزادي چاهڻ جي باوجود به آزاد ناهي ٿي سگهندو ۽ ناڪامي کي منهن ڏيندي آخر پنهنجي جان پنهنجن هٿن سان وٺڻ جو فيصلو ڪندو آهي. اسان کي گهرجي ته اسان پنهنجن ٻارن کي اهڙي طريقي سان پاليون جو انهن ۾ حالتن سان مقابلو ڪرڻ جي سگهه پيدا ڪري سگهون، انهن جا سٺا دوست ٿي سگهون. انهن کي پنهنجن پيرن تي بيهارڻ لاءِ ننڍي هوندي کان وٺي سندن تعليم ۽ تربيت جو بندوبست ائين ڪريون جو اڳتي هلي اهي ٻار ڪنهن به فرد جي اڳيان ڪمزور حالت ۾ مجبور ٿي پنهنجي زندگيءَ کي پنهنجي هٿن سان ختم ڪرڻ جو فيصلو نه ڪن. خاص طور تي هن سماج ۾ هن وقت جڏهن اسان جون ڇوڪريون به تعليم حاصل ڪرڻ جي ميدان ۾ اڳتي وڌي رهيون آهن ۽ انهن کي جتي آزادي آهي اتي وڌيڪ چيلنجز به موجود آهن، انهن جي تربيت تي اسان کي تمام گهڻي توجهه ڏيڻي پوندي ۽ کين خاندان ۾ اهڙو دوستاڻو ماحول مهيا ڪرڻو پوندو جنهن سان اهي پُراعتماد ٿي هن دنيا ۾ پنهنجي جاءِ ٺاهي سگهن. جيڪڏهن اسان پنهنجن ٻارن جي تربيت تي توجهه نه ڏني ته پوءِ شايد اسان کي اهڙي قسم جا حادثا پنهنجي چوڌاري بار بار نظر ايندا، ٻارن جي صحيح تعليم ۽ تربيت ئي اسان کي اهڙن مسئلن کان بچائي سگهي ٿي.