ايڊيٽوريل

غير رجسٽرڊ گاڏيون روڊن تي نه اينديون، سنڌ سرڪار جو حڪم

سنڌ سرڪار جي ٽرانسپورٽ ۽ ايڪسائيز واري وزير حڪم جاري ڪيو آهي ته 10 مئي کانپوءِ ڪابه ڪار، بس، ٽرڪ، جيپ، ويگن بنا رجسٽريشن ۽ بنا نمبر پليٽ جي روڊ تي هلندي ته ان کي سرڪار پنهنجو حق استعمال ڪندي ضبط ڪندي يا انهن جي مٿان ڳرا ڏنڊ لڳايا ويندا. قانون تي عمل ڪرائڻ هر سرڪار جو ڪم آهي ۽ ڪوبه ملڪ قانون تي هلڻ کانسواءِ ڪاميابي ماڻي نٿو سگهي. انهيءَ ڪري اسان سنڌ سرڪار جي ان فيصلي جي آجيان ڪريون ٿا، پر ڪجهه سوال پڇڻ جي جرئت ڪريون ٿا.
ڇا ايڪسائيز کاتي جا آفيسر جيڪي روڊن تي بيهي گاڏين کي چيڪ ڪندا ته اهي رجسٽرڊ آهن يا نه آهن انهن ۾ ايتري جرئت آهي جو وڏين وڏين گاڏين کي جن ۾ ٽويوٽا V8، ويگو، مرسڊيز، ليڪسز ۽ ٻيون لگزري گاڏيون جيڪي سياستدانن ۽ وڏن وڏن آفيسرن جي استعمال ۾ هونديون آهن، انهن تي نمبر پليٽ به نه هوندي آهي، انهن جي اڳيان پويان پوليس جون سائرن وڄائيندڙ گاڏيون هونديون آهن، انهن کي روڪي سگهندا؟ سندن ئي کاتي يعني ايڪسائيز کاتي جي آفيسرن وٽ بنا ڪسٽم ڊيوٽي ادا ڪرڻ جي گاڏيون عام جام آهن انهن کي روڪي سگهندا؟ اسان کي ڪڏهن به روڊن تي پوليس يا ايڪسائيز کاتي جي چيڪنگ دوران وڏيون گاڏيون بيٺل ۽ چيڪ ٿيندي نظر نه آيون آهن. مستقبل ۾ به اهو ٿيندي نظر نٿو اچي. سڀ کان وڌيڪ ايڪسائيز ٽيڪس چوري ٿي رهيو آهي اهو ڪمرشل گاڏين ذريعي ٿي رهيو آهي، اهي گاڏيون وڏن وڏن ٺيڪن ۾ استعمال ٿين ٿيون، جنهن ۾ ڊمپر، شاول ۽ ايڪسيويٽر آهن اهي هڪ ته رجسٽرڊ ٿيل ناهن ٻيو وري ڪسٽم ڊيوٽي ادا ٿيل نه آهن. هزارن جي تعداد ۾ هن وقت به سهراب ڳوٺ ڪراچي ۾ اهڙيون ڪيتريون ئي گاڏيون بيٺل آهن. ڇا انهن کي روڪڻ ۽ انهن جا ڪاغذ چيڪ ڪرڻ جو اختيار ايڪسائيز کاتي وٽ هوندو؟ بلڪل نه هوندو. ايڪسائيز کاتي جا اهلڪار جيڪڏهن روڪيندا ته به ننڍين ننڍين گاڏين کي سنڌي ۾ چواڻي آهي ته، “ڪانگ جي ڪاوڙ اڪ مڪڙ تي” پوءِ وري انهن کان پنهنجو حصو وٺندا ۽ انهن کي به ڇڏي ڏيندا، خاناپوري جي لاءِ ڪجهه گاڏين کي بند ضرور ڪيو ويندو، پر انهن کي به آزاد ڪرائڻ لاءِ انهن ئي وزيرن جا ڪارنده حرڪت ۾ اچي ويندا ۽ ٿيندو ڪجهه به نه. اها آهي اسان جي قانون جي ڀڃڪڙي، جنهن جي ڪري قانون تي عمل نٿو ٿئي. صرف ڏيکاءُ جي لاءِ ميڊيا ۾ وڏا وڏا اشتهار ڏنا وڃن ٿا، پر ان جو فائدو نٿو ٿئي. هي دور جيڪو آرٽيفيشل انٽيلينجس جو آهي ان ۾ گاڏي رجسٽرڊ ڪرڻ، گاڏي کي ٽريڪ ڪرڻ سيڪنڊن جو ڪم آهي. جيڪڏهن سرڪار سڳوري چاهي ۽ نيڪ نيتيءَ سان ڪم ڪري ته پوءِ گاڏين جي رجسٽريشن مهينن ۾ نه پر ڏينهن ۾ ٿي ويندي. وري جيڪڏهن نظر ايڪسائيز کاتي طرف ڪجي جيڪو گاڏين جي رجسٽريشن ڪري انهن کي نمبر پليٽون الاٽ ڪندو آهي ان جي ڪارڪردگي بنهه خراب آهي. ڇهه ڇهه مهينا پهرين رجسٽريشن جو چالان ڀريل هجڻ جي باوجود نمبر پليٽ جاري نٿي ڪئي وڃي، ان جو ذميوار ڪنهن کي ڪجي ۽ جيڪڏهن ذميوار ايڪسائيز کاتي جا اهلڪار ۽ آفيسر آهن ته انهن کي قانوني سزا ڪير ڏيندو؟ انهن سڀني شين تي نظر رکڻ پڻ سنڌ حڪومت جو ڪم آهي.
جيڪڏهن سنڌ حڪومت انهيءَ کاتي ۾ بهتري چاهي ٿي ته گهڻ رخي چڪاس ڪرڻي پوندي. باقي جيڪڏهن ماضيءَ وانگر ڳالهيون ڪرڻ چاهيو ٿا ته پوءِ ڀلي اشتهار ڏيندا وتو ورڻو ڪجهه به نه آهي. ايئن ئي ٿيندو جيئن ويجهي مستقبل ۾ ٽرانسپورٽ ۽ ايڪسائيز جي وزير حڪم صادر فرمايو هو ته منشيات جي روڪٿام ڪئي ويندي ۽ منشيات فروشن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو. ان کانپوءِ سنڌ جي ماڻهن ڏٺو ته پنجن، اٺن علائقن ۾ هٿرادو شراب جنهن کي ٺرو چيو ويندو آهي ان جا 20، 20 ليٽرن وارا ڪين پڪڙي منشيات فروشن کي عوام آڏو ظاهر ڪري وڏو ڪوٽ کٽيو ويو هو. منشيات اڄ به جيئن جو تيئن جاري آهي. مين پڙي کان وٺي هيروئن ۽ آئيس تائين منشيات جا اڏا بنا ڪنهن روڪ ٽوڪ جي هلي رهيا آهن. سو هن اعلان جو حال به اهڙو ئي ٿيندي نظر اچي رهيو آهي.