بلاگنئون حڪومت ننڍين صنعتن جي واڌاري تي ڪم ڪري June 8, 2024 Zahida Abro رياست جو مثال انڌي جي هٿ ۾ لٺ برابر آهي، سمجھ ۾ نٿو اچين ته ڇا ڪن؟ يا ڪير ان کي صحيح دڳ تي لائيندو؟ مثال جيڪي به سياستدان آهن، اهي سڀ پاڻ صنعتڪار به آهن، انهن جون اوورسيز صنعتون به آهن، اهي سڀ سمجهن ٿا ڪمپنيون ڊفالٽ ڪڏهن، ڇو ۽ ڪيئن ڪنديون آهن. انهن کي خبر آهي ته ڪارخانن جي زوال پذير معيشت کي ڪيئن بهتر ڪري سگهجي ٿو؟ اهي اها ڳالھ ڀلي ڀَتِ سمجهن ٿا ته ڪمپنيءَ ۾ خرابي ڪٿي ڪٿي ٿي سگهي ٿي يا ڪٿي ڪٿي ممڪن آهي، مسئلو مشينري سان آهي يا ماڻهن سان آهي، شيون جي ٺهن ٿيون ته کپن ڇو نٿيون ۽ جي کپن ٿيون ته ڪچو مال دير ڇو ٿو ڪري يا خرابي جا ڪارڻ ڇا آهن يا ڇا ٿي سگهن ٿا ۽ اهي سڀ خرابيون ڪيئن دور ڪري سگهجن ٿيون؟ اهي پنهنجي ڪمپنين جي سالياني آڊٽ رپورٽ ڪرائي، انهن ڪمپنين جي لاءِ تحقيقي رپورٽون ٺهرائي، انهن کي نفعي بخش ڪري ويندا آهن، انهن کي خبر پوندي آهي ته گڙٻڙ ڪٿي آهي ۽ ڪٿي ٿي سگهي ٿي يا ڪٿي هئي ۽ اهي ماڻهن ۽ مشينريءَ کي هڪدم تبديل ڪري وٺندا آهن. انهن جي پيداوار يا سروس ۾ جي ڪٿي خرابي هوندي آهي يا وقتي طور ٿي پوندي آهي ته اهي سڀ خرابيون دور ڪري وٺندا آهن. ملازمن جي ڪنهن ڪرپشن يا ڏوهه ۾ ملوث هوندا آهن ته انهن جا فرشتا انهن کي راتو رات ٻڌائيند آهن ته ٿئي ڇا پيو، ڪٿي گڙٻڙ آهي، ڪنهن ڪئي ۽ ڪٿي خرابي پيدا ٿي آهي؟ مثال ڪمپنيءَ جي منافعي جي شرح ۾ جي گهٽتائي ايندي آهي ته اهي ”ايڪسپرٽ اوپينين“ به وٺندا آهن ۽ مسئلا هڪدم حل ٿي ويندا آهن. انهن کي خبر آهي ته ڪمپنين ۾ سختي ڪيئن ڪجي ۽ سست ملازم چست ڪيئن ٿي سگهن ٿا، پر انهن اڪابرن کي جڏهن پاڪستان جهڙي ملڪ جي مٿان غلطي سان حڪمران بڻائي ويهارجي ٿو ته انهن کي ڪا خبر نٿي پئي ته ٿئي ڇا ٿو؟ ڪير ٿو ڪري؟ ڪير ڪرپٽ آهي؟ ناڻو ڪيڏانهن پيو وڃي؟ ڪنهن ۾ گڙٻڙ آهي، ڪير ترقياتي ڪمن جي عيوض سرڪاري کاتن کي چُن ٿو هڻي؟ ڪير آهي جيڪو ٺڳ آهي؟ ڪير ڪرپشن جي پئسن مان حج عمرا پيو ڪري. ڪير پئسن ۾ بي ايماني ۽ گڙٻڙ ٿو ڪري؟ ڪير ماڻهن کي سندن بنيادي سهولتن کان محروم ٿو رکي؟ ڪير آهي جنهن جي هٿ ۾ جي ناڻو ٿو اچي ته اهو اُڏي ڀڄي ٻاهرين ملڪن ڏانهن هليو ٿو وڃي؟ ڪير آهي جنهن کي اها خبر نه ٿي پئي ته روڊن، پلين ۽ نالن جي مرمتي ڪمن ۾ لاپرواهي ٿي ٿئي؟ پر جڏهن انهن جي پنهنجي گهر جو ڪم ٿو ٿئي ته اهو اهڙو لاجواب ٿو ٿئي، جو انهن کي اُس به نٿي ساڙي، انهن کي بارشون به نٿيون ٻوڙين، انهن کي طوفانن جو خوف نٿو ورائي، ڪڏهن انهن وزيرن جي گهرن ۽ بنگلن جا گٽر نٿا اٿلن، ڪڏهن انهن اميرن جي گهرن آڏو روڊ نٿو اکڙي، رستو نٿو ڊهي، نه ڪا گڙٻڙ ٿي ٿئي، نه ڪا لائيٽ ٿي وڃي، اتي سڀ ڪجھ صحيح آهي، پر جي ڪجھ ٿئي ٿو ته انهن غريب علائقن ۾ ممڪن ٿئي ٿو، جتان اهي ووٽ وٺي ٿا وڃن، جتان اهي کٽي ٿا وڃن، پر مُڙي نٿا ڏسن ته غريب ڪهڙي حال ۾ آهن. ملڪ جي زوال پذير معيشت کي مستحڪم ڪرڻ جي ڪوشش ڪير نٿو ڪري؟ ڪير اها ڪوشش نٿو ڪري ته ملڪ آخر ڪيئن هلندو جو قرض کڻي کڻي نيٺ هڪ ڏينهن هن ملڪ جو ڏيوالو ڪڍندا ۽ هن ملڪ جو بچيل سچيل نور به نچوئي ڪڍندا. هرڪو پنجن سالن جو ترقياتي ڪم ڏئي هليو ٿو وڃي، پوءِ اهي ترقياتي ڪم ٻه سال به نٿا هلن، روڊ رستا ڊهي پٽ پئجي ٿا وڃن، غريبن جا گهر ڪِري ٿا پون، پر ڪنهن به وزير ۽ ڪبير جو گهر نٿو ڪري. انهن پنج سالا پروگرامن جي جڙڻ کانپوءِ به ڪير واهر نٿو ڪري ۽ هر دفعي اهي پاڻ مڃين ٿا ته انهن کي ڪجھ سمجھ ۾ نه آيو آهي. اهي ڪوڙيون بجيٽون ڏئي سڀ ڪوڙ ڪري ٿا وڃن، پر جيڪو پاڻ سان کڻي ٿا وڃن اهوئي سچ آهي. حقيقت ۾ رياست جو ڪم ۽ ڪاروهنوار سولو آهي. جيڪڏهن اهي وزير ڪرڻ چاهين ته: مثال اهي شيون جيڪي عياشي ۾ اچن ٿيون انهن تي بندش پوڻ کپي، اهي شيون جيڪي عياشيءَ جون آهن، انهن جي درآمد بند ٿئي، انهن شين جو ملڪ ۾ اچڻ ۽ انهن جي استعمال ڪرڻ تي پابندي هجڻ کپي. ان ڪري جو ”ڌڪ جهلي ڀولي ۽ کٽيو کائي فقير“ واري ڳالھ ٿي بيهي. ڇو جو عوام انهن سڀني عياشي وارين شين جي ڪري عذاب ۾ آهي، اهي سڀ شيون جي بند ٿي وڃن ته رپئي جي قدر ۾ ممڪن اضافو ٿي سگهي ٿو. ان ڪري غريب ماڻهو جيڪو اٽي، لٽي ۽ اجهي جي لاءِ واجهائيندو رهي ٿو، اهو پوءِ عذاب ۾ ٿو رهي. انهن عياشي وارين شين جي ڪري رپئي جي قدر ۾ گهٽتائي ٿئي ٿي ۽ جيڪي به ملڪ جا مالڪ ٿي ويهن ٿا، اهي پوءِ قرض وٺڻ ۾ مصروف ٿيو وڃن. ان ڪري اسان جي نيو ڪليئر انرجي ۽ سيڪيورٽيءَ واري ڳالھ ”پاڻ نه پاري ڪتا ڌاري“ واري ڳالھ ٿي بيهي. مڃون ٿا ته حڪومت هر ڀيري هڪ اسٽريٽجڪ نقشو تيار ٿي ڪري جنهن ۾ هنن وٽ وڏا وڏا پلان هجن ٿا جنهن ۾ اهي مهانگائيءَ کي روڪڻ جي لاءِ اپاءُ وٺن ٿا، اهي سڀ غربت جي خاتمي جون ڳالهيون به ڪن ٿا، پر انهن جي سڀني اپائن مان ائين ٿو لڳي ته هڪ ڏينهن غريب هن ملڪ مان ختم ٿي ويندو، پر غربت ختم نه ٿيندي ۽ باقي رهندا وڃي امير. ان ڪري ته اهي غريب غربت جي لڪير کان گهڻا ٿي ويا آهن ۽ غربت جي لڪير ۾ رڳو اهي ماڻهو ٿا اچن، جيڪي آڻين ۽ چاڙهين واري زندگي ٿا گذارين. هن ڀيري به هن سرڪار وڏو جامع پروگرام رٿيو آهي ته اهي نوڪريون پيدا ڪندا ۽ ماڻهن کي روزگار سان لائيندا، ان ڪري ته جيڪي 300 ادارا خانگائين ٿا ته انهن ادارن مان جيڪي ماڻهو بي روزگار ٿيندا، انهن جو ڪاٿو به ٻڌائين ته اهي 3 لک ماڻهو جيڪي پينشن کان محروم ٿيندا، جيڪي 17 هزار واڌارو سرڪاري ملازمن جون جايون ختم ڪيون ويون آهن، جيڪي ماڻهو ”وي ايس ايس“ والينٽري سيپريٽ پروگرام“ تحت ادارن مان ڪڍيا ويندا يا جيڪي “ايف ايس ايس“ (فورسفل سيپريٽ اسڪيم) تحت ادارن مان الڳ ٿيندا، انهن جي معاشي پوزيشن ڇا ٿيندي؟ يا جيڪي ماڻهو 2000ع کانپوءِ ڀرتي ٿيا آهن، اهي ڇا ڪندا؟ جو جڏهن رٽائر ٿيندا ته ڪنهن ڪم جا نه هوندا، نه پينشن ملندن ۽ نه ئي ڪمائڻ جهڙا هوندا. ان ڪري سموري عمر اداري کي ڏيڻ کانپوءِ انهن ماڻهن کي ڪو ٽِڪي ڦوٽو به ان اداري طرفان نه ملندو ۽ پڇاڙي ۾ پريشان ئي ٿيندا ٻيو ڪجھ به نه. چائنا عوام دوست ناهي، کڻي رياست جو دوست هجي يا مالڪن جو دوست هجي. ان ڪري چائنا جي صنعتن جي ڪري اسان جون لوڪل صنعتون تباھ ٿي ويون آهن. چائنا جي شين جي ڪري اسان جي ڪارخانن ۾ ڪا شيءِ نٿي ٺهي، ماڻهو هٿ تي هٿ رکي ويٺا آهن. ڇو ته لوڪل شين کان چائنا جون شيون سستيون ٿيون ملن. لوڪل شيون هڪ ته ليبر ڪاسٽ جي ڪري، بجلي جي مهانگي هجڻ جي ڪري ۽ گئس جي اڻ هوند جي ڪري روز روز وڃن ٿيون مهانگيون ٿينديون ۽ سرڪاري ٽيڪس جي وٺ وٺان جي ڪري اهي ڪارخانيدار ٽيڪس گهران ڀري ٿا ڏين. ان ڪري اهڙن ڪارخانن کان ڀلو آهي ته اهي ماڻهو ملڪ اندر شيون گهرائڻ جو ڪاروبار ڪن ۽ ڪمائين، پر بدلي ۾ ته اهي سڀ ڪارخانا ۽ صنعتون بند ٿينديون ٿيون وڃن ۽ الائي ڪيتريون صنعتون بند ٿي ويون آهن، جن جو سبب گئس ۽ بجلي جي ترسيل ۽ انهن جو مهانگو هجڻ به آهي. ٻيو ته شيون جڏهن مهانگيون ٺهنديون ته مهانگيون کپنديون، پر پاڪستاني ڪنزيومر ۾ هاڻي سگهه ناهي ته اهي مهانگيون شيون وٺي سگهن. ٻيو سبب اهو به آهي ته چائنا جون شيون سستيون ٿيون ملن، ان ڪري اهي ئي وٺڻ پسند ڪندا (۽ وٺندا رهندا) ان ڪري چائنا دوست ملڪ ناهي. وري ٻي صورت اها به ممڪن آهي ته چائنا جيڪڏهن اهي سڀ ڪارخانا پاڪستان ۾ هڻي، هتي سستي بجلي جا پروجيڪٽ ڏئي، هتي ماڻهن کي روزگار ڏئي ته ڀلو، نه ته چائنا جهڙي دوست کان بس ڀلي آهي ۽ اهڙي پاڙيسري ڀاءُ کان کٽ خالي ڀلي آهي. سياسي اختلاف پنهنجي جاءِ تي حڪمرانن کي رواداريءَ جو مظاهرو ڪرڻو پوندو ۽ صنعتون هڻڻيون پونديون ۽ سيڙپڪاريون ڪرڻيون پونديون، ان کان علاوه ٻيو ڪو حل ممڪن ئي ناهي. حقيقت اها به آهي صنعتون ۽ زراعت ٻه اهڙا بنيادي جز آهن، جن ۾ ڪُل ترقي لڪل آهي، ان ڪري بنيادي ڍانچن سان گڏ حڪومت انهن ننڍڙن ننڍڙن صنعتي يونٽن تي به ڌيان ڏئي، ننڍا ننڍا واپاري به هن ملڪ ۾ تيار ڪري، جيڪي لوھ، ٽامي، پلاسٽڪ، آءِ ٽي، گاڏين ۽ اسپيئر پارٽ جي صنعت ۾ ڪم ڪري سگهن ۽ انهن جي اڳواٽ ٺهيل صنعتي يونٽن کي سولي طريقي سان قرض مهيا ڪري ته جيئن اهي پنهنجا يونٽ وڌائي سگهن، ائين ڪرڻ سان روزگار جا موقعا گهڻا ٿي سگهن ٿا، ماڻهن ۾ خوشحالي آڻي سگهجي ٿي ان ڪري سرڪار ترجيحي بنيادن تي انهن صنعتن جي واڌاري تي ڪم ڪري، جيڪي پهرين موجود آهن، جن وٽ هنر ۽ مين پاور به آهي، اهي پوءِ وڌيڪ هنرمند ماڻهو پيدا ڪري سگهن ٿا، اهي ماڻهن ۾ صلاحيتون وڌائي سگهن ٿا، اهي ماڻهن ۾ روزگار جي اڻ هوند کي ختم ڪري سگهن ٿا ۽ ائين خوشحالي ممڪن ٿي سگهي ٿي. Post Views: 262