شڪارپور جو ناميارو سماج سيوڪ ۽ گهڻ رخي متحرڪ شخصيت جو مالڪ نويد عالم ابڙو وفات ڪري ويو آهي. هو پنهنجي شهر جو ھڪ باوقار، بي لوث ۽ بي ڊپو سماجي ڪردار ھو شڪارپور جو آواز خاموش ٿي ويو. نوجوانن، تعليم ۽ سماجي خدمتن لاءِ هڪ بي مثال آواز هو.
شھر جي مسئلن تي آواز اٿاريندڙ ۽ مظلومن سان گڏ بيهندڙ ماڻهو اڪثر تڪليفن، دٻاءَ ۽ مشڪلاتن جو شڪار ٿين ٿا. نويد عالم ابڙو به اهڙن ئي متاثر ماڻھن مان ھڪ ھو. شهر جي مسئلن، ناانصافين ۽ ظلم خلاف بي ڌڙڪ آواز بڻجندڙ هڪ سماجي ورڪر، جيڪو خاموشي بدران بحث مباحثن توڙي تقريرن ۾ سچ چوندو رهيو ۽ سچ جي قيمت به ادا ڪندو رهيو.
نويد عالم ابڙو ڪراچي جي هڪ نجي اسپتال جي آئي سي يو ۾ اسان کان وري نه موٽڻ واري واٽ وٺي وڇڙي ويو آهي، نويد ابڙو جهڙا ماڻهو شهر جو اهڙو آواز هوندا آهن جنھن کي خاموش ڪرڻ لاءِ گهڻو ڪجهه ڪيو ويندو آهي، جيڪو ڪيو به ويو، پر اهو خاموش نه ٿيو.
هو بيماري جي بستري تي آخري پساھ کڻي جدوجهد، ڪردار ۽ حوصلو شهر جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ڇڏي ويو آهي. اسان جي وچ ۾ جيڪي همت ۽ بهادري سان، سچ ڳالهائڻ وارا ماڻهو آھن اھي اسان جو اصل سرمايو آهن. نويد عالم ابڙو جي حالت تمام ڳڻتي جوڳي هئي، هو لياقت نيشنل اسپتال ۾ علاج هيٺ ھو. شهر واسين کي اها اميد هئي ته هو جلدي، تيزي سان ۽ مڪمل صحتياب ٿي پنھنجي گھر ايندو، پر قسمت کي ڪجھ ٻيو منظور ھو.
شڪارپور جي لاءِ آواز اٿارڻ جي ڏوھ ۾ سالن تائين عمرڪوٽ، ميرپورخاص، اسلام ڪوٽ ۽ ٿرپارڪر ۾ به نوڪري ڪيائين. ضلعي کان دربدري جو جبري درد جيترو ھن يار برداشت ڪيو شايد ئي ڪنھن سٺو ھجي! نويد عالم ابڙو شڪارپور لاءِ سوال اٿاريندو آيو، ھو اجتماعي مفادن لاءِ انفرادي عذاب برداشت ڪندو رھيو.
نويد عالم ابڙو کي آئون پنجويھن سالن کان سڃاڻان ۽ کيس شڪارپور جو آواز ڪوٺيندو آيو آھيان. ھن ماڻھوءَ ۾ جيتريون صلاحيتون ھيون ۽ جيتري مثبت سوچ رکندو هو، افسوس ته ان کي اوتري گھڻ رخي قدر واري موٽ ميسر نه ٿي سگهي. ھو شھر لاءِ سوچيندو ھو لوچيندو ھو ۽ سر تري تي رکي گھمندو ھو. هن وٽ احتجاجن کي نت نئين سڃاڻپ ڏيارڻ وارو وڏو فن ھو. ھن ماضي ۾ لکيدر چوڪ تي چونڊيل نمائندن جي شھري مسئلن کان لاتعلقي جي رد عمل ۽ انھن جي عملي طور تي غائب ھئڻ واري پسمنظر ۾ سندن علامتي جنازي نماز پڙھائي ھئي.
شڪارپور شھر ۾ گندگي ۽ غلاظتن خلاف لکيدر چوڪ تي ٽائر ساڙي احتجاج ڪيو ھو. ھن جھڙو جذبو ۽ ھن جھڙي دل جيڪڏھن ھر شھري جي ٿي پوي ھا ته ڀوتارڪي بدمعاشين، نااھلين، غفلتن ۽ ھر طرح جي ڏاڍائين مان شڪارپو ڇوٽڪارو حاصل ڪري چڪي ھجي ھا. ھن کي شعور توڙي ضمير جي اھڙين سرگرمين وڏي تڪليف ڏني ھئي، سوشل، پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا تي شڪارپور ڊي سي آفيس ۾ ٽرانسپورٽ جي اڳوڻي صوبائي وزير سيد اويس قادر شاھ جي کليل ڪچهريءَ ۾ ڪيل نويد عالم ابڙو جي دانهن واري ويڊيو گهڻي وائرل ٿي هئي، جنهن ۾ هن روئڻهارڪي انداز ۾ چيو ھو ته 05 نومبر 2019ع کان کيس اسلام ڪوٽ، ٿرپارڪر ۾ رکيو ويو، هو 19 هين گريڊ جو آفيسر هو، سندس هر هفتي ٻچڙن سان ملڻ لاءِ اچ وچ جو خرچ 25 هزار رپيا هو. جيڪو پئسو سندس ٻارن جي خرچ ۽ گهر جي چلھ ٻارڻ لاءِ هو اهو هو ٻارن سان ملڻ لاءِ اچڻ وڃڻ تي خرچ ڪندو هو ۽ کيس خاندان جي ڪفالت لاءِ مالي مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پئي پيو. اهڙي صورتحال ۾ خانداني ڪفالت واريون ذميواريون ڪيئن پوريون ڪري؟
تعليم کاتي ۾ سندس ڊاڪٽريٽ ٿيل هئي، لاڳاپيل اعليٰ حڪام جي دفترن جا چڪر به لڳايا، پر کيس پنهنجي ضلعي يا ضلعي جي ڪنهن ويجهي شهر ۾ نه رکيو ويو. هن پنهنجي تقرير ۾ صوبائي وزير امتياز احمد شيخ صاحب کي پارت ڪرڻ لاءِ درخواست ڪئي ته هو پنهنجي دل ۾ نرمي پيدا ڪري، پنهنجي تڪ جي ووٽر جي مسئلي تي تعليم کاتي وارن سان ڳالهائي ۽ فون به ڪري ته سندس تڪ جي ماڻهوءَ کي ڪهڙي ڏوھ جي سزا ڏني پئي وڃي؟
حيرت ۽ افسوس جهڙي ڳالھ اها آهي ته نويد عالم ابڙي جون درد ڀريون دانهون ان وقت منظر عام تي آيون ھيون، جڏهن تڏھن به تعليم کاتي جو صوبائي وزير سردار شاھ ھو ۽ سيڪريٽري اڪبر لغاري ھو بحث ٿيندا رھيا ته انهن جي موجودگيءَ ۾ شڪارپور جي ماڻهوءَ کي ٿر ۾ نوڪري ڪرائي ڪهڙي ۽ ڪنهن جي سياسي ونگار پئي وهي وئي.
سوال اهو آهي ته ڇا نويد عالم ابڙي سان انصاف نه ٿيڻ گهربو ھو؟ جيتري قدر آئون نويد عالم ابڙو کي سڃاڻان ٿو ته هو شڪارپور جو عاشق ھو شڪارپور جي مسئلن تي ۽ شڪارپوري ماڻهن جي محرومين تي لڇندو آيو ۽ هر فورم تي مناسب آواز به اٿاريندو آيو. ڇا پنهنجي شهر ۽ پنهنجي ماڻهن جي دردن جي دانهن ڪرڻ ڪو ڏوھ آهي؟
ڇا نويد عالم کي ذهني پريشانيون بخشي سنڌ سرڪار سنڌ جي سمورن ساڃاھ وندن ماڻهن کي اهو سنيهو ڏنو ھو ته اهي حق سچ جي ڳالھ نه ڪن اکيون ٻوٽي ڇڏين، ڪن بند ڪري ڇڏين ۽ واتان ڪو لفظ نه ڪڍن. جمهوريت جي دعويدار پارٽي کي ڪرڻ اھو گھرجي ھا ته اها جمهوري روايتن جو مانُ رکندي نويد عالم ابڙو سان نه رڳو انصاف ڪري ھا، پر هن جي صلاحيتن کان ڪم وٺندي سماج ۾ ڪن نت نين مثبت تبديلين جا سج به اڀاري ھا.
حڪومت هڪ باشعور فرد کي ذهني دٻاءَ جو شڪار بڻائي سڄي سماج کي اهو پيغام ڏنو ته اھو ھر اڀرندڙ سج کي سلام ڪرڻ تي مجبور ٿي وڃي. نويد عالم جي طبعي موت اسان کي رڳو هي نٿو ٻڌائي ته هڪ ذهين ۽ باصلاحيت انسان هميشه لاءِ اسان کان جدا ٿي ويو آھي، پر اهو احساس به ڏياري ٿو ته کيس موت ڏانهن ڌڪڻ ۾ اسان جو رياستي ۽ سياسي عمل دخل به شامل هو. وقت ۽ حالتن جي تنگي کيس ھڪ حد تائين انٽيليڪچوئل سرڪل ۽ پنهنجن دوستن کان به پري ڪري ڇڏيو هو.
هو شهري مسئلن بابت جنهن طرح ڊرافٽنگ ۽ فيڪٽ فائنڊنگ ڪندو هو، اها حقيقت ۾ ڪمال جي هوندي هئي ۽ ان کي ترتيب ڏئي شڪارپوري پسمنظر ۾ ھڪ منفرد ڪتاب ڇپائي سگھجي ٿو. دل وانگر سندس دسترخوان به ڪشادو هوندو هو.
اڄ جڏهن اسين نويد جي وڇوڙي تي سوڳوار آهيون ته سڀني کي پنهنجين دلين کان اهو به ضرور پڇڻ گهرجي ته ڇا نويد عالم ابڙو ۾ موجود خوبين کي پنهنجي پنھنجي اندر به ڳولھڻ نه گهرجي. نويد عالم ابڙو جي جنازي، تدفين ۽ تڏي تي شھرين جي جنهن سطح جي شرڪت رهي اھا ڪا ننڍڙي ۽ معمولي ڳالهه نه هئي. نويد جھڙا انسان ادارن جي ۽ پنهنجي شھرن جي ساکائتي سڃاڻپ بڻبا آهن. ھو جيم خانا شڪارپور جي جان ھوندو ھو، پر جڏهن کان اھڙن انسانن کي آزمائشن جي آڙاھ ۾ اڇلائڻ واري گندي سياسي ۽ انتظامي روايت جوڀن ماڻڻ شروع ڪيو آهي تڏهن کان جيم خانه سميت سرگرمين جا مرڪز سمجھيا ويندڙ ادارا به اجڙي ڀڙڀانگ ٿي ويا آهن.
نويد عالم سميت کوڙ سارن باشعور ۽ متحرڪ شھرين کي جڏهن ايس ايس پي ڪي ڪي ميمڻ جي دور ۾ دھشتگردي واري ڪوڙي ڪيس ۾ ڦاسايو ويو ھو، تڏهن ڄڻ ھتان جي صالح انسانن کي اھو سنيھو ڏنو ويو ھو ته اھي سچ جو صدائون بلند ڪرڻ ڇڏي ھر اڀرندڙ سج جي سلامي ڀرڻ سکي وٺن. شڪارپور جي شريف ۽ شھر سان مخلص ماڻهن جو اڄ به ساھ مٺ ۾ آهي، اھي خوف ۽ پريشاني جو شڪار آهن. شايد اھوئي سبب آهي ته سڀ ڪجهه سمجهڻ جي باوجود ھاڻي ماڻهو دلين ۾ محسوس ڪيون ويندڙ ڳالهيون زبان تي نٿا آڻين. نويد عالم ابڙو جو وڇوڙو ھڪ فرد جو وڇوڙو ناهي، پر اھو شڪارپور ۽ سنڌ جي ساڃاھ جي ساھ کي آيل سٽ آهي، اھا سٽ جيڪا نه رڳو ساڻو ڪري ڇڏيندي آهي، پر سَنڌ سڪائي ماڻهو کي سانت ڪرائي به ڇڏيندي آهي. سچ اھو آهي ته نويد عالم ابڙو جي عمر وڇڙي وڃڻ واري نه هئي، جيئن ڳڻتيون ماڻهوءَ کي وقت کان اڳ پوڙھو ڪري ڇڏينديون آهن، بلڪل ساڳي ريت ويھون گريڊ رکندڙ نويد عالم ابڙو کي به ان جي مھل کان اڳ موت باز وانگر جھپي ۽ جڪڙي ھن جي خاندان، اسان دوستن ۽ سڄي شھر کي ھن کان هميشه هميشه لاءِ جدا ڪري ڇڏيو آهي. جنهن اسان سڀني جا جيءَ جھوري ۽ حوصلا ٽوڙي ڇڏيا آهن. نويد عالم جا مشاھدا ۽ تجربا اسان کي سيکاري ويا آھن ته تڪليف حالتن سان نه، پر روين سان ٿيندي آهي. جڏهن برداشت ختم ٿي ويندي آهي ته تڪليف ڪاوڙ بڻجي ٻاهر ايندي آهي ۽ پوءِ ماڻهو چوندا آهن ته بدتميز ٿي ويو آهي. محبت جا عادي ماڻھو لھجي جي سختي برداشت ناھن ڪري سگھندا ڏکيو وقت تڪليف ضرور ڏيندو آهي، پر اهو ظاهر ڪري ڏيندو آهي ته ڪير مخلص ۽ ڪير مفاد پرست آهي. زندگي ۾ ٻيو ڪجهه سکو نه سکو، پر ماڻھن کي سڃاڻڻ ضرور سکو، ڇو جو ماڻھو جهڙا نظر ايندا آھن اهڙا هوندا ناھن.