قومن جي سڃاڻپ رڳو سندن سرحدن، فوجن يا حڪومتن سان نه ٿيندي آهي، بلڪه سندن تهذيب، تمدن ۽ ثقافتي ورثو ئي سندن اصل تشخص جو آئينو هوندو آهي. ثقافتي ورثو ڪنهن به قوم جي ماضيءَ جو زنده شاهڪار هوندو آهي، جيڪو نه صرف تاريخي يادگيرين کي محفوظ رکي ٿو، پر مستقبل جي نسلن کي سڃاڻپ، شعور ۽ سڌاري جو سبق به ڏئي ٿو. سنڌي تهذيب، جنهن جي پاڙون هزارين ورهين جي تاريخ ۾ پکڙيل آهن، پنهنجي اندر محبت، مهمان نوازي، رواداري ۽ فنونِ لطيفه جي روشنيءَ سان ڀرپور آهي. شاھ عبداللطيف ڀٽائي جي بيتن کان وٺي شيخ اياز جي شاعري تائين، سنڌ جو هر لفظ ۽ هر ساز پنهنجي ورثي جي واڳ کي سنڀالي ٿو. ثقافتي ورثو فقط پراڻيون عمارتون يا هٿرادو شيون ناهن، پر اها فڪر، فلسفي ۽ فن جي اها مسلسل زنجير آهي، جيڪا قوم کي پنهنجي اصل سان ڳنڍي رکي ٿي.
سنڌ جو ثقافتي ورثو: سنڌ دنيا جي قديم ترين تهذيبن مان هڪ آهي، جنهن کي “باب الاسلام” پڻ چيو وڃي ٿو. سنڌ جي زمين تي تهذيب، تمدن، محبت ۽ تصوف جا اهڙا نشان موجود آهن جيڪي اڄ به انسانيت جي تاريخ ۾ روشن مثال آهن. ھن ورثي ۾ ڪيترائي اهم تاريخي آثار شامل آهن، جن مان چند هتي بيان ڪجن ٿا.
موئن جو دڙو: موئن جو دڙو دنيا جي قديم ترين تهذيب “واديءَ سنڌ جي تهذيب” جو عظيم مثال آهي، جيڪو ضلعي لاڙڪاڻي ۾ درياءَ سنڌ جي ڪناري تي واقع آهي. ان جو مطلب آهي “مُئلن جو ٽڪرو.”
تاريخي حيثيت: موئن جو دڙو لڳ ڀڳ 5000 قبل مسيح ۾ آباد هو. ھن شهر جي عمارتن، نالين، نيڪال جي نظام ۽ مارڪيٽن مان معلوم ٿئي ٿو ته سنڌ جا ماڻهو تمام ترقي يافته هئا. ھتي رھائش، حڪمراني، واپار ۽ مذھبي نظام منظم هو.
مذھبي طور ماڻهو پاڻي، سج ۽ پاڪيزگيءَ جا پوڄاري هئا. “پراڻو ديوتا” ۽ “ماڻهن جي ديوي” جا مجسمه ھن ڳالھ جا ثبوت آهن.
مڪلي جو قبرستان: مڪلي جو قبرستان ٺٽي ضلعي ۾ آهي ۽ دنيا جي وڏن قبرستانن مان هڪ آهي. اهو تقريبن 8 ڪلو ميٽر تي پکڙيل آهي ۽ هتي لڳ ڀڳ 5 لک کان وڌيڪ مقبرا ۽ قبرون آهن.
تاريخ ۽ اهميت: مڪلي جي تاريخ 14 هين صديءَ کان شروع ٿئي ٿي، جڏهن اهو علائقو سومرا، سما، ارغون، ترخان ۽ مغل حڪمرانن جي حڪومت هيٺ رهيو. مڪلي تي ڪيترن ئي بادشاهن، بزرگن ۽ عالمن جا مقبرا آهن، جن مان اهم آهن: ڄام نندو (سما دور جو حڪمران) ان کانپوءِ سما بادشاھ ڄام خير الدين تماچي، مرزا عيسيٰ ترخان ۽ مرزا باقي بيگ، ميان مبارڪ خان، شيخ حماد جمالي ۽ عيسيٰ جمالي (اديب ۽ عالم) هتي دفن آهن. مڪلي کي يونيسڪو (UNESCO) پاران عالمي ورثي طور تسليم ڪيو ويو آهي.
شاھ عبداللطيف ڀٽائي جي مزار: ڀٽائي جي مزار ڀٽ شاھ شهر ۾ آهي، جيڪا حيدرآباد کان لڳ ڀڳ 25 ڪلو ميٽر پري واقع آهي.
تعمير ۽ تاريخ: ھي مزار مير غلام شاھ ڪلهوڙي ٺهرائي هئي، جنهن پنهنجي دور حڪومت 1768ع ۾ تعمير ڪرائي هئي. مزار جي تعمير ۾ ڪاشيءَ جي ٽائيلن جو شاندار استعمال ڪيو ويو، جيڪي سنڌي فن جو اعليٰ نمونو آهن. هتي هر سال ڀٽائي جو عرس وڏي عقيدت سان ملهايو ويندو آهي، جتي صوفي موسيقي، ڪلام ۽ ڌمال جا مظاهرا ٿيندا آهن.
لعل شهباز قلندر جي مزار: حضرت سيد عثمان مروندي، جن کي لعل شهباز قلندر جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو، جو مزار سيوهڻ شريف (ضلعي ڄامشورو) ۾ آهي.
پيدائش ۽ خاندان: سندس اصل نالو سيد عثمان مروند هو. سندس جنم مروند (وچ ايشيا) ۾ ٿيو. هو حضرت امام جعفر صادق رح جي نسل مان هئا. سندس تعليم جو مقصد محبت، مساوات ۽ انسانيت جو پيغام هو. مزار تي هر شام ڌمال ۽ صوفي موسيقي روحاني فضا پيدا ڪن ٿا.
رني ڪوٽ قلعو: رني ڪوٽ قلعو ضلعي ڄامشورو ۾ واقع آهي، جنهن کي دنيا جو سڀ کان وڏو قلعو سڏيو وڃي ٿو.
تاريخي حيثيت: رني ڪوٽ لڳ ڀڳ 32 ڪلو ميٽرن جي گهيري ۾ آهي. ان جي ڀتين ۽ دروازن مان ظاهر ٿئي ٿو ته اهو دفاعي مقصد لاءِ ٺهرايو ويو. قديم روايت آهي ته گپت خاندان پھرين ھن جي تعمير ڪرائي. رني ڪوٽ بابت مختلف رايا آهن، پر گهڻا مورخ چون ٿا ته اهو ٽالپرن دور ۾ مير ڪرم علي خان ٽالپر طرفان 1812ع ۾ ٻيهر ٺهرايو ويو. قلعي ۾ ميريون، گڙھ ۽ ڪنگريون موجود آهن جيڪي قديم فنِ تعمير جو نمونو آهن.
شاهجهان مسجد ٺٽو: هيءَ مسجد مغل بادشاھ شاهجهان ٺهرائي، تنهنڪري ان جو نالو شاھجهان مسجد رکيو ويو.
تعمير ۽ خاصيتون: هيءَ مسجد 1647ع ۾ ٺهڻ شروع ٿي ۽ لڳ ڀڳ 1659ع ۾ مڪمل ٿي، جيڪا ٺٽو شھر ۾ واقع آهي. مسجد ۾ لڳ ڀڳ 99 گنبد آهن ۽ ڪوبه مينار نه آهي. تعمير لاءِ ڳاڙهين سرن ۽ ڪاشيءَ جي ٽائيلن جو شاندار استعمال ٿيو. هي مسجد اڄ به مغل فنِ تعمير جو شاهڪار آهي.
عمرڪوٽ جو قلعو: عمرڪوٽ جو قلعو عمرڪوٽ شھر (ضلعي ٿرپارڪر) ۾ واقع آهي.
تاريخي پسمنظر: هي قلعو سومرا دور ۾ ٺهرايو ويو، پر پوءِ رائو عمر سومري ان کي مضبوط ڪيو، جنهن تي “عمرڪوٽ” نالو پيو. قلعي جي سڀ کان وڏي خصوصيت اها آهي ته مغل بادشاھ اڪبر جو جنم پڻ هتي 1542ع ۾ ٿيو. جڏهن سندس والد همايون بادشاھ ڀڄي سنڌ آيو هو. قلعي ۾ اڄ به مغل ۽ راجپوت فنِ تعمير جا نشان موجود آهن.
سنڌ ۾ هنر ۽ هٿ جو ڪم: سنڌ جو هنر، هٿ جو ڪم ۽ رنگن جو ذوق صديون پراڻو آهي. سنڌ جي عورتن ۽ ڪاريگرن پنهنجي هٿن سان اهڙا شاهڪار تيار ڪيا آهن، جيڪي نه فقط سنڌ جي سڃاڻپ آهن، پر دنيا ۾ به سنڌي ثقافت جو علم بلند ڪن ٿا.
اجرڪ جي تاريخي حيثيت: اجرڪ سنڌي ثقافت جي سڀ کان پراڻي ۽ اهم نشاني آهي، اجرڪ جو لفظ عربي لفظ “عُرق” مان نڪتل آهي، جنهن جو مطلب آهي “پٽي وارو ڪپڙو.”
اجرڪ جي تاريخ: اجرڪ جي تاريخ لڳ ڀڳ 2500 سال پراڻي آهي. اها روايت موئن جي دڙي جي تهذيب تائين وڃي ٿي، جتي رنگيل ڪپڙن جا نشان ملن ٿا. اسلامي دور ۾ اجرڪ کي سجدي ۽ پاڪيزگيءَ جي علامت طور به ڏٺو ويو.
ٺهڻ جا مرڪز: اجرڪ گهڻو ڪري ڀنڀور، ٺٽو، هالا، نصرپور ۽ مٽياري جهڙن شهرن ۾ ٺهي ٿي. هالا ۽ نصرپور جا ڪاريگر پنهنجي نفاست، رنگن جي صفائي ۽ ڊزائين جي نرالائپ لاءِ مشهور آهن.
سنڌي ٽوپي: سنڌي ٽوپي سنڌي مرد جي سڃاڻپ آهي، اها رڳو لباس جو حصو نه، پر دين اسلام ۽ عزت جي علامت آهي.
تاريخي حيثيت: سنڌي ٽوپيءَ جو ذڪر قديم سنڌي تاريخ ۾ ملي ٿو، ان جو گول شڪل وارو انداز ۽ محراب جهڙو اڳيون حصو اسلامي قدرن ۽ فنِ تعمير مان متاثر نظر اچي ٿو. اها محراب مسجد جي منارن ۽ محرابن جي علامت آهن، جيڪي اسلام جي سر بلنديءَ ۽ ايمان جي روشنيءَ کي ظاهر ڪن ٿيون.
ٺهڻ جا مرڪز: سنڌي ٽوپي ٽنڊو محمد خان، مٽياري، ڀر چونڊي، هالا ۽ نصرپور ۾ گهڻو ٺهي ٿي. هتي ڪاريگر “ڪٽ ڪڙھائي”، “شيشي جو ڪم” ۽ “رنگدار ڌاڳن” سان ٽوپيون سينگارين ٿا.
هٿ جو ڀرٿ ۽ ٿري جو ڪم: سنڌي عورتن جو سڀ کان وڏو هنر آهي هٿ جي ڪڙھائي جنهن کي “ڀرٿ” چيو وڃي ٿو.
تاريخ ۽ مرڪز: هٿ جي ڀرٿ جو ڪم سنڌ جي تقريبن سڀني ضلعن ۾ ٿئي ٿو، پر خاص طور تي ٿرپارڪر، ميرپورخاص، عمرڪوٽ ۽ نوابشاھ ۾ عورتون هي هنر نسل در نسل سکنديون آيون آهن.
سنڌي ڀرٿ جا مشهور نمونا:
هڪڙو ڀرٿ- هڪ طرفي سادو ڊزائين
ٻهرو ڀرٿ- ٻنهي پاسن تي ڪم ٿيل
ريشمي ڀرٿ- باريڪ رنگين ڌاڳن سان نازڪ ڪم
شيشي جو ڪم (شيشي جو ڪم)- رنگين شيشن سان سينگاريل ڪپڙا
سنڌڙي ڀرٿ
ٿري ۽ بدين جي عورتن جو خاص انداز
استعمال: هي ڪڙھائيءَ جو ڪم ڪرتن، چادرن، ٿري چولن، ٽوپين ۽ ٿيلهن تي ڏٺو وڃي ٿو. سنڌي اجرڪ، ٽوپي ۽ هٿ جو ڀرٿ رڳو زينت يا لباس نه آهن، پر سنڌ جي تاريخ، هنر ۽ ثقافت جو علامتي اظهار آهن.
سنڌي ٻولي ۽ ادب:
شاھ عبداللطيف ڀٽائي جا شعر ۽ ضرب الامثال
شاھ عبداللطيف ڀٽائي جا بيت نه رڳو شاعري، پر زندگيءَ جا اصول ۽ دانائيءَ جا جملا بڻجي ويا آهن.
ڪيترا بيت اڄ به ضرب المثل (محاوره) طور استعمال ٿين ٿا، جيئن:
الله اوھي آڻ جن آئي من سرھو ٿئي
ڀلي بک ڀرم جي شال مَ وڃي شان
الله ڏي امان ته گوڏا ڏئي گذارجي
جيڪي ايندي چونئہ اچ ويندي چونئہ ويھ
جنين ڏاند نه ٻج تنين تنهنجو آسرو
لوڪ ڪهاڻيون: سنڌي لوڪ ڪهاڻيون سنڌي عوام جي عقل، اخلاق ۽ جذبات جو آئينو آهن. مشهور ڪهاڻيون جهڙوڪ: سسي پنهون، مارئي، مومل راڻو، ليلا چنيسر ۽ نوري ڄام تماچي اڄ به عشق، وفاداري ۽ قربانيءَ جا استعارا آهن. اهي ڪهاڻيون سنڌي ٻوليءَ کي زندگيءَ ۽ لهجي جي مٺاس ڏين ٿيون.
بيت: بيت سنڌي شاعريءَ جو بنيادي فني نمونو آهن. شاهه لطيف، سچل، بيدل ۽ سامي جا بيت روحاني، اخلاقي ۽ فڪري روشنيءَ جا مينار آهن. بيت ۾ مختصر لفظن ۾ وڏو فڪر سمايل هوندو آهي.
سائينم سدائين ڪرين مٿي سنڌ سڪار
دوست مٺا دلدار عالم سڀ آباد ڪرين.
اھڙي نموني جو ٻيو بيت آھي.
جي ايندي چونئہ اچ ويندي چونئہ ويھ
ڇڏي سارو ڏيھ اڱڻ اچج انهن جي
آکاڻيون: آکاڻيون سنڌي ٻوليءَ جي زباني ادب جو اهم حصو آهن، جيڪي وڏا پنهنجن ٻارن کي ٻڌائيندا هئا. انهن ۾ نصيحت، مزاح ۽ تاريخي سبق شامل هوندا آهن. اهي سنڌي ٻوليءَ جي لساني ۽ لسانياتي ورثي کي زنده رکندا آهن.
ڳجھارتون (پهاڪا): ڳجھارتون ٻارن ۽ وڏن ٻنهي لاءِ ذهن آزمائيءَ ۽ تفريح جو ذريعو آهن. انهن مان ٻوليءَ جي مٺاس ۽ مقامي فڪر جي گهراين جو پتو پوي ٿو.
مثال:
“ھر گھر ۾ ڳاڙھي ڪنوار” (باھ).
ھر گھر ۾ ڪارو چور (تئو)
گرو چيلي جا بيت
ڪانا گھوڙا ڪونه چرن ٿا
مسافر تڙن تي اڃ مرن ٿا
پيءُ پٽ پاڻ ۾ جنگيون ڪن ٿا، ڪھو چيلا ڪونسي بات
ڏور جا بيت.
پنھون نڪتو ڀنڀور مان ڪري سسئي ساڻ
ڇڏيائين تي ڇپرين پلي پنھنجو پاڻ
آري ڏنس اھڃاڻ منڌ وٺيو وڃ محمود چئي
پروليون (لوڪ گيت): پروليون سنڌ جي عورتن جي دل جو آواز آهن. اهي خوشي، ڏک، شادي يا وداع جي موقعن تي ڳايون وڃن ٿيون. انهن ۾ سنڌي ٻوليءَ جي سُر، لهجي ۽ احساسن جو رنگ سمايل آهي. سنڌي ٻولي ۽ ادب ۾ شاھ لطيف جا بيت، لوڪ ڪهاڻيون ۽ پروليون سنڌ جي سڃاڻپ جو حصو آهن. اهي سنڌي ماڻهن جي دل، فڪر ۽ روح جي ترجماني ڪن ٿا.
موسيقي ۽ شادي جا گيت: موسيقي انسان جي احساسن جي اهڙي ٻولي آهي، جيڪا لفظن کان اڳ وجود ۾ آئي. اها دل جي ڌڙڪن سان گڏ ڌرتيءَ جي سُر سان گونجندي رهي آهي. سنڌي لوڪ موسيقي، پنهنجي مٺاس، ماٺار ۽ معنوي رس سان، زندگيءَ جي هر موڙ تي گڏ رهي آهي. خاص طور تي شادين جي موقعن تي ته اها موسيقي هڪ جشن، هڪ جذبو ۽ هڪ گڏيل ثقافتي اظهار بڻجي بيٺي آهي.
شادي، سنڌي سماج ۾ رڳو ٻن دلين جو ميل نه، پر ٻن خاندانن جي خوشيءَ جو ميلو هوندو آهي، جتي موسيقي ۽ گيت روحاني جشن جو رنگ ڀرين ٿا. الـغوزو، دھل ۽ تنبورو جهڙا ساز گويا سنڌ جي ساھ جا سر آهن. دھل جو آواز جڏهن ڪنن ۾ پوندو آهي، ته دل به ڌڙڪي ٿي ۽ ماڻهن جي چهرن تي خوشيءَ جو سُرور پکڙجي وڃي ٿو. الـغوزي جا وڄايل سُر، ڄڻ صحرا جي هوائن ۾ وسندڙ ڪو پيارو پيغام آهن، جيڪي دل کي جهومائي وجهن ٿا.
شاديءَ جي راتين ۾ جڏهن عورتون گڏ ٿي “هو جمالو!” چون ٿيون، ته ڄڻ زمين پاڻ مست ٿي وڃي ٿي. “هو جمالو” رڳو ناچ نه آهي، پر اها سنڌي عورت جي فطري سُرگمي، محبت ۽ خوشيءَ جي اظهار جو فني روپ آهي. ان ناچ ۾ ڌرتيءَ جي ڌڙڪن، درياءَ جي رواني ۽ ماڻهن جي محبتن جو ماجرو شامل آهي. شادي جا گيت ته سنڌي ثقافت جو زيور آهن، جيڪي نسل در نسل ورثي طور مليا آهن.
ڪڏهن ڪنوار جي سينگار جي ڳالھ ٿيندي آهي ته مائيون ڳائينديون آهن:
“سينگار ڪري، لاڏو بڻجي آيو سينگار ڪري…”
هي گيت ڪنوار جي خوشبو، نينهن ۽ ناز جي تصوير بڻجي وڃن ٿا. ان ۾ محبت جي نرمي، ماءُ جي دعائن، ۽ ڀيڻن جي خوشيءَ جي رمق ملي ٿي.
ٻئي پاسي جڏهن “راڻا راڻا مور ڀلي ٿو ٽِلي، گُجر جو مور ٿو ٽِلي” جهڙا گيت ڳايا وڃن ٿا، ته اهي لفظ نه، پر نغمه بڻجي اُڏامڻ لڳن ٿا. مور جو ٽِلڻ ڄڻ محبت جو سڏ آهي ۽ راڻا راڻا جو نالو، ڪنهن سوڀيا ۽ خوشبختيءَ جي علامت بڻجي ٿو.
اهي سڀ گيت ۽ ساز، سنڌ جي ڌرتيءَ جي محبت، خوشي ۽ اتحاد جي علامت آهن. شاديءَ جي گيتن ۾ درد به آهي، دعا به آهي؛ نچڻ به آهي، نياز به آهي. اهوئي سبب آهي جو سنڌي لوڪ موسيقي ۾ هڪ روحاني تسلسل آهي. اسان جي موسيقي، اسان جي محبت آهي؛ اسان جا گيت، اسان جي سڃاڻپ آهن.
سنڌي کاڌا ۽ خوراڪ: سنڌ جي ڌرتيءَ جي خوشبو رڳو ان جي فصلن ۽ ڳوٺاڻن ماحول ۾ نه، پر ان جي کاڌن ۽ خوراڪ جي سادگيءَ ۾ به سمايل آهي. سنڌي ماڻھو هميشه قدرتي ۽ سادي خوراڪ کي ترجيح ڏيندا آيا آهن، جيڪا رڳو پيٽ ڀرڻ جو وسيلو نه، پر زندگيءَ جي صحتمندي، چستي ۽ توانائيءَ جو ذريعو آهي. صبح جي وقت، جڏهن سج اڀري ٿو ۽ ٿڌڙي هوا ڪنن ۾ ڪنھن سُر جھڙو رس ڀري ٿي، تڏهن سنڌي گهرن مان لسي ۽ مکڻ جي خوشبو اڀرندي آهي. ڳوٺاڻن جي سادي ڪاٺ جي ٿڙ تي ويٺل ماڻهو مٽيءَ جي ٿانوَ ۾ ٿڌي لسي پيئندا آھن ۽ مکڻ جي ٿوري چُڪ ڀرڻ سان پنهنجي ڏينهن جي شروعات ڪندا آھن. اها ئي لسي، جيڪا نه رڳو جسم کي توانائي ڏئي ٿي، پر روح ۾ به تازگي ڀري ٿي. ٻنپهرن جو مانيءَ جو وقت سنڌي زندگيءَ جو هڪ خوشگوار منظر هوندو آهي. جوَن جي ماني ساڳ سان ڄڻ ته محبت سان ڀريل دسترخوان آهي. لاڙ جي ساڳ جو ذائقو، سائي ڀاڄين جي سُرهاڻ ۽ مانيءَ جي گرمي گڏجي قدرت جي نعمتن جو شڪر بڻجي وڃن ٿا. اها ماني ڪنهن هوٽل يا وڏي دعوت جو نه، پر محنتي هٿن ۽ سادين دلين جي ٺاهيل هوندي آهي.
رات جو جڏهن آسمان تي تارا چمڪندا آهن ۽ ٿڌڙي هوا واءَ ۾ سرڙاٽ پيدا ڪندي آهي، تڏهن سنڌي گهرن ۾ پٽڙي ڀت سان کير ڀت کائڻ جو منظر نظر اچي ٿو. مٺو ڀت، ٿڌو کير ۽ ويٺي ويٺي ڳالهيون، ڄڻ ته پيار ۽ امن جو گيت ڳائينديون هجن.
سنڌي ماڻھو سادي خوراڪ کائيندا آهن. سائي ڀاڄي، لاڙ جو ساڳ، مٺو ڀت ۽ ٿڌي لسي، اهي کاڌا رڳو روايت نه، پر صحت، توانائي ۽ زندگيءَ سان محبت جو اظهار آهن. انهيءَ سادگيءَ ۽ قدرتي خوراڪ جي ڪري سنڌ جا ماڻھو چست، صحتمند ۽ طاقتور هوندا آهن. کين وڏا وڏا دسترخوان نه، پر سادو ٿال ۽ سچي دل وڻندي آهي. سنڌ جي کاڌن ۾ مٺاس به آهي، محبت به ۽ صديون پراڻي تهذيب جو عڪس به آھي.