خاص

سنڌ جي سمورين اسپتالن ۾ او پي ڊي کولڻ جو فيصلو

صحت واري صوبائي وزير ڊاڪٽر عذرا پيچوهو جي صدارت هيٺ سڄي سنڌ جي سمورين اسپتالن جي ايم ايسن سان وڊيو لنڪ ذريعي اجلاس ۾ ڪورونا جي مريضن لاءِ الڳ وارڊ ۽ عملي کي مختص ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي. عذرا پيچوهو چيو ته ڪورونا جو علاج ڪندڙ ڊاڪٽرن، نرسن ۽ پيرا ميڊيڪل اسٽاف کي ڪورونا هيلٿ سيفٽي جي حوالي سان آن لائين ٽريننگ ڏني ويندي. سمورين اسپتالن ۾ ايمرجنسي روم، آئيسوليشن وارڊ ۽ آءِ سي يو ۾ ڪم ڪندڙ عملي کي پي پي اي جي فراهمي کي يقيني بڻايو وڃي. آئيسوليشن اسٽاف جو عملو ڇهه ڇهه ڪلاڪ ڪم ڪندو ۽ کين رهائش لاءِ الڳ جاءِ مهيا ڪئي ويندي. هر ايم ايس جي ذميواري هوندي ته هو ڪورونا سيفٽي جي سلسلي ۾ ايس او پي کي برقرار رکي ۽ ان سلسلي ۾ هر هفتي رپورٽ به پيش ڪئي وڃي. جيڪڏهن اسپتال عملي ۾ ڪير وائرس سبب متاثر ٿئي ٿو ته ان کي اسپتال جي آئيسوليشن ۾ علاج هيٺ رکيو وڃي