پاڪستانخاصنيو‍‍ز

ڪراچي ۾ لاڪ ڊائون وڌيڪ سخت، ڪجهه رستا مڪمل طور بند

سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي هدايت تي ڪراچي ۾ لاڪ ڊائون کي وڌيڪ سخت ڪندي شهرين سان پوليس کي وڌيڪ سخت پيش اچڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. ڪراچي ۾ لاڪ ڊائون سترهين ڏينهن به جاري رهيو. ڪاروبار مڪمل بند، آفيسون بند، رستن تي ٽريفڪ معمول کان گهٽ نظر آئي. لاڪ ڊائون وڌيڪ سخت ڪندي پوليس ڪراچي جا ڪجهه رستا مڪمل طور بند ڪري ڇڏيا. ان ڏس ۾ ڪراچي پوليس چيف جي صدارت ۾ پوليس آفيسرن جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ايڊيشنل آءِ جي پاران لاڪ ڊائون تي عمل ڪرائڻ لاءِ شهرين سان سختي سان پيش اچڻ جي هدايت ڪئي وئي. پوليس چيف چيو ته ڪوشش هوندي ته شهرين کي فقط ضرورت تحت نڪرڻ ڏنو وڃي، ڀڃڪڙي تي آفيسرن کي ڪارروائي جي هدايت ڪئي وئي آهي. شهري لاڪ ڊائون کي سنجيده نه پيا وٺن تنهنڪري ڪارروائي ۽ ڏنڊ وڌائڻ تي غور ڪيو ويو آهي. هن چيو ته ڪابه فيڪٽري کلي ته مالڪ خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي