منشي صابر حسين جي ڪمائي ٿوري ۽ خرچ وڏو ھو. پنھنجي ٻچڙي لاءِ، آيا رکڻ ڳرو پئي لڳس. ليڪن ھڪ ته ٻارڙي جي صحت جي ڳڻتي ۽ ٻيو پنھنجي برادريءَ کان گهٽ ٿي رھڻ واري خواريءَ، اھو خرچ برداشت ڪرڻ تي مجبور ڪري وڌس. ٻار به آيا سان ريڌل ھو. سڄو ڏينھن ان جي ڳچيءَ جو ھار لڳو پيو ھو. انھيءَ سبب جي ڪري، آيا اڃان به اھم ٿي پئي ھئي. مگر شايد مڙني کان وڏو سبب اھو ھو ته حضور شرميءَ وچان آيا کي جواب ڏيڻ جي ھمت نه پئي ساري سگهيو. ڪراڙي وٽن، ٽن سالن کان بيٺل ھئي. انھيءَ ئي سندس اڪيلڙي پٽ کي پاليو تاتيو ھو. پنھنجو ڪم، دل سان ڪندي ھئي. کيس ڪڍڻ لاءِ ڪو بھانو نه پئي مليو. وري ھرو ڀرو جو ڪنھن تي چُٽو لائڻ به صابر جھڙي بردبار ماڻھوءَ لاءِ ممڪن نه ھو. مگر شاڪره جي انھيءَ معاملي ۾ مڙس سان اڻبڻت ھئي. کيس شڪ ھو ته آيا اسان کي ڦريو ٿي وڃي. جڏھن آيا بازار مان موٽي ته ھيءَ ٻنڀي تي لڪي بيٺي ھجي ته ڏسان؛ اٽو لڪائي ته نٿي رکي. ڪاٺيون لڪائي ته نٿي رکي. سندس آندل شيءِ کي ڪلاڪن جا ڪلاڪ پئي جاچيندي، پڇندي، ورجائي ورجائي پئي پڇندي ھيترڙو ڇو؟ گهڻو اگھ اٿس؟ ڇا ايڏو مھانگو ٿي ويو آھي! آيا ڪڏھن ته انھن بدگمانين جي ورندي، مٺڙي ٻوليءَ ۾ ڏيندي، پر جڏھن بيگم گهڻو تکي پوندس ته ھيءَ به ڪڙڪو ڪري ورندي ڏيندس. صفائيءَ لاءِ شاھديون پيش ڪنديس. رد ڏيڻ ۽ دليل بازيءَ ۾ پھر لڳي ويندا. لڳ ڀڳ اھا ويڌن، ڏھاڙي ھوندي ھئي ۽ ڏھاڙي اھو ڊرامو، آيا جي ٿورن ڳوڙھن ڳاڙڻ کانپوءِ وڃي پڄاڻي ڪندو ھو. آيا جون، ايڏيون سختيون سھي، رھيو پيو ھجڻ، شاڪره جي شڪن کي ويتر پاڻي ڏيندو ھو. کيس ڪڏھن يقين نه ٿيندو ھو ته ھيءَ ڪراڙي، محض ٻارڙي جي قرب ۾ ڪِري پئي آھي. آيا کي اھڙي نرم دل جي، ھرگز نه سمجهندي ھئي.