برسات کي منهن ڏيڻ لاءِ سنڌ حڪومت تيار
ڪالهه سي ايم هائوس ۾ هڪ ميٽنگ کي خطاب ڪندي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته صوبي جا سڀئي ڪمشنر پنهنجن ضلعن ۾ فوڪل پرسن جو ڪردار ادا ڪندا ته جيئن برسات پوڻ کانپوءِ مناسب ڪارروايون ڪيون وڃن ۽ ڪنهن به قسم جي جاني نقصان کي منهن ڏيئي سگهجي. وڏي وزير هدايت ڪندي چيو ته صوبي اندر پاڻي ڪڍڻ وارين مشينن ۽ نالا صاف ڪرڻ وارين مشينن جي بهتر حالت کي يقيني بڻايو وڃي. هن موقعي تي پي ڊي ايم سي جي ڊائريڪٽر جنرل سلمان شاهه ٻڌايو ته صوبائي ليول تي پراونشل ايمرجنسي سينٽر جوڙيو ويو آهي جيڪو 24 ڪلاڪ ڪم ڪندو رهندو. هن وڌيڪ ٻڌايو ته صوبي اندر هن جي اداري پاران 141 پاڻي ڪڍڻ واريون مشينون تيار رکيون ويون آهن.