پاڪستان گري لسٽ مان نڪرڻ ۾ ناڪام رهيو ته پئسن جي آمد متاثر ٿيندي: آءِ ايم ايف

آءِ ايم ايف پاران چيو ويو آهي ته جيڪڏهن پاڪستان گري لسٽ مان نڪرڻ ۾ ناڪام رهيو ته پئسن جي آمد متاثر ٿي ويندي. آءِ ايم ايف جي ترجمان ٽريسا ڊابن سانچيز پشاور اندر هڪ سيمنار ۾ خطاب ڪندي چيو ته ايف اي ٽي ايف جي گري لسٽ مان نڪرڻ لاءِ مناسب قدم نه کڻڻ سبب پروگرام تي خراب اثر پئجي ويندا. هن وڌيڪ چيو ته 2018 جي شروع کان وٺي حڪومت معيشيت کي بهتر بنائڻ لاءِ سٺا قدم کنيا آهن، جنهن ۾ اسٽيٽ بينڪ جي پاليسي ريٽ ۾ اضافو، بجلي ۽ گئس جي ريٽ ۾ ايڊ جسٽمينٽ وغيره شامل آهن.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *