پاڪستانخاصنيو‍‍ز

پرويز الاهي اعتماد جو ووٽ وٺڻ ۾ ڪامياب، گورنر نوٽيفڪيشن واپس وٺي ڇڏيو

وڏي وزير پرويز الاهي رات اعتماد جو ووٽ وٺي ڇڏيو آهي، پرويز الاهي جي وڪيل بيرسٽر علي ظفر لاهور هاءِ ڪورٽ کي آگاهه ڪري ڇڏيو. جسٽس عابد عزيز شيخ سوال ڪيو ته رات ايوان ۾ ڪيترا ميمبر موجود هئا، علي ظفر جواب ڏيندي چيو ته وڏي وزير تي 186 ميمبرن اعتماد ظاهر ڪيو، اعتماد جي ووٽ لاءِ 186 ميمبرن جي ئي ضرورت هئي. گورنر جي وڪيل منصور اعواڻ چيو ته فلور ٽيسٽ ٿي وئي آهي، اعتماد جي ووٽ واري ڪارروائي کي عدالتي رڪارڊ جو حصو بڻايو وڃي. اسپيڪر سبطين خان جي وڪيل وڏي وزير جي ڪاميابيءَ جو نوٽيفڪيشن عدالت آڏو پيش ڪري ڇڏيو.