ڪڻڪ جو ڪوبه بحران نه آهي، مناسب مقدار ۾ ذخيرا موجود آهن: وزيراعظم
وزيراعظم شهباز شريف جو چوڻ آهي ته ملڪ ۾ ڪڻڪ جو ڪوبه بحران نه آهي، مناسب مقدار ۾ ذخيرا موجود آهن، ناجائز منافع خوري ڪري هٿراڌو کوٽ پيدا ڪرڻ جي اجازت نه ڏينداسين. وزيراعظم شهباز شريف جو ملڪ ۾ ڪڻڪ ۽ اٽي جي هٿراڌو کوٽ ۽ ذخيره اندوزن ۽ ناجائز منافعي خوري جي حوالي سان اعليٰ سطحي هنگامي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ وزيراعظم ملڪ ۾ ڪڻڪ جي موجود ذخيرن جو جائزو ورتو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ملڪ ۾ ڪڻڪ جا وڌيڪ ذخيرا موجود آهن ۽ صوبن کي هدايت ڪئي پئي وڃي ته پاسڪو جي ذخيرن کان فلور ملن تائين ڪڻڪ جي پهچ وڌيڪ تيز ڪئي وڃي.

