امڙ ليکڪ: قدرت الله شهاب ترجمو: انجنيئر عبدالوهاب سهتو ڪهاڻي اپريل 2022
امڙ جي ڄم جو صحيح سال، معلوم ٿي نه سگھيو.
جنھن زماني ۾ لائل پور جو ضلعو نئون نئون آباد پئي ٿيو ته پنجاب جي ڳوٺ ڳوٺ مان مسڪين ماڻھو ٻنيون حاصل ڪرڻ لاءِ ھن نئين ڪالونيءَ ۾ جٿن جا جٿا ڇڪجي پئي پھتا. عام طور تي لائل پور، جھنگ، سرگوڌا وغيره کي ”بار“ (ساندل بار) وارو علائقو سڏيو ويندو ھو.
ان دور ۾ امان جي عمر ڏھ ٻارھن سال کن ھوندي. انھيءَ حساب سان سندس ڄم پوئين (اوڻيھين) صديءَ جي آخري ڏھن پندرھن سالن ۾ ٿيو ھوندو.
امڙ جو اباڻو ڏيھ تعلقي روپڙ، ضلعي انبالہ (ھن وقت ھندستان) ۾ ”منيلہ“ نالي ھڪڙو ڳوٺ ھو. والدين وٽ چند ايڪڙ ٻني جي ايراضي ھئي. تن ڏينھن روپڙ ۾ ستلج نديءَ مان سرھند نھر جي کوٽائي پئي ٿي. ناني جي ٻني نھر جي کوٽائيءَ ۾ ھلي وئي. روپڙ ۾ انگريز حاڪم جي آفيس ۾ اھڙين زمينن جو معاوضو ڏنو ويندو ھو. نانو ٻه ٽي ڀيرا معاوضي جي جاچ ۾ شھر ويو، ليڪن ماڻھو صفا سادو ھو. ڪڏھن اھو به ڪنھن کان پڇي نه سگھيو ته انگريز جي آفيس ڪٿي آھي ۽ معاوضو وٺڻ لاءِ ڇا ڇا ڪرڻو پوندو. آخر صبر ۽ شڪر ڪري ويھي رھيو ۽ نھر جي کوٽائيءَ جي مزوري ڪرڻ لڳو.
انھن ڏينھن ۾ اشتھار ڇپيو ته ”بار“ ۾ ڪالوني کلي آھي ۽ نون ھارين کي ٻنيون مفت ۾ پيون ملن. نانو پنھنجي زال، ٻن ننڍڙن پٽڙن ۽ ھڪڙي ڌيئڙيءَ تي مشتمل آڪھ ساڻ ڪري لائل پور لاءِ روانو ٿي پيو. سواريءَ جي توفيق نه ھئس، تنھنڪري پيرين پنڌ نڪري پيو.
واٽن تي محنت مزدوريون ڪندا، پيٽ پاليندا پئي ويا. نانو ھنڌ ھنڌ تي قليءَ وارو ڪم ڪري يا ڪنھن ٽال تي ڪاٺيون ڏاريندو ھو. ناني ۽ امڙ ڪنھن جو سٽ ڪتينديون ھيون يا گھرن جي ڀتين ۽ آڳرن تي راڳو ڏينديون ھيون. لائل پور جي صحيح دڳ جي ڪنھن کي به خبر نه ھئي. ھنڌئون ھنڌئون رلندا ڀٽڪندا ۽ پڇائيندا پڇائيندا ڏينھن جو سفر ھفتن ۾ طئي ڪندا ھئا.
ڏيڍ مھيني جي پنڌ کانپوءِ جڙانواله پھتا. پيرين پنڌ ھلڻ ۽ محنت مزورين جي مشقت جي ڪري بت چڪنا چور ۽ پير سُڄي پيا ھئن. ھتي ٿورا مھينا ترسيا. نانو سڄو ڏينھن اناج منڊيءَ ۾ ٻوريون کڻڻ واري حمالگيري ڪندو ھو. ناني سٽ ڪتي وڪڻندي ھئي ۽ امڙ گھر جي سنڀال ڪندي ھئي جيڪو ھڪڙي ننڍڙي جھوپڙيءَ تي مشتمل ھو.
انھن ڏينھن ۾ ٻاڪري عيد جو ڏڻ پڻ آيو. ناني وٽ ٿورا رپيا ڪٺا ٿيا ھئا. جنھن امڙ کي ٽي آنا عيد جي خرچيءَ طور ڏنا. زندگيءَ ۾ پھريون ڀيرو امڙ جي ھٿ تي ايترا پئسا آيا ھئا. گھڻو ئي سوچيائين، پر کيس انھن پئسن جو ڪارج سمجھ ۾ نه آيو. وفات وقت سندس عمر اسيءَ جي لڳ ڀڳ ھئي، ليڪن سندس لاءِ سئو رپين، ڏھن رپين، پنج رپين جي نوٽن ۾ فرق ڪرڻ آسان ڪم نه ھو. عيد جي خرچيءَ وارا ٽي آنا ڪيترا ڏھاڙا ته امڙ جي پوتيءَ جي پلاند ۾ ٻڌا پيا ھئا. جنھن ڏينھن جڙانواله کان روانا پئي ٿيا تنھن ڏينھن امڙ يارھن پئسن جو تيل خريد ڪري مسجد جي ڏيئي ۾ وڌو. باقي ھڪڙو پئسو پاڻ وٽ رکيائين. ان کانپوءِ جڏھن به يارھن پئسا پورا ٿيندا ھئس ته ٿڏي تي مسجد ڏانھن تيل موڪليندي ھئي.
سڄي حياتي خميس جي شام ڌاري انھيءَ عمل تي باقاعدگيءَ سان ڪاربند رھي. آھستي آھستي مڙني مسجدن ۾ بجليون اچي ويون. ليڪن لاھور ۽ ڪراچيءَ جھڙن شھرن ۾ به کيس اھڙيون مسجدون سُجھنديون ھيون جن جا ڏيئا اڃان به تيل تي ٻرندا ھئا. وفات واري رات به امڙ جي سيرانديءَ کان ململ جي رومال ۾ چند آنا ٻڌا رکيا ھئا. گھڻو ڪري اھي پئسا به مسجد جي تيل لاءِ ڪٺا ڪري رکيل ھئس. ڇو جو اھا جمعي جي رات ھئي.
انھن چند آنڙن کانسواءِ امڙ وٽ نه ڪا ٻي روڪڙ ھئي ۽ نه ئي ڪو زيور ذرڙو. گذاري جي سامان ۾ وٽس آڱرين تي ڳڻڻ جيتريون شيون ھيون. ٽي وڳا سوٽي ڪپڙن جا، ھڪڙو جوڙو ديسي جوتي جو، ھڪڙو جوڙو رٻڙ جي چمپل، ھڪڙي عينڪ، ھڪڙي منڊي جنھن ۾ ٽي ننڍڙا فيروزي جا ٻڙا پيل ھئا. ھڪڙو مصلو، ھڪڙي تسبيح ۽ باقي الله جو نالو. پائڻ وارا ٽي جوڙا وڏي اھتمام سان رکندي ھئي. ھڪڙو وڳو تن تي، ٻيو پنھنجي ھٿن سان ڌوئي وھاڻي ھيٺان رکندي ھئي ته جيئن استري پيو ٿئي. ٽيون ڌوپجڻ لاءِ پيو ھوندو ھو. ان کان علاوه اگر چوٿون ڪپڙو وٽس ايندو ھو ته ڇپر ڇپر ۾ ھڪڙو جوڙو ڪنھن کي ڏيئي ڇڏيندي ھئي. انھيءَ ڪري سڄي حياتيءَ ۾ کيس پيتي ڌارڻ جي لوڙ ئي نه پئي. ڊگھي ۾ ڊگھي سفر تي وڃڻ جي تياريءَ ۾ کيس چند منٽن کان وڌيڪ ڪونه لڳندا ھئا. ڪپڙا ڳنڍڙي ڪري، مصلي ۾ ويڙھڻ. سياري ۾ اوني لوئي ۽ اونھاري ۾ سنھڙي پوتيءَ جي ٻُڪر ھنئي ۽ جتي وڃڻو آھي اتي لاءِ تيار. آخرت جو سفر به اھڙي سادگيءَ سان ڪيائين. ميرا ڪپڙا پنھنجي ھٿڙن سان ڌوئي وھاڻي ھيٺان رکيائين. وھنجي سھنجي، وار سڪايائين ۽ چند منٽن ۾ زندگيءَ جي ڊگھي سفر تي رواني ٿي وئي. جھڙي خاموشيءَ سان ھِن دنيا اندر گذاريو ھئائين تھڙي خاموشيءَ سان ھُن دنيا ڏانھن ھلي وئي. اھڙي موقعي لاءِ گھڻو ڪري ھيءَ دعا گھرندي ھئي ته؛ ”الله سائين! ھلنديءَ ھلائجانءِ! الله سائين ڪڏھن به ڪنھن جو موٿاڄ نه ڪجانءِ!“
کائڻ پيئڻ ۾ ھوءَ ڪپڙي لٽي کان به وڌيڪ سادڙي ۽ غريب مزاج ھئي. سندس دلپسند خوراڪ مڪئيءَ جي اٽي جي ماني، ڌاڻن ۽ ڦودني جي چٽڻيءَ سان. باقي شيون خوشيءَ سان کائيندي ھئي، ليڪن شوق ڪري نه. لڳ ڀڳ ھر گراھ تي الله جو شڪرانو بجا آڻيندي ھئي. ميون ۾ اگر ڪڏھن گھڻو زور ڀربو ھيس ته ڪڏھن ڪڏھن فرمائش ڪندي ھئي. ليڪن نيرن تي چانھ جا ٻه پيالا ۽ ٽپھريءَ ڌاري سادي چانھ جو پيالو ضرور پيئندي ھئي. کاڌو فقط ھڪڙو ويلو کائيندي ھئي. گھڻو ڪري ٻپھريءَ جو. ڪنھن قضا نئي رات جو به. گرمين جي ڏينھن ۾ ولوڙي مکڻ ڪڍيل ڇڊڙي لوڻي لسيءَ سان ھڪ اڌ سادڙي ماني سندس پسنديده خوراڪ ھئي.
ٻين کي ڪا شيءِ شوق سان کائيندي ڏسي ڏاڍو خوش ٿيندي ھئي ۽ ھميشه دعائون ڏيندي ھئي؛ ”سڀ جو خير ھجي.“ خاص ڪري پنھنجي سر لاءِ يا پنھنجي ٻچڙن جي لاءِ سڌو سنئون ھن ڪڏھن ڪجھ نه گھريو. اول ٻين لاءِ گھرندي ھئي ۽ تھان پوءِ خدا جي مخلوق جي حاجت روائيءَ جي طفيل پنھنجي ٻچڙن يا عزيزن جو خير گھرندي ھئي. پنھنجي پٽن يا ڌيئرن کي ھن پنھنجي زبان سان ”منھنجا پٽ“ يا ”منھنجي ڌيءَ“ چوڻ جي دعويٰ نه ڪئي. سدائين کين ”او! الله جا ڏنل“ ڪري سڏيندي ھئي.
ڪنھن کان ڪم وٺڻ امڙ جي طبيعت کي اُگرو لڳندو ھو. پنھنجا سمورا ڪم ھوءَ پنھنجي ھٿن سان ڪندي ھئي. اگر ڪو ملازم زور مِس ڪري سندس ڪم ڪندو ھو ته کيس عجيب شرمساريءَ جو احساس ٿيڻ لڳندو ھو ۽ احسان منديءَ سان کيس سڄو ڏينھن پئي دعائون ڏيندي ھئي.
سادگي ۽ درويشيءَ جو اھو رک رکاءُ ڪجھ قدرت واري امڙ جي سرشتي ۾ وڌو ھو ڪجھ يقينن زندگيءَ جي اٿل پٿل کيس سيکاريو ھو.
جڙانواله ۾ ٿورو عرصو ترسڻ پڄاڻان ھوءَ پنھنجي والدين ۽ ننڍڙن ڀائرن سميت ٻنيءَ جي ڳولا ۾ لائل پور جي ڪالونيءَ ڏانھن روانا ٿيا ته کين ڄاڻ ئي نه ھئي ته کين ڪھڙي ھنڌ وڃڻو آھي ۽ ٻني حاصل ڪرڻ لاءِ ڪھڙا قدم کڻڻا آھن. امڙ ٻڌائيندي ھئي ته ان زماني ۾ ڪالونيءَ جو تصور ھڪڙي فرشتي صفت بزرگ جو ھو، جيڪو ڪنھن واٽ تي ويھي ٻنين جا پروانا پيو ورھائيندو ھوندو. ڪيترا ئي ھفتا ھيءُ ننڍڙو قافلو لائل پور جي علائقي ۾ پيرين پنڌ رلندو رھيو، ليڪن ڪنھن به واٽڙيءَ تي کين ڪالونيءَ جو خضر صورت راھنما نه ملي سگھيو. آخر تنگ ٿي ھنن چڪ نمبر ۳۹۲، جيڪو تن ڏينھن نئون نئون پئي آباد ٿيو، وڃي لڏو لاٿو. ماڻھو جٿن جا جٿا ڪيو اتي اچي وسيا پئي. ناني پنھنجي سادگيءَ ۾ اھو ئي سمجھيو ته ڪالونيءَ ۾ آباد ٿيڻ جو شايد اھوئي واحد طريقو آھي. تنھنڪري ھن به ھڪڙو ننڍڙو پٽ والاري ڪکن ڪاڄرن جي کڻي ڀونگڙي اڏي ۽ غيرآباد زمين جو ھڪڙو ٽُڪرَ ڳولي مٿس پوک جي تياري ڪرڻ لڳو. انھن ئي ڏينھن ۾ مال کاتي جو عملو پڙتال تي آيو. ناني وٽ ته الاٽمينٽ جا ڪاغذ پٽ نه ھئا. جنھن ڪري کيس چڪ مان ئي تڙي ڪڍيائون ۽ سرڪاري زمين تي ناجائز ڀونگڙي اڏڻ جي ڏنڊ ۾ سندس ٿانءُ ٿپا ۽ ھنڌ بسترا به ڳاري ڇڏيائون. عملي جي ھڪڙي ھمراھ ته چانديءَ جون ٻه والڙيون به امڙ جي ڪنن مان لاھي ورتيون. ھڪڙي والي لاھڻ ۾ ٿوري دير ٿيس ته سٽ ڏئي کڻي ڇڪيائينس جنھن سان امڙ جي ڪن جي پاپڙي به چيرجي پئي.
چڪ نمبر ۳۹۲ کان نڪري جيڪو رستو اڳيان آين تنھن تي ھلي پيا. گرمين جا ڏينھن ھجن. سڄو ڏينھن لُڪَ پئي لڳي. پاڻيءَ رکڻ واسطي ٺڪر جو پيالو به نه ھئن. جتي به ڪو کوھ نظر آين امڙ پنھنجو رئو پُسائي وٺندي ھئي ته جيئن اڃ لڳڻ سان پنھنجي ننڍڙن ڀائرن کي چوسرائيندي وڃي. اھڙيءَ طرح ھو ھلندا ھلندا چڪ نمبر ۵۰۷ ۾ وڃي پھتا جتي ھڪڙي ڄاڻ سڃاڻ واري رھاڪوءَ ناني کي پنھنجو ھاري ڪري رکيو. نانو ھر ھلائيندو ھو. ناني مال چاريندي ھئي. امڙ ٻنين مان گاھ لڻي زميندار جي مينھن ۽ ڍڳين لاءِ آڻيندي ھئي. تن ڏينھن کين ايتري به وسعت نه ھئي جو ھڪڙي ويلي جي ماني به ڍَوَ تي کائي سگھن. ڪنھن وقت جھنگلي ٻيرن تي ويلو ٽاريندا ھئا. ڪڏھن گدرن جون کلون اوٻاري کائيندا ھئا. ڪڏھن ڪنھن ٻنيءَ ۾ ڪچڙيون انبڙيون ڪريل ملي ويون ته ان جي چٽڻي ٺاھي وٺندا ھئا. ھڪ ڏينھن ڄانڀي ۽ سرنھن جو ساڳ ڪٿان کين ھٿ اچي ويو. ناني محنت مزوريءَ ۾ کِٿِ لڳي پئي ھئي. امڙ ئي ساڳ چلھ تي چاڙھيو. جڏھن رجھي تيار ٿيو ۽ ساڳ کي دال مھٽڻي سان مھٽڻ جو وارو آيو ته امڙ گھوٽڻو اھڙو زور سان ڦيريس جو ٺڪر جي ڪُنيءَ جو ترو ئي ٽٽي پيو ۽ سارو ساڳ چلھ ۾ وھي ويو. امڙ کي نانيءَ جا دڙڪا ته مليا، پر ٿڦا ٿوڦي پڻ ٿيس. رات جو سڄي آڪھ ڪاٺين تي ڪريل ساڳ آڱرين سان چٽي چٽي مڙئي ٻالنگھ ڪيو.
چڪ نمبر ۵۰۷، ناني کي ڏاڍو راس آيو. چند مھينن جي محنت مزدوريءَ پڄاڻان نئين آبادڪاريءَ جي سلسلي ۾ آسان قسطن تي کيس ھڪڙو مربع (چوويھ ايڪڙ) ٻنيءَ جو ملي ويو. آھستي آھستي ڏينھن ڦرڻ لڳن ۽ ٽن سالن اندر ڳوٺ ۾ سندن شمار اڇي ماني اڇي لٽي وارن ۾ ٿيڻ لڳو. جيئن جيئن پئسڙو پاڇي ٿيڻ لڳو تيئن تيئن اباڻي وطن جي ياد ستائڻ لڳن. جنھنڪري خوشحاليءَ جا چار پنج سال گذارڻ کانپوءِ سڄي آڪھ ريل تي چڙھي منيلہ ڏي رواني ٿي وئي. ريل جو سفر امڙ کي ڏاڍو وڻيو. سڄو وقت دريءَ کان منھن ڪڍيو تماشو ڏسندي رھي. ايئن ڪرڻ سان ڪوئلن جون سنھيون ڇيتيون سندس اکين ۾ پڻ پئجي ويون. جنھن جي ڪري ڪيترا ڏھاڙا اکين اٿڻ جي بيماريءَ ۾ گذاريائين. انھيءَ تجربي کان پوءِ ھن پنھنجي ڪنھن به ٻچڙي کي ھلندي ريل جي دريءَ مان ڪڏھن به ٻوٿ ٻاھر ڪڍڻ نه ڏنو.
امڙ ريل جي ٿرڊ ڪلاس واري گاڏي ۾ ڏاڍو خوش رھندي ھئي. گڏ سفر ڪندڙ عورتن ۽ ٻارن سان ھڪدم گھائل مائل ٿي ويندي ھئي. سفري ٿڪ ۽ رستي جي ڌوڙ جو مٿس ڪوبه اثر نه پوندو ھو. ان جي برعڪس مٿئين درجي جي گاڏي ۾ ڏاڍو ڪڪ ٿيندي ھئي. ھڪ ٻه ڀيرا جڏھن مجبورن ايئرڪنڊيشن دٻي ۾ سفر ڪرڻو پيو ته ھوءَ ٿڪجي چور ٿي پئي ۽ سڄو وقت مٿس قيد ڪاٽڻ وانگر ڳؤرو گذريو.
منيلہ پھچي ناني پنھنجو اباڻو گھر ٺيڪ ٺاڪ ڪرايو. مٽن مائٽن کي سوکڙيون پاکڙيون ڏياري موڪليائين. دعوتون ٿيون. پوءِ امڙ لاءِ ور ڳولڻ جو سلسلو شروع ڪيو ويو.
ان زماني ۾ لائل پوري زميندارن جي ھاڪ ھئي. سندن ڳاڻيٽو خوش قسمت ۽ باعزت ماڻھن ۾ ٿيندو ھو. جنھن ڪري امڙ جي لاءِ جيڏانھن تيڏانھن مٽيءَ جا نياپا نڙا اچڻ لڳا. ھونئن به تن ڏينھن امڙ جا ٺٺ ٺانگر ھئا. ڀائپي برادريءَ وارن تي رعب وجھڻ لاءِ ناني کيس ڏھاڙي نوان نوان جوڙا پارائيندي ھئي ۽ ھر وقت ڪنوار وانگر سينگاري سجائي ويھاريندي ھئس.
ڪڏھن ڪڏھن پراڻين يادن کي تازو ڪرڻ لاءِ امڙ ڀورڙائپ سان پاڻُ پڏائيندي چوندي ھئي؛ ”تن ڏينھن ته ڳوٺ ۾ نڪرڻ ئي منھنجي لاءِ جنجال ٿي ويو. جيڏانھن کان لنگھان ماڻھو ٺِڳي بيھي رھن ۽ چون؛ ھيءَ خيال بخش زميندار جي ڌيءَ آھي. ڏسون ڪھڙو خوش نصيب ٿو پرڻائي وٺي وڃيس.“
”امان! تنھنجي نظر ۾ ڪو اھڙو خوش نصيب ڪو نه ھو؟“ اسان وري کيس ڇيرو ڏيڻ خاطر چوندا ھئاسين.
”توبهه توبهه پٽ!“ امڙ ڪنن جي پاپڙين تي ھٿ رکندي ھئي؛ ”منھنجي نظر ۾ ڀلا ڪير ڪيئن پئي ٿي سگھيو. ھا منھنجي دل ۾ ايتري خواھش ضرور ھئي ته اگر مون کي اھڙو ماڻھو ملي جيڪو ٻه اکر پڙھيل لکيل ھجي ته خدا جي وڏي مھرباني ٿيندي.“
سڄيءَ حياتيءَ ۾ لاشڪ اھا ئي ھڪ خواھش ھئي جيڪا امڙ جي دل ۾ پنھنجي ذات لاءِ پيدا ٿي. ان کي وري خدا ھيئن پورو ڪيس جو انھيءَ ئي سال امڙ جو وھانءُ عبدالله صاحب سان ٿي ويو. تن ڏينھن سڄي علائقي ۾ رڳو عبدالله جي ڳالھ ھئي. ھو ھڪ امير ڪبير خاندان جي اک جو تارو ھو، ليڪن پنجن ڇھن سالن جي عمر ۾ يتيم به ٿي ويو ۽ ڏاڍو مسڪين حال پڻ. جڏھن ابي جو سايو سر تان ھٽي ويس ته اھو انڪشاف ٿيس ته اباڻي سڄي ملڪيت گروي پيل آھي. نتيجن عبدالله صاحب پنھنجي امڙ سميت ھڪڙي جھوپڙيءَ ۾ لڏي اچي ويٺو. زر ۽ زمين جو اھو انجام ڏسي ھن اھڙي ملڪيت ٺاھڻ جو عزم ڪيائين جيڪا وياج خورن وٽ گروي نه رکي سگھجي. نتيجي طور عبدالله صاحب دل جان سان تعليم پرائڻ ۾ جنبي ويو. اسڪالرشپ مٿان اسڪالرشپ حاصل ڪندو ۽ ٻن ٻن سالن جو امتحان ھڪڙي ھڪڙي سال ۾ پاس ڪندو، پنجاب يونيورسٽيءَ جي مئٽرڪ واري امتحان ۾ پھريون نمبر آيو. ان زماني ۾ غالبن اھو پھريون واقعو ھو جو ڪنھن مسلمان شاگرد يونيورسٽيءَ جي امتحان ۾ رڪارڊ بيھاريو ھجي.
واتين سري، واڳين سري. تان جو اھا خبر وڃي سر سيد جي ڪنن پھتي. جيڪو ان وقت علي ڳڙھ مسلم ڪاليج جو بنياد رکي چڪو ھو. تنھن پنھنجو خاص منشي ڳوٺ موڪليو ۽ عبدالله صاحب کي وظيفو ڏئي، علي ڳڙھ گھرائي ورتائين. اتي عبدالله صاحب ڏاڍي محنت سان پنھنجو رنگ ڪڍيو ۽ بي اي ڪرڻ پڄاڻان اوڻيھن سالن جي عمر ۾ اتي ئي انگريزي، عربي، فلسفي ۽ حسابن جو ليڪچرار ٿي ويو.
سر سيد کي ان ڳالھ جو جنون ھو ته مسلمان نوجوان گھڻي کان گھڻي تعداد ۾ وڏين ملازمتن ۾ اچن. تنھنڪري ھن، عبدالله صاحب کي سرڪاري وظيفو ڏيارايو ته جيئن ھو انگلستان وڃي آءِ سي ايس جي امتحان ۾ ويھي.
پوئين صديءَ جا وڏڙا جھونڙا ست سمنڊ پار واري سفر کي وڏي آفت سمجھندا ھئا. عبدالله صاحب جي ماءُ پٽڙي کي ولايت وڃڻ کان منع ڪري ڇڏيو. عبدالله صاحب جي سعادت مندي آڏو اچي وئي ۽ ھن وظيفو واپس ڪري ڇڏيو.
ان حرڪت تي سر سيد کي وڏي چڙ آئي ۽ ڏک پڻ ٿيس. لک ڀيرا سمجھايائينس، آتاريائينس، ڊيڄاريائينس، ڌمڪيون ڏنائينس، ليڪن عبدالله صاحب جونءَ جيترو به پوئتي نه چُريو.
”ڇا تون پنھنجي ڪراڙيءَ ماءُ کي قوم جي مفاد تي ترجيح ٿو ڏين؟“ سر سيد ڪڙڪي سان پڇيس.
”جي ھائو!“ عبدالله صاحب ورندي ڏنس.
اھو ٽڪو جواب ٻڌي سر سيد آپي مان ئي ٻاھر نڪري ويو. ڪمرو بند ڪري پھرين عبدالله صاحب کي لتن، مڪن ۽ جوتن سان ڦيھ ڏنائين پوءِ ڪاليج جي نوڪريءَ تان ڪڍندي چيائينس؛ ”علي ڳڙھ مان نڪري وڃ! ھاڻ اھڙي ھنڌ وڃي مر جتي مان تنھنجو نالو به ڪنين نه ٻڌان.“
عبدالله صاحب جيترو سعادت مند پٽ ھو اوترو ئي سعادت مند شاگرد پڻ ھو. نقشي تي کيس مڙني کان ڏورانھون ۽ اڻانگو ھنڌ گلگت نظر آيو. تنھنڪري ھو نڪ جي سِڌَ ۾ گلگت وڃي پھتو ۽ ڏسندي ئي ڏسندي گورنريءَ جي عھدي تي وڃي پڳو.
جن ڏينھن امڙ جي مڱڻي جي ڳڻ ڳوت پئي ٿي تن ڏينھن عبدالله صاحب موڪل تي ڳوٺ آيل ھو. قسمت ۾ ٻنھي جو ڳانڍاپو لکيل ھو. سندن مڱڻو ٿيو ۽ مھيني کانپوءِ پرڻو به ٿيو ته جيئن عبدالله صاحب ڪنوار کي ساڻ ڪري گلگت وٺي وڃي.
مڱڻي کانپوءِ ھڪ ڏينھن امڙ پنھنجي ساھيڙين سان ڀر واري ڳوٺ ۾ ميلو گھمڻ وئي ھئي. اتفاق سان يا ڄاڻي واڻي عبدالله صاحب به اتي پھچي ويو.
امڙ جون ساھيڙيون کيس وڪوڙي ويون ۽ کينچلون ڪري کانئس ڄڻيءَ ڄڻيءَ پنج پنج رپيا ڪڍيا. عبدالله صاحب امڙ کي به گھڻي ئي پئسا پيش ڪيا جيڪي ھن نه ورتس. ڏاڍو زور پئجي وڃڻ تي لاچار امڙ يارھن پئسن جي فرمائش ڪيس.
”ايڏي ميلي ۾ يارھن پئسا وٺي ڇا ڪندينءَ!؟“ عبدالله صاحب پڇيس.
”ايندڙ جمعي رات تنھنجي نالي تي مسيت جي ڏيئي ۾ تيل وجھنديس.“ امڙ ورندي ڏنس.
زندگيءَ جي ميلي ۾ پڻ عبدالله صاحب سان امڙ جو ليکو چوکو فقط جمعي جي رات يارھن پئسن تائين ئي محدود رھيو. ان کان وڌيڪ رقم نه ڪڏھن ھن گھري نه پاڻ وٽ رکي.
گلگت ۾ عبدالله صاحب جو وڏو شان شوڪت ھو. سھڻو بنگلو، وڏو باغ، نوڪر چاڪر، دروازي تي سپاھين جو پھرو. جڏھن عبدالله صاحب دوري تي ٻاھر ويندو ھو يا موٽندو ھو ته ستن توپن جي سلامي ڏني ويندي ھئس. ھونئن به گلگت جو گورنر خاص سياسي، انتظامي ۽ سماجي اقتدار جو حامل ھو، ليڪن امڙ تي ان سڄي دٻدٻي جو ذري جو به اثر نه ٿيو. ڪنھن به قسم جو ننڍو وڏو ماحول مٿس اثر انداز نه ٿيندو ھو. بلڪه امڙ جي سادگي ۽ خود اعتمادي ھر ماحول تي چپ چپات ۾ ڇانئجي ويندي ھئي.
تن ڏينھن سر مالڪم ھيلي برطانيا سرڪار جي طرفان گلگت جي روسي ۽ چيني سرحدن تي پوليٽيڪل ايجنٽ طور رکيل ھو. ھڪ ڏينھن ليڊي ھيلي ۽ سندس ڌيءَ، امڙ سان ملڻ آيون. کين فراڪ پاتل ھئا ۽ پنيون اگھاڙيون ھئن. اھا بي پردگي امڙ کي ڪا نه وڻي. تنھن تي ليڊي ھيليءَ کي چئي ڏنائين؛ ”تو واري زندگي ته جيئن گذرڻي ھئي سا گذري وئي. ھاڻ تون ته پنھنجي ڌيءَ جي پڇاڙي خراب نه ڪر.“ اھو چئي ھن مس ھيليءَ کي پاڻ وٽ ترسائي ڇڏيو ۽ ٿورڙن ئي مھينن ۾ کيس کاڌو رڌڻ، سبڻ ٽاڪڻ، سانجهڻ، ڪپڙا ڌوئڻ سيکاري ابي امڙ ڏانھن موٽائي موڪليائين.
جڏھن روس ۾ انقلاب آيو ته لارڊ ڪچز سرحدن جو معائنو ڪرڻ گلگت آيو. سندس اعزاز ۾ گورنر جي طرفان مھماني جھلي وئي. امڙ پنھنجي ھٿن سان ڏھ ٻارھن طعام پچايا. کاڌو ڏاڍو لذت ڀريو ھو. لارڊ ڪچز پنھنجي تقرير ۾ چيو؛ ”مسٽر گورنر! جنھن بورچيءَ اھي طعام پچايا آھن مھرباني ڪري منھنجي طرفان سندس ھٿَ چُمجو.“
دعوت پڄاڻان، عبدالله صاحب ٽڙندو ٽلندو گھر موٽيو ته امڙ بورچي خاني جي ھڪڙي ڪنڊڙيءَ ۾ تڏي تي ويھي لوڻ ۽ مرچن جي چٽڻيءَ سان مڪئيءَ جي ماني پئي کاڌي.
ھڪڙي سٺي گورنر وانگر عبدالله صاحب امڙ جا ھٿ چميا ۽ چيائينس؛ ”جيڪڏھن لارڊ ڪچز اھا فرمائش ڪري ھا ته ھو پاڻ بورچيءَ جا ھٿ چمڻ ٿو چاھي ته پوءِ تون ڇا ڪرين ھا؟“
”مان!“ امڙ نرو ڏئي چيس؛ ”مان ان جي مڇن مان پڪڙي پاڙئون پٽي ڪڍان ھا! پوءِ تون ڇا ڪرين ھا؟!“
”مان!“ عبدالله صاحب ڊرامو ڪيس؛ ”مان سندس مڇن کي ڪپھ ۾ ويڙھي وائسراءِ ڏي ڏياري موڪليان ھا ۽ توکي وٺي ڪاڏي ڀڄي وڃان ھا جيئن سر سيد وٽان ڀڳو ھئس.“
امڙ تي اھڙن گفتن جو ڪوبه اثر نه پوندو ھو. ليڪن ھڪ دفعو امڙ سڙ پچ جي باھ ۾ سڙي ڪوڪلا ٿي وئي جيڪو ھر عورت جو ازلي ورثو آھي.
گلگت ۾ ھر قسم جا احڪام ”گورنري“ جي نالي تي جاري ٿيندا ھئا. جڏھن اھو ھوانو امڙ تائين پھتو ته پاڻ عبدالله صاحب سان شڪايت ڪيائين؛ ”ڀلا حڪومت ته تون ٿو ڪرين، ليڪن گورنري گورنري چئي مون غريب جو نالو وچ ۾ ڇو آندو ويندو آهي، اجايو سجايو؟!“
عبدالله صاحب علي ڳڙھ جو پڙھيل ھو. مزاح واري رڳ ڦڙڪي پيس ۽ رُکائيءَ سان چيائينس؛ ”اڙي ڀاڳڀري! اھو تنھنجو نالو ٿورئي آھي. گورنري ته دراصل تنھنجي پھاڄ آھي جيڪا ڏينھن رات منھنجي ڪڍ ڪڍ ھوندي آھي.“
مذاق جي حد ھئي. عبدالله صاحب سمجھيو ته ڳالھ آئي وئي ٿي وئي، ليڪن امڙ جي دل ۾ ڏک ويھجي ويو. انھيءَ درد ۾ اندر ئي اندر ۾ ڪڙھندي رھي.
ٿوري عرصي پڄاڻان ڪشمير جو مھا راجا پرتاب سنگھ پنھنجي مھا راڻيءَ سان گلگت جي دوري تي آيو. امڙ، مھا راڻيءَ سان پنھنجي اندر جو ڏک سور اوريو. مھا راڻي پڻ سادڙي عورت ھئي. جلال ۾ اچي وئي؛ ”ھاءِ ھاءِ اسان جي راڄ ۾ اھڙو قِيس! مان اڄ ئي مھا راجا کي ٿي چوان ته اھو عبدالله صاحب جي خبر وٺي.“
جڏھن اھو مقدمو مھا راجا پرتاب سنگھ وٽ پڳو ته ان عبدالله صاحب کي گھرائي پڇا ڳاڇا ڪئي. عبدالله صاحب پڻ حيران ھو ته ويٺي ويٺي ھيءَ ڪھڙي آفت اچي نازل ٿي. ليڪن جڏھن معاملي جي تھ تائين پھتو ته ٻئي ڏاڍو کليا. ماڻھو ٻئي وضع قطع وارا ھئا. بھرحال مھا راجا حڪم جاري ڪيو ته اڳتي لاءِ گلگت جي گورنريءَ کي وزارت ۽ گورنر کي ”وزارت جو وزير“ جي نالي سان سڏيو وڃي. ۱۹۴۷ع واري آزاديءَ جي جنگ تائين گلگت ۾ اھي سرڪاري اصطلاح رائج ھئا.
اھو حڪم نامو ٻڌي مھا راڻيءَ امڙ کي گھرائي خوشخبري ٻڌائي ته؛ ”مھا راجا، گورنريءَ کي ڏيھ مان تڙائي ڇڏيو آھي. ھاڻي تون ويٺي کير ۾ وھنج ۽ پٽن سان کيڏ.“ تنھن کانپوءِ مھا راڻيءَ چيس؛ ”ڪڏھن اسان لاءِ به دعا ڪجانءِ!“
مھا راجا ۽ مھا راڻيءَ کي ڪوبه اولاد نه ھو. ان ڪري اڪثر امڙ کي دعا جي فرمائش ڪندا ھئا. اولاد جي معاملي ۾ امڙ ڇا واقعي خوشنصيب ھئي؟ اھو ھڪڙو اھڙو سواليه نشان آھي جنھن جو جواب سولائيءَ سان نٿو سُجھي.
امڙ پنھنجو پاڻ ئي ته چوندي ھئي ته سندس جھڙي خوشنصيب ماءُ دنيا ۾ ورلي ھوندي. ليڪن اگر صبر، شڪر ۽ رضا ۾ راضي رھڻ واري عينڪ کي لاھي ڏٺو وڃي ته انھيءَ خوشنصيبيءَ جي پردي ۾ ڪيترا ڏک، ڪيترا غم، ڪيترا صدما نظر اچن ٿا. الله سائينءَ امڙ کي ٽي ڌيئر ۽ ٽي پٽ عطا ڪيا ھئا. ٻه نياڻيون شاديءَ جي ٿوري عرصي بعد ھڪٻئي پٺيان مري ويون. مڙني کان وڏو پٽ ڦوھ جوانيءَ ۾ انگلستان پھچي گذاري ويو.
چوڻ ڪاڻ ته امڙ چئي ڇڏيو ته؛ ’الله جي شيءِ ھئي الله وٺي ڇڏي.‘ ليڪن ھن پنھنجي منھن لڪي لڪي رت جا ڳوڙھا ڪونه رنا ھوندا؟!
جڏھن عبدالله صاحب گذاري ويو ان وقت سندس عمر ٻاھٺ سال ۽ امڙ جي عمر پنجونجاھ سال ھئي. ٽپھريءَ جو وقت ھو. عبدالله صاحب کھري واڻ جي کٽ تي پنھنجي نيم سارو وھاڻي تي ٽيڪ ڏيو آھليو پيو ھو. امڙ منجيءَ تي ويٺي چاقوءَ سان ڪمند جا ڳنا ڇليندي ڏيندي پئي ويس. ھو مزي مزي سان ڳنا چٻاڙيندو ۽ چوپيندو به پئي ويو ۽ ڀوڳ ٺڪاءَ به ڪري رھيو ھئس. پوءِ اوچتو گنڀير ٿي چوڻ لڳس؛ ”ڀاڳڀري! پرڻي کان اڳ ميلي ۾ مون توکي يارھن پئسا ڏنا ھئا انھن جي موٽائي ڏيڻ جو وقت اڃان نه آيو آھي ڇا؟“
امڙ نئين نويلي ڪنوار وانگر جھنڊ ھنئي ۽ ڳنو ڇلڻ ۾ کُپي وئي. سندس سيني ۾ ھڪ ئي وقت گھڻا خيال اٻڙڪو ڏئي اڀريا؛ ”اڃان وقت ڪاٿي آيو آھي! سرتاج! پرڻي کان اڳي وارا يارھن پئسا ته وڏي ڳالھ آھن. ليڪن پرڻي کانپوءِ جھڙيءَ طرح تو مون سان نباھ ڪيو آ، تنھن تي ته مون کي تنھنجا پير ڌوئي پيئڻا آھن. پنھنجي چمڙيءَ مان چاکڙيون ٺھرائي توکي پاکڙيون ڪري پارائڻيون آھن. اڃان وقت ڪاٿي آيو آ سرتاج!“
ليڪن قضا ۽ قدر جي وھي کاتي ۾ وقت ٿي چڪو ھو. جڏھن امڙ ڪنڌ مٿي کنيو ته عبدالله صاحب ڪمند جي ڇيت وات ۾ جھليو وھاڻي تي ستو پيو ھو. امڙ ڏاڍو ئي سڏ ڪيس، لوڏيس، ڌونڌاڙيس، ٻُچڪاريس. ليڪن عبدالله صاحب اھڙي ننڊ ستو ھو جنھن مان جاڳ قيامت کان اڳي ٿيڻ ممڪن ئي ناھي.
امڙ پنھنجي بچيل ٻن پٽن ۽ ھڪ ڌيءَ کي ڇاتيءَ لائي لائي تلقين ڪئي؛ ”ٻچا! روئو متان! اوھان جو ابو جنھن آرام سان ستل ھو تنھن آرام سان ھليو ويو. ھاڻي روئو متان! سندس روح کي تڪليف پھچندي.“
چوڻ ڪاڻ ته امڙ چئي ڇڏيو ته؛ ’پنھنجي پيءُ جي ياد ۾ نه روئجو، ورنه ته ان کي تڪليف پھچندي.‘ ليڪن ڇا ھوءَ لڪ ڇپ ۾ ان مڙس جي ياد ۾ نه رُني ھوندي، جنھن ٻاھٺ سال جي عمر تائين کيس الھڙ ڪنوار سمجھيو ۽ جنھن گورنريءَ کان علاوه سندس سر تي ڪا پھاڄ اچي نه ويھاري.
جڏھن ھوءَ پاڻ ھلي وئي ته پنھنجي ٻچڙن لاءِ ھڪڙو سواليه نشان ڇڏي وئي، جيڪو قيامت تائين کين عقيدت جي رڻ ۾ روليندو رھندو.
اگر امڙ جي نالي تي خيرات ڪجي ته يارھن پئسن کان وڌيڪ ھمت نٿي ٿئي. ليڪن مسيت جو ملو پريشان آھي ته بجليءَ جو اگھ وڌي ويو آھي ۽ تيل جي قيمت چوٽ چڙھي وئي آھي.
امڙ جي نالي تي خيرات جي ماني ڏجي ته مڪئيءَ جو لولو ۽ لوڻ مرچ واري چٽڻي اکين اڳيان ٿا اچن. ليڪن کائڻ وارو درويش ٿو چوي؛ ’فاتح ۾ پلاءُ ۽ چاشنيءَ جو اھتمام ضروري آھي.‘
امڙ جو نالو ٿو اچي ته اُڇلون ڏيئي روئڻ لاءِ دل ٿي گھري. ليڪن روئجي ته ڀئو ٿو ٿئي ته متان سندس روح کي تڪليف نه پھچي ۽ اگر سُن ٿو ڦڪجي ته خدا جو قسم سُن ڦڪڻ ڏاڍو ڏکيو آهي.
***

