ڪي پي جي مڪاني چونڊن ۾ پي ٽي آءِ کي ڪيترين ئي جڳهين تي اپ سيٽ شڪست
خيبر پختونخواهه جي مڪاني چونڊن ۾ حڪمران پارٽي پي ٽي آءِ کي ڪيترين ئي جڳهين تي اپ سيٽ شڪست ٿي آهي. خيبر پختونخواهه ۾ مڪاني ادارن جي چونڊن جي پهرين مرحلي ۾ پي ٽي آءِ کي نه رڳو اپ سيٽ شڪست ٿي، پر هن جي مخالف جماعت جي يو آءِ ف هن کان اڳتي به نڪري وئي، چئن شهرن ۾ ميئر جون چونڊون ٿي رهيون آهن، جن مان مردان ۾ اي اين پي ۽ ڪوهاٽ ۾ جي يو آءِ (ف) جا اميدوار ڪامياب ٿيا آهن. جڏهن ته ٻين ٻن شهرن ۾ پي ٽي في الحال پوئتي نظر اچي رهي آهي. 64 تعلقن مان 19 تي جي يو آءِ اڳتي آهي، پي ٽي آءِ 15 ۽ 12 تعلقن تي آزاد اميدوار اڳتي آهن. جڏهن ته 8 تعلقن ۾ عوامي نيشنل پارٽي کي برتري حاصل آهي. جماعت اسلامي 3، تحريڪ اصلاح پاڪستان ۽ مسلم ليگ ن 2 جڏهن ته پيپلز پارٽي هڪ تعلقي ۾ اڳتي آهي.

