خاص

آمريڪا ڀارت سان سفارتي لاڳاپن ۾ گهٽتائي جو اشارو ڪري ڇڏيو

ڀارت ۾ آمريڪا جي سفير ايرڪ گارسيٽي ڀارت سان سفارتي لاڳاپن ۾ گهٽتائي جو اشارو ڏيندي چيو ته آمريڪا کي اڻ ڄاتل مدي تائين ڀارت سان پنهنجا رابطا منقطع ڪرڻا پوندا. هرديپ سنگهه جي قتل واري جهڳڙي سبب ڀارت-آمريڪا لاڳاپا وڌيڪ خراب ٿي سگهن ٿا. ٻئي پاسي پرڏيهي معاملن جي آمريڪي ترجمان ميٿيو ملر چيو آهي ته خالصتان تحريڪ ۽ سکن جي احتجاجي مظاهرن کي آمريڪا جي حمايت حاصل آهي، ڀارت کي هرديپ سنگهه جي قتل جي تحقيقات ۾ ڪينيڊا سان تعاون ڪرڻو پوندو.