پاڪستانخاصنيو‍‍ز

ايندڙ سيٽ اپ نگران حڪومت جي فيصلن کي تسليم ڪندو: اسحاق ڊار

اڳوڻي وزير خزانه اسحاق ڊار ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته نگران حڪومت جي روزانو ڪمن ڪارين تي قانونسازي ڪئي وئي ڇو ته ڪوبه ملڪ 6، 7 مهينا نگران سيٽ اپ کي رڳو حاضري لڳائڻ تائين محدود نٿو ڪري سگهي. هيءَ حڪومت ٻطرفن فيصلن معيشت، نجڪاري ۽ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنر تي فيصلا ڪري سگهي ٿي. اليڪشن ايڪٽ ۾ روزانه جي ڪمن تي قانونسازي ڪئي وئي. ان ڪري ايندڙ سيٽ اپ نگران حڪومت جي فيصلن کي تسليم ڪندو.