ايران تي حملي لاءِ تياريون مڪمل آهن: اسرائيل
اسرائيل چيو آهي ته ايران تي حملي لاءِ تيارين کي وڌيڪ بهتر بڻائي ڇڏيو آهي. اسرائيل جي سبڪدوش ٿيڻ واري وزير دفاع بيني گينز بيان ۾ چيو آهي ته ايران جي فوجي تنصيبات کي نشانو بنائڻ لاءِ تيارين کي وڌيڪ بهتر بڻايو آهي. اسرائيلي وزير دفاع جو وڌيڪ چوڻ هو ته ڪنهن به اسرائيلي فضائيه کي ايران تي حملي جو حڪم ڏئي سگهجي ٿو. اسرائيلي فضائيه جا پائلٽس ٻن يا ٽن سالن ۾ ايران جي جوهري تنصيبات تي حملو ڪري سگهن ٿا. هن ڪم لاءِ ڪجهه ئي سالن ۾ تياريون بهتر ڪيون آهن. ايران کي جوهري بم جي حصول کان روڪڻ لاءِ ڪوبه ضروري قدم کڻنداسين.

