خاص

اسان 5 کان 10 هزار پاڪستاني طالبان کي افغانستان مان آڻڻ پئي چاهيو: عمران خان

پنهنجي دور ۾ افغانستان ويل 40 هزار ماڻهن کي پاڪستان ۾ آباد ڪري رهيا هئاسين، انهن ۾ 5 کان 10 هزار ويڙهاڪ هئا، پر نئين حڪومت ان معاملي تي وڌيڪ ڌيان نه ڏنو. اسان جي حڪومت هلي وئي ته سياسي جماعتن ۽ اسٽيبلشمينٽ جو ڌيان ٽي ٽي پي تان هٽي ويو ۽ طالبان کي اڀرڻ جو موقعو مليو، ملڪ جي پرڏيهي پاليسي درست ناهي. آمريڪي ڊالرن لاءِ ٻين جي جنگ وڙهندا رهياسين، افغان طالبان ۽ پاڪستاني طالبان ۾ فرق ڪرڻ گهرجي، يوڪرين جنگ سان تيل ۽ گئس جون قيمتون وڌيون آهن. ايندڙ چونڊن ۾ ڪابه پوليٽيڪل انجنيئرنگ ڪئي وئي ته نتيجا سٺا نه نڪرندا، اوڀر پاڪستان ۾ به سڀ کان وڏي سياسي جماعت جو مينڊيٽ تسليم نه ڪيو ويو ته ملڪ ٽٽي ويو، پي ڊي ايم ڊرائنگ روم جي سياست پئي ڪري، اسان جو ملڪ ڏيوالي جي ويجهو آهي، جنرل باجوا وڏو ظلم ڪيو، پ پ ۽ نواز ليگ سان ميثاق معيشت ڪيئن ڪري سگهون ٿا؟