اردو ادب جو وڏو نالو راحت اندوري 70 ورهين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو
عالمي شهرت رکندڙ اردو شاعر راحت اندوري 70 سالن جي عمر ۾ لاڏاڻو ڪري ويو آهي. ڀارتي ميڊيا رپورٽن مطابق راحت اندوري جي هڪ ڏينهن پهرين ڪورونا وائرس جي تشخيص ٿي هئي ۽ هو ڀارتي شهر اندور جي هڪ اسپتال ۾ علاج هيٺ هو. راحت اندوري جيڪو اردو مشاعرن جي جان سمجهيو ويندو هو، ذيابيطس، گردن ۽ دل جي بيماري ۾ پڻ مبتلا هو. ڀارتي ميڊيا جي رپورٽن مطابق ڪورونا جي علاج دوران کيس ٻه دل جا دورا پيا جنهن سبب هو لاڏاڻو ڪري ويو. هن جي موت کان ڪجهه وقت اڳ راحت اندوري سوشل ميڊيا تي دعا جي درخواست ڪئي هئي. هن پنهنجي منفرد ۽ اثرائتي بيانن جي ڪري سڄي دنيا ۾ سڃاتو ويندو هو. راحت اندوري جا ڪيترائي شعر ۽ نظم عوام جي زبان تي رهن ٿا ۽ هن جا شعر هندستان ۾ سياسي جلسن ۾ جوش وڌائين ٿا. هندستاني شاعر جاويد اختر چيو آهي ته راحت اندوري حبيب جالب وانگر شاعرن جي هن ختم ٿيندڙ قبيلي سان تعلق رکي ٿو، جن کي سچ ڳالهائڻ جي همت هئي.

