عمرڪوٽ ۾ هڪ مريض ۾ ڪورونا مثبت اچي ويو، حيدرآباد منتقل

عمرڪوٽ ۾ ڪورونا وائرس جي پکڙجڻ کي روڪڻ لاءِ سخت حفاظتي انتظام ڪرڻ باوجود گذريل ڏينهن ٽراما سينٽر ڪراچي ۾ ڪرنگهي جو علاج ڪرائڻ لاءِ داخل چانيها پاڙي عمرڪوٽ جي رهواسي 35 سالن جي نوجوان کي عمرڪوٽ پهچڻ تي ڪورونا جي تصديق ڪئي وئي آهي، جنهنڪري شهر ۾ خوف ۽ حراس پکڙجي ويو آهي. جڏهن ته پوليس ۽ رينجرز اطلاع تي چانيها پاڙي کي ڪڙو چاڙهي مريض کي فوري طور حيدرآباد منتقل ڪري گهر ڀاتين کي ڪورنٽائن ڪري ڇڏيو آهي. ذريعن موجب نوجوان هڪ هفتو اڳ عمرڪوٽ ۾ حادثي ٿيڻ سبب زخمي ٿي پيو هو جنهن ۾ سندس ڪرنگهي جي هڏي ٽٽي پئي هئي، جنهن سبب کيس ٽراما سينٽر ڪراچي ۾ داخل ڪيو ويو هو
