ڪراچي ۾ پالتو ٻلي واپس نه ڪرڻ جو معاملو عدالت پهچي ويو
علاج لاءِ نجي اداري کي ڏنل پالتو ٻلي مبينه طور تي واپس نه ڪرڻ واري معاملي ۾ خاتون وڪيل اداري جي مالڪياڻي ۽ ٻين خلاف عدالت سان رجوع ڪري ڇڏيو. ملير ڪراچي جي ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج ايس ايڇ او ملير ڪينٽ کان واقعي جي رپورٽ طلب ڪري ورتي. درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته 19 آگسٽ تي نجي اداري ملازم کي پنهنجي ٻلي علاج لاءِ ڏني هئي، جنهن جي ٽنگ تي معمولي زخم هو. درخواستگذار مطابق ٻلي واپس وٺڻ وئي ته نه اندر اچڻ ڏنو ويو ۽ نه ٻلي واپس ڪئي وئي. 21 آگسٽ تي ٻڌايو ويو ته ٻلي مري وئي آهي. درخواستگذار جو اهو به چوڻ آهي ته ٻليءَ جي لاش گهري ته اها به نه ڏني وئي، بلڪه ڌمڪيون ڏنيون ويون. عدالت کان درخواست آهي ته ذميدارن خلاف مقدمو درج ڪرڻ جو حڪم ڏنو وڃي.